ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ تازين برساتن کانپوءِ ڊائريا جي ڪيسن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. طبي ماهرن موجب ڪراچي جي اسپتالن ۾ گدلو پاڻي پيئڻ سبب ڊائريا جي مريضن جو انگ وڌي ويو آهي، هن سال گدلي پاڻي سبب ڊائريا ڪيسن ۾ 20 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.
ڪراچي جي ٻن وڏين سرڪاري اسپتالن جي انگن اکرن موجب جناح اسپتال ۾ روزاني 50 مريض ڊائريا ۾ ورتل آهن، جڏهن ته سول اسپتال ۾ روزاني 60 کان 65 مريض پيٽ جي بيمارين ۾ ورتل اچن ٿا.
طبي ماهر ڪراچي ۾ مون سون کانپوءِ آلوده پاڻي جي استعمال کي خطرناڪ بيمارين جو سبب قرار ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته قوت مدافعت گهٽ رکندڙ ماڻهن کي هن موسم ۾ کائڻ پيئڻ ۾ احتياط ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.