بلوچستان ۾ هڪ ڊگهي عرصي کان علحدگي پسند تحريڪ هلي رهي آهي جنهن سبب رياست انهن تي ناراضگي جو اظهار ڪندي رهي ٿي. ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ملڪي سرحدون غيرمحفوظ آهن، پر انهن سرحدي علائقن ۾ بغاوتون وڌنديون رهن ٿيون. اها به حقيقت آهي ته اهي سرحدي علائقا قدرتي وسيلن سان مالا مال آهن، ان ڪري بلوچ عليحدگي پسندن گروهن ۽ اتان جي عام خلق کي اها شڪايت آهي ته بلوچستان صوبي جا ماڻهو غريب ترين آهن، جيڪي انهن معدني ڌن دولت کان محروم رکيا ٿا وڃن. ايراني سيستان وانگي بلوچستان جو علائقو به پکيڙ ۾ سڀ کان وڏو صوبو آهي، پر بدقسمتي سان هن صوبي گذريل ڏهاڪن کان وٺي موتمار حملا ۽ خونريزي جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو ڏٺو آهي. ان ڪري اهڙي محرومي جي ڪري اهي پنهنجن پنهنجن ملڪن کان آزاديءَ جو مطالبو ڪندا رهن ٿا، ان ڪري علحدگي پسند تنظيمن پاران ڏهاڪن کان بغاوت جاري آهي. اهي قومون ان ڳالهھ کان ناراض آهن ۽ چون ٿا ته اها رياست جي اجاراداري آهي ۽ علائقي جي معدنيات جو استحصال آهي. ايران به اهڙي طريقي پنهنجي ڪرد، عرب ۽ بلوچ اقليتن جي هڪ ڊگهي باغي تاريخ کي منهن ڏئي رهيو آهي.
”جيش العدل“ ايران ۾ سرگرم ڪيترن ئي عليحدگي پسند گروپن مان هڪ آهي. اهو اصل ۾ جندالله نالي هڪ وڏي سني ويڙهاڪ گروپ جو حصو هيو، جيڪو 2010 ۾ ايران طرفان ان جي اڳواڻن کي موت جي سزا ڏيڻ کانپوءِ لِڪي ويو. آمريڪي حڪومت جي نيشنل ڪائونٽر ٽيريرزم سينٽر جي مطابق جيش العدل ان جي بدران ظاهر ٿيو ۽ آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ان کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو. نيشنل ڪائونٽر ٽيريرزم سينٽر جي مطابق انهن گروھن اڪثر ڪري ايراني سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ شيعه شهرين کي نشانو بڻايو.
2015 ۾ هن گروھ هڪ حملي جي ذميواري قبول ڪئي، جنهن ۾ اٺ ايراني سرحدي محافظ مارجي ويا هيا، ڏٺ وائٺي پاڪستان کان ايران ۾ داخل ٿيا ۽ 2019 ۾ انهن هڪ خودڪش بم حملي جي ذميواري قبول ڪئي، جن ايراني فوج جي بس کي نشانو بڻايو، جنهن حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 23 سيستاني بلوچ مارجي ويا هيا. پاڪستان تي ايران جي حملي کان هڪ ڏينهن پوءِ جيش العدل سيستان ۽ بلوچستان ۾ ايراني فوجي گاڏي تي حملي جي ذميواري به قبول ڪئي هئي.
حقيقت ۾ رياست جيڪڏهن بلوچن جي ڪاوڙ کي محسوس ڪري ٿي ته پوءِ رياست کي بلوچ نوجوانن کي ٻُڌي. صوبي ۾ سياسي، نظرياتي ۽ سماجي تبديليءَ بابت رياست جانچ ڪرائي ۽ متاثر قومن کي انصاف فراهم ڪري. حالانڪه بلوچ قبيلائي سردارن ۽ نوابن جو پنهنجي قوم سان ايترو واسطو ناهي جيترو رياست جو مٿن ڀروسو آهي، ان ڪري نه ئي بيوروڪريسي ۽ نه ئي سيڪيورٽيءَ جا ادارا ان قابل آهن ته اهي صورتحال جو بامقصد ۽ صحيح جائزو وٺي سگهن. ان معاملي ۾ بلوچستان صوبي اندر جيڪو ڪجهھ ٿي رهيو آهي، ان کان بلوچ نوجوان خوش ناهن. ان کان اڳ نوشڪي ۽ پنجگور ۾ فرنٽيئر ڪَور جي مقامي هيڊ ڪوارٽرز تي ٿيل دهشتگرد حملن هڪ ڀيرو ٻيهر بلوچستان کي بحث مباحثي ۾ ڌڪي ڇڏيو هيو، بحث جو دائرو اڃان تائين معاشي شڪايتن ۽ سياسي پسماندگيءَ جي بيان بازي جي چوڌاري گهمي ٿو ۽ اهڙو بحث عام طور تي بغير ڪنهن حل جي ختم ٿي ٿو وڃي. پر سوال ٿو اٿي ته بلوچستان ۾ نوجوان باغي گروپن ۾ شامل ڇو ٿا ٿين؟ ۽ رياست طرفان ان باغي سببن کي گهٽائڻ لاءِ ڇا ڪيو پيو وڃي، پر ان ڳالھه تي به ڪو به بحث ممڪن ناهي ۽ تمام ٿورڙن ماڻهن ۾ اها جرئت آهي ته هو گم ٿيل ماڻهن جي معاملي کي بحث ۾ آڻين ٿا.
