جنرل رٽائر فيض حميد 9 مئي واقعن جو ماسٽر مائنڊ، ڪورٽ مارشل ڪارروائي شروع

راولپنڊي ( م ڊ) پاڪ فوج انٽرسروسز انٽيلجنس ( آءِ ايس آءِ ) جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل (ر ) فيض حميد کي فوجي تحويل  ۾ ورتو ويو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري ( آءِ ايس پي آر ) موجب، ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ فيض حميد کي خانگي هائوسنگ اسڪيم ٽاپ سٽي ڪيس ۾ مداخلت سميت پاڪستان آرمي ايڪٽ جي ٻين ڀڃڪڙين تي فوجي تحويل ۾ وٺي سندس خلاف فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب، ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد خلاف پاڪستان آرمي ايڪٽ جي قلمن تحت ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي تعميل ڪندي تفصيلي ڪورٽ آف انڪوائري ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب، پاڪ فوج طرفان فيض حميد خلاف ٽاپ سٽي ڪيس ۾ شڪايتن جي درستگي جو پتو لڳائڻ لاءِ انڪوائري ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فيض حميد خلاف رٽائرمينٽ کانپوءِ پاڪستان آرمي ايڪٽ ضابطن جون ڪيئي ڀڃڪڙيون ثابت ٿي چڪيون آهن. آءِ ايس پي آر موجب، ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي فوجي تحويل ۾ ورتو ويو آهي ۽ سندس خلاف فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر  پاڪ فوج ۾ سخت احتساب جي عمل تي واضح بيان ڏئي چڪو آهي. هن پريس ڪانفرنس ۾ پاڪ فوج جي خود احتسابي نظام جا تفصيل بيان ڪري چڪا آهيون. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته پاڪ فوج ۾ خود احتسابي جو عمل هميشه جاري آهي، جيترو اعليٰ عهدو هوندو اوترو ئي ذميواريون وڌيڪ آهن، اسان کي پنهنجي احتسابي نظام تي فخر آهي. اسلام آباد جي ٽاپ سٽي هائوسنگ سوسائٽي جي مالڪ ڪنور معيز احمد خان نومبر 2023 ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ درخواست داخل ڪئي هئي جنهن ۾ فيض حميد تي طاقت جي غلط استعمال جو الزام لڳايو ويو هو. معيز احمد خان جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته 12 مئي 2017 تي پاڪستان رينجرز ۽ آءِ ايس آءِ جي اهلڪارن دهشتگردي جي هڪ ڪيس جي سلسلي ۾ معيز احمد خان جي ٽاپ سٽي آفيس ۽ رهائشگاهه تي ڇاپو هنيو ۽ ان دوران انهن وٽان سون، هيرن ۽ سون سميت قيمتي سامان هٿ ڪيو ويو. سندس گهر مان روڪ رقم هٿ ڪئي وئي.

