برسات سبب ٻوڏ جو خطرو ۽ لاڳاپيل ادارن جون ذميواريون

سموري سنڌ ۾ برسات جو سلسلو جاري آھي، ڪٿي گھٽ تھ ڪٿي وڌيڪ برسات پئجي رھي آھي.موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب اڄ پڻ سنڌ ۾ برسات پوندي.جنھن سان علائقن ۾ پاڻي جمع ٿيڻ ۽ شهري ٻوڏ جو خدشو آهي. ڪراچي ۾ پڻ ڪافي علائقن ۾ ڪالھھ خاصي  برسات  پئي آهي،

موسميات کاتي موجب مون سون جا سخت اثر سنڌ  ۾ پوندا. جمعي ۽ ڇنڇر واري ڏينھن  سکر ۽ مٿين ضلعن ۾ معمول کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي. روهڙي ۾ ھڪ ڏينھن اندر سڀ کان وڌيڪ 16 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. گهوٽڪي، سکر، خيرپور، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ شڪارپور جي هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي گڏ ٿي وڃڻ ڪري شھرين کي پريشاني کي منھن ڏيڻو پيو آھي. اھڙين برساتن سبب ٻوڏ جو خدشو  پيدا ٿي پيو آھي.

موسميات کاتي چيو آهي ته برساتن جو نئون سسٽم پڻ  ملڪ ۾ داخل ٿي ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ بلوچستان، سنڌ ۽ پنجاب ۾ 18 کان 24 آگسٽ تائين تيز برساتن جو امڪان آهي. سنڌ ۾ نوابشاهه ۽ سکر ۾ ڪجهه هنڌن تي اربن فلڊنگ جو خطرو آهي. موسميات کاتي گهوٽڪي، سکر، خيرپور، ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻي، قمبر، شهدادڪوٽ، نوشهروفيروز، شهيد بينظير آباد، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، سانگهڙ، ڄامشوري ۽ دادو ۾ وقفي وقفي سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. اها صورتحال 19 آگسٽ تائين برقرار رهندي. ڪراچي، ٿرپارڪر، ٺٽو، بدين، حيدرآباد، مٺي، ٽنڊ محمد خان، سجاول ضلعن ۾ به گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. اين ڊي ايم اي موجب تيز برسات پوندي.

ٻئي پاسي لاهور، سيالڪوٽ ۽ نارووال شھرن ۾ پڻ  ٻوڏ جو خطرو ڄاڻايو ويو آهي، چناب درياهه ۾ وچولي درجي ٻوڏ جو خدشو آهي. بلوچستان ۾ قلات، زيارت، زوب ۽ ڪوئيٽا ھن برسات واري سسٽم جي  اثر هيٺ هوندا.ھن برساتي موسم ۾ عام ماڻھو کي گھرجي تھ اھي  برسات واري  اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي پنهنجي سرگرمين جي مناسب رٿابندي ڪن  ۽ ٻين ماڻهن کي پڻ موسم جي لحاظ سان خبردار رھڻ گھرجي.جيئن ڪنھن امڪاني پريشاني کان بچي سگھجي.

ھن موسم ۾ ٻارڙن جي صحت ۽ ان جي سرگرمين تي پڻ نظر رکڻ گھرجي، ڪوشش ڪري برسات دوران بجلي جي ٿنڀن کان پاسي تي رھجي، جڏھن تھ ان دوران ڪجھھ عرصي کان وڄ ڪرڻ ۽ ان سان نقصان بھ ٿيندا رھيا آھن، جنھن ڪري پنھنجي مٽن مائٽن ۽ ٻارن کي محفوظ ڪرڻ ڏانھن ڌيان ڏيڻ گھرجي. جئين ڪنھن امڪاني نقصان کان بچاءَ ممڪن ٿي سگھي.هن سال گرمي جي شدت معمول کان تمام گهڻي هئي. مون سون جي آمد سان موسم ڪجهه بهتر ٿي وئي آهي، پر گھٽ ٻوسٽ  اڃا تائين جاري رھڻ جي ڪري  زندگي  جا معاملا اڃان معمول تي اچڻ نه ڏنا آھن، ساڳئي وقت برساتن سبب ندين، واهن ۽ دريائن ۾ آيل پاڻي سڄي ملڪ کي ٻوڏ واري صورتحال جي خطرن  جي گھنٽي وڄائي رھيو  آهي.