صوبي ۾ بغاوت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گهڻو ڪري ٻاهرين قوتن کي ذميوار قرار ڏنو پيو وڃي، پر ماڻهن جي حق تلفي پوءِ به گھٽ ناهي ٿي. ٻئي طرف افغان طالبان جي قبضي کانپوءِ ڪابل تي الزام لڳائڻ به مشڪل ٿي ٿو وڃي ۽ سوال ٿو اٿي ته انهن شرپسندن کي پاڪستان خلاف پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ جي اجازت ڪنهن ڏني؟ شايد ان ڪري ئي ايران کي به ان ڳالهھ ۾ شامل ڪيو ويو، پر ايران فوري طور تي جواب ڏئي صحيح ڪم ڪيو ۽ پنهنجي گهرو وزير کي پاڪستاني اڳواڻن سان سرحدي سيڪيورٽي جي مفاهمت جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان موڪليو هيو.
اها ڳالھه مڃون ٿا ته تعليم يافته نوجوانن بلوچستان ۾ تڪرار ۽ بغاوت جي محرڪن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري سگھن ٿا ۽ رياست به گذريل 40 سالن کان وٺي ان سخت ڪوشش ۾ رڌل آهي ته ملڪ ۽ صوبي ۾ غيرسياسي شاگرد پيدا ڪيا وڃن، جنهن ۾ رياست گهڻو ڪري حدف حاصل ڪري چڪي آهي. سنڌ حڪومت لڳ ڀڳ چئن ڏهاڪن کانپوءِ صوبي ۾ شاگرد يونين تان پابندي هٽائي، ان عمل کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان مان اميد ڪري سگهجي ٿي ته شاگرد سياست نوجوانن ۾ وڌيڪ سماجي ۽ سياسي شعور پيدا ڪندي، پر بلوچستان جي شاگردن کي سياست ۾ اچڻ وڏو ٽائيم لڳندو. ملڪ جي ٻين حصن وانگر بلوچستان ۾ به تعليم يافته نوجوانن ۾ ٽي نمونا ڏسي سگهجن ٿا. پهريون درجو غيرسياسي شاگرد آهن ۽ شاگردن جي اڪثريت ان سان تعلق رکي ٿي، مذهبي لحاظ کان حساس نوجوان ٿورڙي مقدار ۾ غيرسياسي شعور سان گڏ هڪ ڪيٽيگري جوڙين ٿا ۽ سياسي طور باشعور ۽ سيڪيولر نوجوان ٻي ڪيٽيگري ۾ اچن ٿا ۽ رياستي ادارا ٽئين درجي جي آڻي سگهجن ٿا.
