ارشد نديم نئون اولمپڪ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو

پيرس (ويب ڊيسڪ) پيرس اولمپڪس ۾ جيولن ٿرو ايونٽ جي فائنل ۾ ارشد نديم 92.97 ميٽر پري ٿرو اڇلائي نئون اولمپڪ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.

پيرس اولمپڪس ۾ مينز جيولن ٿرو ايونٽ جو فائنل جاري آهي، پوري قوم جون نظرون ارشد نديم تي آهن، جيڪو 32 سالن کانپوءِ اولمپڪس ۾ ميڊل کٽڻ لاءِ پاڪستان جي واحد اميد آهي.

ياد رهي ته پاڪستان آخري ڀيرو8 آگسٽ 1992 تي اولمپڪس جي ميڊل پوڊيم تي قدم رکيو هو، جڏهن قومي هاڪي ٽيم بارسلونا اولمپڪس ۾ نيدرلينڊ کي 4 گولن تان شڪست ڏئي ميڊل کٽيو هو.

اڄ 32 سالن کانپوءِ پاڪستان کي ٻيهر اميد آهي ته پاڪستان جو ارشد نديم جيولن ٿرو ۾ ميڊل کٽي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.