اسلام آباد(عمر چيما+فخر دراني) 9 مئي واقعن ۾ جنرل(ر)فيض حميد ماسٽرمائينڊ هئڻ جو پڪو ثبوت ملي ويو، ان ڪري هن خلاف  ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي،آءِ ايس پي آر جي پريس رليز غيرمعمولي آهي ان ۾ جنرل فيض جي ٽاپ سٽي ۾ ڪرپشن جو ذڪر ٿيل آهي ٻئي اهم حصي ۾ چيو ويو آهي ته جنرل فيض رٽائرمينٽ کانپوءِ اهڙيون سرگرميون ڪيون هيون جيڪي آرمي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي جي زمري ۾ اچن ٿيون ان بنياد تي هن کي فوجي تحويل ۾ ورتو ويو آهي،ذريعن موجب فوج پاران 9 مئي واقعن ۾ جنرل فيض جي ملوث هئڻ جي جاچ ڪئي وئي،ان ڏينهن کان اڳ ۽ بعد ۾ هن جا پي ٽي آءِ اڳواڻن سان رابطا ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،9 مئي تي جنرل فيض کي منصوباساز،عملي جامو پارائيندڙ طور ڏٺو پيو وڃي، ان ڏينهن ڪور ڪمانڊر لاهور، جي ايڇ ڪيو سميت اهم دفاعي تنصيبات تي حملا ڪيا ويا پر 20کان 25 جايون اهڙيون به آهن جيڪي تمام حساس نوعيت جون آهن جتي پي ٽي آءِ ڪارڪنن حملا ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي،انهن حملن جي خبر ميڊيا تي رپورٽ نه ٿي سگهي،انهن جاين تي اندرين سپورٽ کانسواءِ حملا ناممڪن هئا،9 مئي جي حوالي سان رڳو فيض حميد ئي نه مستقبل ۾ ٻيا به نالا سامهون اچي سگهن ٿا،ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي آفيس تي ڇاپي ۾ ڪمپيوٽر به هٿ ڪيا ويا،ان جاچ ۾ فيض حميد جي باري ۾ ڪافي ڳالهيون سامهون آيون، هو سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري رهيو هو، هو پي ٽي آءِ جي روپوش قيادت سان رابطي ۾ هو،فوج جي اندريان ئي ماڻهو پي ٽي آءِ کي هدايتون ڏيڻ ۾ ملوث نڪتا آهن،فيض حميد خلاف ڪارروائي عمران خان لاءِ وڏو ڌڪ ۽ جهٽڪو آهي.

  1. جنرل فيض هفتو اڳ گرفتار ٿيو، ارشد شريف جي قتل ۾ به هٿ؟

اسلام آباد(عمران شفقت)پاڪستان جو سياسي منظرنامو تبديل ٿيڻ جو امڪان،پراجيڪٽ  عمران کي ختم ڪرڻ جو بنياد پئجي ويو، ٽاپ سٽي ڪيس ته بهانو آهي فيض حميد جا اصل ڏوهه ته تمام وڏا آهن،پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ٽيم جي اڳواڻن،رئوف حسن،وقاص جنجوعه جي گرفتاري کانپوءِ جاچ ۾ جيڪا ڊيٽا ملي ان مطابق فيض حميد مختلف فون نمبرن ذريعي پي ٽي آءِ اڳواڻن سان رابطي ۾ هو،انهن سان ملاقاتون ڪندو هو،هو کين رڳو ڏيڍ منٽ جي واٽس ايپ ڪال ڪندو هو،ذريعن موجب فيض حميد کي 23 جولاءِ کانپوءِ جلد ئي گرفتار ڪيو ويو هو،9 مئي کان پنج ڏينهن اڳ فيض حميد ڇا ڪري رهيو هو؟ ڪنهن سان رابطن ۾ هو؟ ذريعن موجب فيض حميد ٽاپ سٽي ڪيس  ۾ ڦاسجڻ کانپوءِ ڪنهن وچين شخصيت ذريعي پاڪستان جي ”طاقتور شخصيت“ سان به ملاقات ڪري وضاحتون ڏنيون هيون،اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته جڏهن جنرل عاصم منير کي آرمي چيف بڻايو ويو ته جنرل فيض حميد ۽ جنرل اظهر هن کان جونيئر هئڻ باوجود استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، حالانڪه استعيفيٰ ته سينئر آفيسر ڏيندا آهن،ان جو مطلب ته انهن ڪجهه غلط ڪيو هوندو،وقاص جنجوعه ۽ رئوف حسن جي گرفتارين کانپوءِ ئي عمران خان اسٽيبلشمينٽ ڏانهن صلح جا پيغام اماڻيا هئا ڇو ته عمران کي خبر پئجي وئي هئي ته هاڻي فيض حميد جو ڪم به لهي ويو آهي ۽ مان به وڌيڪ ڏچي ۾ پئجي ويندس،ذريعن موجب شهيد صحافي ارشد شريف جي معاملي ۾ به جنرل فيض جو هٿ هو،جنرل(ر)هارون اسلم،جنرل(ر)طارق،جنرل (ر)ياسين ۽ هڪ برگيڊيئر (ر) جاويد اڪرم فيض حميد جا 9 مئي ۽ ارشد شريف ڪيس ۾ معاون ۽ مددگار هئا

