پشاور (م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ايمل ولي خان چيو آهي ته پاڪستان جا دفاعي ادارا ايترا مضبوط آهن جو 15 ڏينهن ۾ دهشتگردي جو ناسور ختم ڪري سگهن ٿا. مسلم ليگ ن سميت سڀ سياسي پارٽيون چونڊن جي چوري خلاف اينٽي اسٽيبلشمينٽ گرينڊ الائنس ٺاهن، اي اين پي سڀ کان آڏو هوندي. ايمل ولي خان چيو ته عوام جي مسئلن بدران گرينڊ اپوزيشن الائنس کي قيدي 804 جي ڳڻتي آهي، حسينا واجد ۾ فرعونيت اچي وئي هئي ڇو ته هو ڊگهي وقت کان اقتدار ۾ هئي. هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ منظم طريقي سان ٻيهر دهشتگردي ڪئي پئي وڃي. اي اين پي اڳواڻ آءِ پي پيز جي معاملي تي مارچ جو چتاءُ ڏيندي چيو ته حڪومت هڪ مهيني ۾ آءِ پي پيز مسئلي جو حل ڪڍي. چارسده ۾ شهداءِ بابڙه جي يادگار تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 12 آگسٽ 1948 تي 650 پختونن جمهوريت ۽ انساني حقن لاءِ جانيون قربان ڪيون هيون. ڪارڪنن کي خطاب ڪندي هن چيو ته بابڙه ڪيس ٻيهر کوليو وڃي.