بلوچستان جي نوجوانن جي باري ۾ هڪ ملڪي ٿنڪ ٽينڪ پاران سماجي، مذهبي ۽ صوبي جي سياست تي ڪيل هڪ تازي تحقيق مان معلوم ٿو ٿئي ته منطقي سوچ ۽ استدلال پسند طبقو غيرسياسي شاگردن جي اڪثريت جي تعريف نه ٿو ڪري، جيڪي شايد اعتماد جي کوٽ جو شڪار به هجن ٿا ۽ اعتدال پسند طبقو اهڙن پيچيده خيالن کي پيدا ڪرڻ واري جدوجهد ۾ رڌل آهي. پر رياستي ادارا ان قسم جي انساني وسيلن کي ترجيح ڏين ٿا. اهي شاگرد جيڪي مذهبي جماعتن ڏانهن مائل هوندا آهن، اهي مدرسي جي پسمنظر يا ڪنهن خاص مذهبي جماعت سان لاڳاپيل خاندانن مان ايندا آهن. اهي سماجي ۽ مذهبي اصولن جي باري ۾ حساس رهندا آهن، ۽ دنيا کي تنگ نظرن سان ڏسندا آهن. ان ڪري نه رياست ۽ نه ئي يونيورسٽي انتظاميا اهڙن شاگردن کي پسند ڪري ٿي، جيڪي سوال پڇن ٿا، جيڪي خاص ڪري ملڪ ۾ شهري حقن، سياست ۽ وسيلن جي ورڇ بابت تجسس رکن ٿا. رياستي ادارن جو خيال آهي ته اهڙن شاگردن جو باغي تحريڪن ۾ شامل ٿيڻ يا گهٽ ۾ گهٽ انهن سان اختلاف پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. رياستي ادارا ۽ يونيورسٽي انتظاميه انهن شاگردن جي گهٽ پرواھ ڪن ٿيون، جيڪي مذهبي گروهن ڏانهن مائل هجن ٿا، اهڙا شاگرد غيرسياسي نوجوانن کي پڻ متاثر ڪن ٿا. نتيجو واضح آهي، ۽ ڪو به آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو ته يونيورسٽين ۾ انتهاپسندي ڪيئن ۽ ڇو وڌي رهي آهي. اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته بلوچ باغي تحريڪون هاڻي قبائلي سردارن جي اثر هيٺ ناهن رهيون ۽ اهي وچولي طبقي مان اچن يا اڀرن ٿيون ۽ انهن جي قيادت به پڙهيل لکيل نوجوانن تي مشتمل رهي ٿي. تنهن هوندي به رياستي ادارا اڃان تائين انهن سردارن ۽ نوابن تي ڀاڙين ٿا ۽ اقتدار ۾ حصو وٺندا رهن ٿا، جيڪي سندن شرطن تي راضي ٿين ٿا. رياستي ادارا نه ٿا چاهين ته باغين جي قيادت کي مفاهمت واري اڌوري ڪوششن ۾ شامل ڪيو وڃي. حقيقت ۾ رياست شاهزين بگٽيءَ کي جلاوطن قيادت سان ڳالهائڻ جو ڪم ڏيڻ چاهي ٿي، حڪومت چاهي ٿي ته هو پنهنجي تڪراري حالتن جي باوجود ائين ڪري. هڪ سياسي سائنسدان لاءِ نوجوانن جي سوچن جا عمل، شاگرد سياست سماجي سياسي جوڙجڪ ۽ سطح جي هيٺان ٻرندڙ بدامني جو مطالعو اهم هجي ٿو. رياست شاگرد سياست کي ٽوڙي ڇڏيو آهي ۽ ڪيتريون ئي شاگرد تنظيمون اڃان تائين زندھ آهن. مثال طور بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن بلوچستان ۾ قومپرستي ۽ علحدگي پسند تحريڪن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. 1979 کان وٺي بي ايس او ڪيترن ئي تبديلين کان گذري چڪي آهي. اهو بلوچ قيادت جي بدلجندڙ سياسي موقف جي متوازي طور تي مختلف گروهن ۾ ورهائجي وئي هئي، پر ٻيهر متحد ٿي وئي آهي. اهي سڀ تبديليون صوبي جي سياسي منظرنامي ۾ آيل تبديلين جي عڪاسي ڪن ٿيون.
جيڪڏهن قومپرست قيادت سمجهوتو ڪري ٿي ته ان سان تنظيم ورهائجي ٿي وڃي. 2002 ۾ ڊاڪٽر الله نذر پاران هڪ گروھ بي ايس او آزاد جو بنياد رکيو، جيڪو ان ڳالهھ جو اشارو هيو ته نوجوان رياستي پاليسين يا قومپرست قيادت کان به خوش ناهن. وري ان دوران بي ايس او آزاد بلوچستان لبريشن فرنٽ کي جنم ڏنو (جيڪو صوبي جي ڏاکڻين علائقن ۾ سرگرم هڪ خطرناڪ باغي گروپ ثابت ٿيو). هاڻي بي ايس او ڪيترن ئي گروهن ۾ ورهايل آهي، پر يونيورسٽين جي سخت نگراني اهڙين تنظيمن جي گنجائش کي گهٽائي ڇڏيو آهي ۽ ان طريقي سان باغي گروپن لاءِ تعليمي ادارن مان سياسي شعور رکندڙ ذهنن کي ڀرتي ڪرڻ لاءِ وڌيڪ گنجائش پيدا ڪئي وئي آهي. تنهن هوندي به صوبي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ رياست کي پنهنجو رويو بدلائڻو پوندو ۽ سردارن تي انحصار گهٽاڻو پوندو، سياست کي موقعو ڏيڻ ۽ نوجوانن کي بي خوفيءَ سان اظهار ڪرڻ جي اجازت ڏيڻي پوندي. تحقيق مطابق نوجوانن جي اڪثريت اڃان به يقين رکي ٿي ته رياست انهن کي نوڪريون، ڪاروبار ۽ قومي سياست ۾ حصيداري فراهم ڪري جيڪا انهن جي پراڻي خواهش آهي.