اسٽيبلشمينٽ ڏيڍسال جي غورويچار بعد فيض حميد خلاف ڪارروائي ڪئي

اسلام آباد(رئوف ڪلاسرا) فوج اندر به ڪجهه حلقا اهڙا هئا جيڪي جنرل(ر)فيض حميد خلاف ڪارروائي خلاف مزاحمت ڪري رهيا هئا،انهن جو اهو اصرار هو ته ڪجهه به ٿي وڃي ڪنهن ٿري اسٽار جنرل خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ گهرجي،ڏيڍ سال جي غورفڪر کانپوءِ فيض حميد کي گرفتار ڪيو ويو،جنرل فيض پي ٽي آءِ لاءِ سرپرست جي حيثيت رکندڙ هو، هن جي گرفتاري پارٽي لاءِ سخت پيغام آهي،اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري اڳوڻي آرمي چيف جنرل اسلم بيگ ۽ آءِ  ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل اسد دراني خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو پر تڏهوڪي آرمي چيف جنرل اشفاق ڪياني ان عدالتي فيصلي تي عمل نه ڪيو، موجوده آرمي چيف جنرل عاصم منير سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪري ڏيکاريو،عمران خان آرمي چيف خلاف مسلسل بيان بازي ڪري هن کان پري ٿيندو ويو، ان ۾ ٿي سگهي ٿو جنرل فيض حميد جو هٿ هجي،پي ٽي آءِ کي سموريون هدايتون اڳوڻو آءِ ايس آءِ سربراهه ڏئي رهيو هو، فيض حميد کي 10 کان 14 سال قيد جي سزا ملي سگهي ٿي.

  1. فيض حميد جو 9 مئي واقعن جي رٿابندي ۾ ڪردار هو: حامد مير

اسلام آباد(م ڊ) سينيئر صحافي حامد مير چيو آهي ته فيض حميد خلاف ٽي چار ٻيا ڪيس به آهن ۽ ٻين ڪيسن ۾ به انڪوائري هلي رهي آهي، ٽاپ سٽي جو ڪيس مشهور آهي ۽ ان بابت تحقيق ڪافي وقت اڳ مڪمل ٿي چڪي هئي.هڪ خانگي ٽي وي تي پنهنجو تجزيو پيش ڪندي حامد مير چيو ته فيض حميد آءِ ايس آءِ جو سربراهه، ڪور ڪمانڊر پشاور رهي چڪو آهي، سندس پاڪستان جي سياسي اشرافيه ۾ تمام گهڻا لاڳاپا هئا، هن پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندي جاچ کان بچڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، هن شهباز شريف سان به ملاقات ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي، ڪابينا جي ڪجهه ماڻهن به سفارش ڪئي پر شهباز شريف ساڻس ڪنهن به قسم جي رابطي ۽ ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو.حامد مير جو چوڻ هو ته ”ان کان پوءِ ڪجهه افواهه پکيڙيا ويا ته جنرل فيض سخت پابندين ۾ آهي، هو جيل ۾ آهي يا نظربند آهي، اهڙي ڪا به ڳالهه نه هئي، هو مڪمل آزاد هو، ان دوران سندس رابطن کي مانيٽر ڪيو پئي ويو،  جنهن دوران اهو به معلوم ٿيو ته جنرل فيض حميد جو 9 مئي 2023ع جي بغاوت جي ڪوشش جي رٿابندي ۾ ڪردار هو.حامد مير دعويٰ ڪئي ته ”گذريل سال فيض حميد بابت ڪجهه ثبوت مليا آهن ته جڏهن هو ڊي جي آءِ ايس آءِ هو ته هن ڪجهه سياسي شخصيتن ۽ صحافين کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان حوالي سان ڪي باقائده ثبوت به مليا آهن.حامد مير چيو ته حڪومت کي ڪجهه ڏينهن اڳ هن جي باري ۾ خبر پئي ته هو اڃا تائين پي ٽي آءِ جي ڪجهه اڳواڻن سان رابطي ۾ آهي ۽ انهن کي ڊڪٽيٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ ان حوالي سان پي ٽي آءِ جي هڪ اڳواڻ پنهنجي پارٽي قيادت کي شڪايت به ڪئي آهي پر کيس چيو ويو ته کيس ٻڌڻ جي ضرورت ناهي، اها ڳالهه حڪومت تائين پهچي وئي ان تي وزيراعظم شهباز شريف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