سنڌ ۾ چوماسي جي موسم ھلي پئي. ٻھراڙين جي علائقن ۾ ٻني ٻاري واري ماڻھن جي لاءِ پاڻي مھيا ڪندڙ ڪئنالن، واھن،شاخن ۽ واٽرڪورسن  جو ھڪ نيٽ ورڪ ھوندو آھي.جيڪو ھن مينھوڳي ۾ متاثر ٿئي ٿو.سنڌ جي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ آباديءَ ٻھراڙي سان لاڳاپيل آھي، جتي ننڍيون وڏيون مارڪيٽون شھرن جي نالي سان سڏجن ٿيون، پر انھن کي بھ شھر نھ سڏجڻ گھرجي جو اتي شھرن جھڙي ڪا سھولت نھ ھوندي آھي.بس رڪارڊ جي پيٽ ڀرڻ جي لاءِ اھي شھر آھن، حڪومت جي لاڳاپيل آبپاشي کاتي جي مٿان اھا ذميداري لاڳو ٿئي ٿي تھ اھا برسات جي مند ۾ واھن ۽ ڪئنالن جي بندن ۽ ڪپرن کي مضبوط ڪري جئين ڪو گھارو نھ پوي.ممڪن آھي آبپاشي کاتي جي لاءِ اھا معمولي ڳالھھ ھجي پر ان سان غريب غربي جي ٻني ٻاري ۾ پوکيل فصلن جي ٻڏڻ سان ھن جي ڇھن کان ٻارھن مھينن جي محنت زيان ٿيڻ جو خطرو رھي ٿو. ھلڪي برسات سان مٿاھين علائقن جھڙوڪ  جبل تان پاڻي آھستي آھستي ھيٺ لھندو،نئين جي نيٽ ورڪ ذريعي ڪنھن ڍوري، واھن يا نئين ۾ اچي ڪري تيز وھڪري جي صورت اختيار ڪري وٺندو آھي.جنھن سان بھ نقصان جو امڪان رھي ٿو. برسات جي ڪري ڪمزور ٿيل بندن جي ٽٽڻ جو خطرو ھر وقت رھي ٿو. جنھن ڪري  سنڌ ۾ واھن ۽ شاخن کي گھارا پئجي سگھن ٿا.

موسميات کاتي وارن تھ غيرمعمولي برسات جي اڳڪٿي ڪئي آھي، جنھن ڪري اڳي ئي عذاب ڀوڳيندڙ  ماڻھن ۾ خوف پئدا ٿي ويو آھي.پر سنڌ حڪومت، سنڌ ڊزاسٽر مينجيمنيٽ توڙي آبپاشي کاتي پاران ڪو تحرڪ يا اڳواٽ ڪيل انتظام ڏسڻ ۾ نھ پيو اچي.جنھن ڪري سنڌ جي ٻھراڙي جي عام ماڻھن جي ڏکن سورن ۾ اضافي جو امڪان آھي. اسان جي گذارش آھي تھ سنڌ ۾ واھن ۽ ڪئنالن جي نيٽ ورڪ جي نگراني ڪندي ڪنھن امڪاني گھاري پوڻ کي روڪيو وڃي، ڳوٺن ۽ ٻني ٻاري ۾ پوکيل فصلن کي پاڻي ۾ ٻڏڻ کان بچايو وڃي. برسات جو وڌيڪ اثر بي پھچ ۽ غريب غربي تي پوي ٿو، ننڍن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ مڪاني ادارن جي موجود ھجڻ باوجود ھر ھنڌان اھا دانھن ايندي رھي ٿي تھ اتي جي شھر ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيھي رھيو آھي ۽ ماڻھن کي ڪم ڪار يا  ڪنھن ايمرجنسي ۾ نڪرڻ ۾ تڪليف کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. اميد تھ ماڻھن کي ھن مينھوڳي ۾ رسندڙ تڪليف دور ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي ھدايت ڏئي ان جي سخت مانيٽرنگ ڪندي ۽ اھڙو ڪو مثال قائم ٿيندو، جنھن جو حوالو جتي ڪٿي ڏئي سگھجي.  وزيراعظم شهباز شريف نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، پي ڊي ايم ايز، ريسڪيو اينڊ رليف، سول ڊفينس، ضلعي انتظاميا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته اھي هاءِ الرٽ رهن ۽ 25 آگسٽ تائين مانيٽرنگ ڪندا رھن.

پاڪستان ۾ هر سال مون سون جي برساتن ۽ ٻوڏن سبب انساني جانين، چوپائي مال، رهائشي گهرن ۽ فصلن کي سخت نقصان پهچندو آهي.لاڳاپيل کاتن پاران اڳواٽ کنيل قدمن سان جي امڪاني نقصان کي گھٽ کان گھٽ ڪري سگھجي ٿو. پاڪستان هن وقت سخت معاشي بحران جو شڪار آهي. ٻوڏ جون آفتون ان ۾ وڌيڪ اضافو ڪري سگهن ٿيون، ان ڪري ضروري آهي ته لاڳاپيل ادارا چوڪس رهن ۽ جتي به ضرورت هجي ماڻهن جي مدد ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.