ڪراچي( رپورٽر) سکر جي سنگرار شهر مان اغوا ٿي ويل معصوم نياڻي پريا ڪماري، ڪراچي مان گم ٿيل نياڻي سويرا چانڊيو، جيڪب آباد مان اغوا ٿي ويل معصوم صدام لاشاري جي بازيابي لاءِ پريا ڪماري بازيابي ڪميٽي جو ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين طرفان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن لياقت جلباڻي، آفاق ڀٽي، سهڻي پارس، مهيش ڪمار، بخشل ٿلهو، عاليا بخشل، ضياءَ ڀٽي، ميگنا ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته 3 سال گذري ويا آهن پر هن وقت تائين معصوم پريا ڪماري آزاد نه ٿي سگهي آهي، سنڌ حڪومت جيڪي ڪاميٽي جوڙي آهي ان به هن وقت تائين ڪجهه نه ڪري سگهي آهي، پوليس پريا کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. ڪجهه مهينا اڳ ڪراچي مان ڪجهه مهينا اڳ گم ٿي ويل معصوم نياڻي سويرا چانڊيو جي امڙ روزينا ڳالهائيندي چيو ته منهنجي نياڻي گهر مان ڪاوڙجي نڪتي ۽ گهر واپس ناهي آئي، حد جي ٿاڻي تي ڪيس به داخل ٿيل آهي پر پوليس هن وقت تائين منهنجي نياڻي ڳولي نه سگهي آهي. ٻئي طرف جيڪب آباد مان اغوا ٿي ويل معصوم صدام لاشاري جي وارثن چيو ته صدام لاشاري کي جيڪب آباد مان اغوا ڪيو ويو آهي جيڪو هن وقت تائين بازياب نه ٿي سگهيو آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته عوامي آواز جي رپورٽر شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث قاتل هن وقت تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، قتل ۾ ملوث جوابدار نصرالله گڏاڻي جي وارثن کي هراسان ڪري رهيا آهن، شهيد نصرالله گڏاڻي جي وارثن سان گڏ هلندڙ ماڻهن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ٿا وڃن، سکر سينئر صحافي جان محمد مهر جا قاتل به پوليس هن وقت تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد معصوم نياڻي پريا ڪماري، سويرا چانڊيو، صدام لاشاري کي آزاد ڪرايو وڃي ۽ شهيد صحافي نصراللہ گڏاڻي، شهيد صحافي جان محمد جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار گرفتار ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ پريا ڪماري بازيابي ڪميٽي احتجاج جو دائرو وسيع ڪندي.