  1. چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ ٿيڻ ۽ مخصوص سيٽن جو فيصلو نه مڃڻ خلاف تحريڪ هلائينداسين،: عمران خان

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت ٻه ڀاڱي ٽي  اڪثريت حاصل ڪري آئين ۾ تبديلي چاهي ٿي ته جيئن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي ٻيهر چيف جسٽس بڻائي سگهي.اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان پارٽي کي روڊن رستن تي تحريڪ لاءِ تيار رهڻ جي هدايت ڪئي.هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت مخصوص سيٽن جو فيصلو نه مڃيندي ۽ چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ احتجاج ڪنداسين.هن چيو ته اليڪشن کان اڳ 9 مئي جي نالي تي اسان جي پارٽي خلاف ڪريڪ دائون ڪيو ويو، جن 9 مئي جا فوٽيج چوري ڪيا، انهن 9 مئي جي ڪارروائي ڪئي آهي، اسان جي اڌ ليڊرشپ کي پڪڙي جيل ۾ وڌو ويو، اڌ ليڊرشپ انڊر گرائونڊ ٿي وئي، باقي ماڻهن کي ويگو ڊالي ذريعي پارٽي ڇڏرائي وئي.عمران خان چيو ته چيف جسٽس ۽ اليڪشن ڪميشن پاڻ ۾ مليل هئا، آرمي چيف سندن حمايت ڪئي پر 8 فيبروري تي سندس سمورو پلان ناڪام ٿي ويو.بنگلاديش ۽ پاڪستان جي حالتن جي ڀيٽ ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان جون حالتون بنگلاديش کان به خراب آهن، حسينه واجد آرمي چيف، چيف جسٽس ۽ پوليس چيفس پنهنجا مقرر ڪيا پر جماعت اسلامي سميت سموري اپوزيشن کي ڀت سان لڳايو، اهي سڀ شيون پاڪستان ۾ به ٿي رهيون آهن.هن چيو ته 8 فيبروري تي ظلمن باوجود اسان جي پارٽي کٽي آئي، ان وقت 90 سيڪڙو عوام پي ٽي آءِ سان گڏ آهي، بنگلاديش ۾ خالده ضياءَ سان گڏ اها عوام ناهي آهي، جيڪا پاڪستان ۾ عوام پي ٽي آءِ سان گڏ آهي.عمران خان چيو ته راولپنڊي جي اڳوڻي ڪمشنر چيو ته 70 ، 70 هزار ووٽن تان کٽيندڙن کي هارايو ويو.هنن چيو ته هي اسان کي مخصوص سيٽون نه ڏئي رهيا آهن، پهريان هنن ٻن صوبن ۾ چونڊون نه ڪرائي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، هاڻي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ڪري ٻيهر آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن، مون ڪڏهن به پارٽي کي اسٽريٽ موومينٽ جو نه چيو هو، 9 مئي کان اڳ به پرامن احتجاج جو سڏ ڏنو هو پر جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جو فيصلو نه مڃيو ويو ته روڊن رستن تي تحريڪ هلائينداسين.عمران خان چيو ته مان سمجهان ٿو ته ملڪ جي معيشت خراب آهي، احتجاج نه ٿيڻ گهرجن، پر موجوده حڪومت ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪري آئين کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن قاضي فائز عيسيٰ کي ٻيهر چيف جسٽس بڻائي سگهجي، قوم انتظار ڪري رهي آهي. لاوو پچي چڪو آهي، صرف تيلي جي ضرورت آهي ۽ سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويندو، هي جيڪو وڻي سو ڪن، پاڪستاني فوج ماڻهن تي گولي نه هلائيندي، آئون سڏ ڏيڻ وارو آهيان، لاوا پچي ويو آهي ۽ ماڻهو به تيار آهن. عمران خان چيو ته اسان وٽ سائفر جي شڪل ۾ آمريڪا خلاف ايف آءِ آر موجود آهي، خبر ناهي حسينه واجد وٽ ڪهڙي معلومات آهي؟. عمران خان چيو ته اليڪشن ڪميشن فراڊ ڪيو آهي، اسين اميد ڪريون ٿا ته هو انصاف ڪندا، جڏهن اوهان امپائر تي شڪ ڪندا ته انصاف ڪنهن کان گهرندو؟ تنهن ڪري اسان اسٽي وٺي ڇڏيو آهي. عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي روڪڻ لاءِ هنن اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي آهي ۽ هاڻي هو آئين ۾ ترميم ڪري ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪرڻ چاهين ٿا.هن چيو ته جڏهن خبر پوندي ته عمران خان جو اسٽيبلشمينٽ سان رابطو آهي ته ڪانپين ٽانگ جاتي هين!، جيتوڻيڪ منهنجو ڪنهن سان به رابطو نه آهي، ڪا ڳالهه ٻولهه ناهي، مون سياستدانن سان ڳالهين جو اختيار محمود خان اچڪزئي کي ڏئي ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ ڳالهيون نه ڪندي، جيڪڏهن سياستدانن سان ڳالهيون ڪيون ته ان جو مطلب آهي ته اسان موجوده حڪومت کي قبول ڪري ورتو آهي. عمران خان چيو ته جيڪڏهن اسان جا مطالبا رد ڪرڻا آهن ته رد ڪري ڇڏيو، آئون ملڪ لاءِ ڳالهائڻ چاهيان ٿو، پي ٽي آءِ جي شهرت وڌي رهي آهي، توهان کي ڳالهائڻو ناهي ته نه ڳالهايو، مون کي به تڪڙ ناهي، جنرل عاصم منير کي سوچڻ گهرجي قوم ڪهڙو فيصلو ڪري رهي آهي ته ڪٿي بيٺي آهي ۽ فوج ڪٿي بيٺي آهي؟.

