ميرپورماٿيلي واسي مغوي جو پٽ پوليس گاڏي کي حادثي ۾ فوت، لاش رکي ڌرڻو

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: پريم راٺوڙ) ميرپورماٿيلي واسي مغوي سھراب کٽياڻ جي بازيابي لاءِ پنجاب ويندڙ پوليس سان مبينا حادثو پيش آيو، نتيجي ۾ مغوي جو نوجوان پٽ سعيد احمد کٽياڻ فوت ٿي ويو ۽ 5 اهلڪار آصف ڪلھوڙو، نور محمد، ساوند، ديدار  ۽ عبدالواحد معمولي زخمي ٿي پيا. ان سلسلي ۾ ميرپورماٿيلو پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو گاڏي جي ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب پيش آيو آهي، ٻي پاسي واقعي جو اطلاع ملڻ بعد فوتي نوجوان جا وارث ۽ کٽياڻ برادري جي ماڻھن ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس آڏو ڌرڻو ھڻي ويهي رهيا، ايس ايڇ او ميرپورماٿيلو قابل ڀيو خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اعظم کٽياڻ، وزير کٽياڻ ۽ ٻين چيو ته  ميرپورماٿيلو پوليس اسان کي چيو ته اوھان جو مغوي پيرسن سهراب کٽياڻ پنجاب جي علائقي مظفر ڳڙهه ۾ موجود آهي ھڪ لک روپيو کڻي ٿاڻي تي پھچو ته مغوي کي ڇاپو ھڻي بازياب ڪرائي اچون، جنهن بعد پوليس مغوي جي پٽ سعيد کٽياڻ کي ساڻ ڪري ناڪاره پوليس موبائيل تي سوار ٿي وڃي رهيا هئا، موبائل ڊرائيور بدران ھيڊ ڪانسٽيبل اعجاز گڏاڻي گاڏي هلائي رهيو هو ته پوليس موبائل سان حادثو پيش آيو. هنن وڌيڪ چيو ته حادثي کي تسليم نه ٿا ڪريون، هي سڌ سنئون منصوبابندي تحت نوجوان جو قتل آهي، حادثي جو ڊرامو رچايو پيو وڃي.قتل جا ذميوار ايس ايڇ او ميرپورماٿيلو قابل ڀيو ۽ ھيڊ ڪانسٽيبل اعجاز گڏاڻي آھي.ھوڏانھن ايس ايس پي گھوٽڪي سمير نور چنه نوٽس وٺندي ايس ايڇ او ميرپورماٿيلو قابل ڀيو ۽ ھيڊ ڪانسٽيبل اعجاز گڏاڻي کي معطل ڪري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.