پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن جي تازي ڊيٽا جاري ڪري ڇڏي آهي.

اسٽيٽ بئنڪ موجب 2 آگسٽ تي ختم ٿيندڙ ڪاروباري هفتي دوران ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 8 ڪروڙ ڊالر جو اضافو ٿيو آهي.

اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽ موجب ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 2 آگسٽ تائين 14.47 ڪروڙ ڊالر رهيا.

اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته ان جا پنهنجا ذخيرا 5.11 ڪروڙ ڊالرن جي واڌ سان 9.15 ارب ڊالر رهيا جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا 2.91 ڪروڙ ڊالر جي اضافي سان 5.31 ارب ڊالر رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.