  1. پراجيڪٽ عمران:جنرل(ر) باجوا خلاف به ڪارروائي ٿيندي؟

لاهور(امداد سومرو)جنرل فيض حميد جي گرفتاري کانپوءِ ڇا پراجيڪٽ عمران جا ٻيا ڪردار(فوجي شخصيتون) گرفتار ٿيندا؟ فيض حميد جو رڳو ٽاپ سٽي اسڪينڊل ۾ ملوث وارو اڪيلو ڏوهه ناهي، هن جي ڏوهن جي لسٽ وڏي آهي،هڪ نجي ڪچهري ۾ فيض حميد اها ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن منهنجو ڪورٽ مارشل ٿيو ته جنرل قمر جاويد باجوا به نه بچندو،ڇو ته مان جيڪو ڪجهه به ڪيو هن جي حڪمن تي ئي ڪيو هو،جنرل باجوا خلاف ثبوت فراهم ڪندس، ماضي ۾ اڳوڻي آمر جنرل مشرف خلاف غداري جو ڪيس هلي رهيو هو ته فوج هن کي بچائڻ لاءِ وڏي مزاحمت ڪئي، جنرل راحيل شريف ۽ جنرل باجوا ماضي ۾ چئي چڪا آهن ته فوج هڪ فيملي آهي، فوج پنهنجي رٽائرڊ جنرلن جو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿي،فيض حميد پنهنجي وقت جو فرعون هو،عمران خان ۽ فيض حميد فيض آباد ڌرڻي ڪيس کي بنياد بڻائي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس داخل ڪرايو، موجوده آرمي چيف جي مقرري روڪڻ لاءِ سازش ڪئي وئي، فيض حميد 9 مئي واقعن ۾ به ملوث نڪتو،پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن فيض حميد خلاف ثبوت ادارن حوالي ڪري ڇڏيا،جنرل باجوا ۽ جنرل فيض حميد ملڪ خلاف وڏيون سازشون ڪيون

