اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته چيئرمين اليڪشن ڪميشن ۽ ميمبر عزت جا حقدار آهن پر بدقسمتي سان ڪجهه جج توهين آميز ريمارڪس ڏين ٿا. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ پنجاب جي قومي اسيمبلي جي 3 تڪن ۾ ٻيهر ڳڻپ واري معاملي تي تفصيلي اڪثريتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي، اليڪشن ڪميشن جا چيئرمين ۽ ميمبر عزت جا حقدار آهن، پر بدقسمتي سان ڪجهه جج ان نقطي کي نظر انداز ڪري تبصرو ڪن ٿا. اڪثريتي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هر آئيني ادارو ۽ آئيني آفيسر احترام جو مستحق آهي، اداري جي ساک تڏهن وڌي ٿي جڏهن اهو احترام جي دائري ۾ رهي پنهنجو فرض سرانجام ڏئي.