ايٽمي ملڪ جو ٻچو ٻچو قرضي آهي: محنتي

ڪراچي (رپورٽر)جماعت اسلامي اڳواڻ ۽  اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته ايٽمي طاقت واري ملڪ جو ٻچو ٻچو قرضي،  عوام زندگي جي بنيادي سهولتن جهڙوڪ صاف پاڻي، بجلي، گيس ۽ تعليم کان محروم آهن، اسلامي نظام ۽ اهل ديانتدار قيادت ئي ملڪ کي موجوده بحرانن مان نجات ڏياري سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قباءَ آڊيٽوريم ۾ ضلعي اميرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته 14 آگسٽ جو ڏهاڙو اسان جي تاريخ جو اهم ۽ يادگار ڏينهن آهي، 14 آگسٽ جي ڏينهن تي جماعت اسلامي پاران ريليون، سيمينار، مذاڪرا ۽ پرچم ڪشائي جا ميڙاڪا منعقد ڪيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.