  1. جنرل فيض جي گرفتاري سال جي وڏي خبر،پي ٽي آءِ لاءِ ڌچڪو

اسلام آباد(انصار عباسي) آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل(ر) فيض حميد جي گرفتاري سال جي وڏي خبر آهي، پي ٽي آءِ ۽ عمران خان لاءِ به خراب خبر آهي،پي ٽي آءِ وڌيڪ مشڪلات پيدا ٿي وئي،عمران خان پراجيڪٽ  کي اڳتي وڌائڻ ۾ جنرل(ر) فيض حميد جو به اهم ڪردار هو،عمران خان جنرل باجوا کانپوءِ جنرل فيض حميد کي آرمي چيف بڻائڻ جو خواهشمند هو،جڏهن ته بدنام زمانه فيض آباد ڌرڻي ۾ جنرل(ر) فيض حميد جي ملوث هئڻ جو وڏو هُل هو پر سول حڪومت پاران جوڙيل انڪوائري ڪميشن ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي،اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال سميت حڪومتي شخصيتن فيض حميد جي ملوث هئڻ بابت ڪو به بيان نه ڏنو ان انڪوائري تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو ته اها ڪهڙي انڪوائري آهي جنهن ۾ ڪنهن کي به ذميوار قرار ناهي ڏنو ويو؟ ملڪي تاريخ ۾ فوج ۾ جنرل فيض جي گرفتاري جو ان کان اڳ ڪو وڏو مثال نٿو ملي

  1. جنرل عاصم منير جي آرمي چيف ٿيڻ تي باجوا مخالفت ڪئي هئي: خواجا آصف

اسلام آباد (م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته جيڪي سياسي واقعا ٿيا انهن ۾ جنرل (ر) فيض حميد جو ضرور هٿ هوندو، جنرل باجوا جو ساڻس ويجهو واسطو هو، ٻنهي جا سهرا ويجها ساٿي هئا. فيض حميد پيغام ته ڏاڍا پهچايا. آرمي چيف جي مقرري وقت فيض حميد چيو ته منهنجي مٿي تي هٿ رکو، جنرل باجوا ريٽائرمينٽ کان ڪجهه ڏينهن اڳ فيض حميد جو ساٿ ڇڏي ڏنو هو، هو جنرل فيض کانسواءِ ٻئي نالي تي زور ڏئي رهيو هو. آرمي چيف جي مقرري لاءِ هن اسان مان هڪ ماڻهو پاڻ سان شامل ڪيو. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي بچاءَ واري وزير خواجا آصف جو وڌيڪ چوڻ هو ته جنرل فيض حميد مڙڻ وارو نه هو، جنرل فيض جو ريٽائرمينٽ کانپوءِ به سياسي واقعن ۾ هٿ رهيو، جيڪڏهن 9 مئي ۾ مداخلت جي ڳالهه درست آهي ته اهو اڪيلي فيض حميد جو ڪم نه هوندو، 9 مئي جي حالتن ۽ واقعن جي آڱر فيض حميد ڏانهن اشارو ڪري رهي آهي. هن چيو ته فوج جو اندروني احتساب جو انتظام اثرائتو آهي، فوج جو اندروني نظام متاثر ٿئي ته ميرٽ تي سخت فيصلا ٿيندا آهن، سياسي معاملا اچي وڃن ته شيون بليڪ اينڊ وائيٽ ۾ ناهن رهنديون. هن انڪشاف ڪيو ته 2019 ۾ جنرل فيض سان ملڻ مون سميت 3 ماڻهن کي وڃڻو هو، اڃا اسان ويٺا ئي نه هئاسين ته فيض چيو ته اسان وزيراعظم مان تنگ ٿي ويا آهيون، هڪ صاحب لاهور مان نه پهچي سگهيو، ٻيو عمري تي هو، جيڪي اقتدار جي پٺيان ڊوڙيندا آهن انهن سان ائين ئي ٿيندو آهي، مان پنهنجي ڳالهين تي قسم کڻڻ لاءِ تيار آهيان.

  1. فيض حميد جي گرفتاري سان فوج جي وقار ۾ اضافو ٿيندو: راڻا ثناءَ

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته فيض حميد کي حراست ۾ وٺڻ ۽ ڪورٽ مارشل پاڪ فوج جي عزت ۽ وقار ۾ سنگ ميل هوندو. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته فيض حميد خلاف ڪجهه شيون ضرور ثابت ٿيون آهن، ان ڪري کيس فوجي حراست ۾ ورتو ويو آهي. هن چيو ته ڪورٽ مارشل جو عمل فوجي طريقيڪار موجب اڳتي وڌڻو آهي، فيض آباد ڌرڻي جي معاهدي تي فيض حميد جي صحيح موجود آهن، يقيناً اهي شيون انڪوائري ۾ شامل ڪيون وينديون، فيض ڌرڻي ۾ ماڻهن کي منظم ڪيو ويو هو. هن چيو ته فيض آباد ڌرڻي ۾ ماڻهن کي اٿارڻ ۾ فيض حميد جو ڪردار هو، سپريم ڪورٽ جو حڪم هائوسنگ سوسائٽي بابت هو، هائوسنگ سوسائٽي بابت انڪوائري ڪئي وئي، ان معاملي ۾ اسان کي ان حد تائين محدود رهڻ گهرجي. راڻا ثناءُ الله چيو ته هائوسنگ سوسائٽي جي حوالي سان ڪيتريون ئي بي ضابطگيون سامهون آيون آهن، جيڪڏهن ٻين معاملن ۾ به انڪوائري ٿيندي ته ڳالهيون سامهون اينديون، اسان کي پاڻ کي آءِ ايس پي آر جي بيان تائين محدود رکڻ گهرجي، هي قدم ايوانن جي ڪري آهي. پاڪ فوج جي عزت ۽ وقار لاءِ هڪ سنگ ميل هوندو.

  1. فيض حميد خلاف 6 انڪوائريون جاري

اسلام آباد(م ڊ)تجزئي نگار ارشاد ڀٽي چيو آهي  ته جنرل فيض حميد خلاف ڊي جي سي طور ٽي انڪوائريون،ڊي جي آءِ ايس آءِ ٻه انڪوائريون، ڪورڪمانڊرشپ تان رٽائرمينٽ کانپوءِ هن خلاف ٽي انڪوائريون جاري آهن، انهن ۾ سياسي معاملن واري جاچ به شامل آهي، پاڪ فوج جو اعليٰ سطحي پنهنجي گهر اندر احتساب وڏو قدم آهي،ڪنهن کي گمان ۾ نه هو ته هن خلاف ڪارروائي ٿيندي،سينئر صحافي سليم صافي چيو ته فيض حميد خلاف فوج اندر ڪارروائي غيرروايتي آهي،پاڪستان ۾ ان جو مثال نٿو ملي،ڪو ان جي اميد به نه ڪري رهيو هو، هن چيو ته فيض حميد جيڪي ڪارروايون عهدن تي رهي ڪيون انهن تي ڪارروائي نه ٿيندي ڇو ته اها اداري جي پاليسي هئي،ٽاپ سٽي جو معاملو هن جو انفرادي عمل هو ان ڪري سپريم ڪورٽ به وچ ۾ اچي وئي،

  1. فيض حميد تي ضرور ڪو سنگين ڏوهه هوندو: قمر زمان ڪائره

اسلام آباد(م ڊ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره  ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي فوجي حراست ۾ وٺڻ تي چيو ته جيڪڏهن فوج ڪنهن سينيئر آفيسر خلاف ڪورٽ مارشل شروع ڪيو آهي ته مٿس ڪو سنگين ڏوهه هوندو.قمر زمان ڪائره جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ حڪومت ۽ فوجي اسٽيبلشمينٽ کي پابند بڻايو هو ته ذميوارن خلاف ڪارروائي. هن چيو ته فيض حميد تي رٽائرمينٽ کانپوءِ آرمي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي جو الزام آهي.هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن فوج پنهنجي سينيئر آفيسر خلاف ڪورٽ مارشل شروع ڪيو آهي ته ضرور ڪو سنگين ڏوهه هوندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.