مريم نواز ڪرپشن جي شڪايت تي ڊي پي او ميانوالي کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز ڪرپشن خلاف زيرو ٽالرنس ويزن تحت عوامي شڪايتن تي ڊي پي او ميانوالي مطيع الله کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو.

وڏي وزير مريم نواز جي صدارت هيٺ ميانوالي جي تعمير ۽ ترقي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊي سي آفيس ۾ خاص اجلاس ٿيو.

وڏي وزير ڏوهن جي وڌندڙ شرح ۽ ڪرپشن جي عوامي شڪايتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

مريم نواز عوامي شڪايتن تي ڊي پي او ميانوالي مطيع الله کي ڪرپشن خلاف زيرو ٽالرنس ويزن تحت عهدي تان هٽائي ڇڏيو.

پنجاب جي وڏي وزير جيلن ۾ ڪرپشن جي خاتمي ۽ ڪرپٽ عناصر خلاف ڪارروائي جي به هدايت ڪئي، جڏهن ته ميانوالي ۾ دل جي مريضن لاءِ پهرين ڪيٿ ليب قائم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو.

هن ميانوالي جي چادرو واري علائقي ۾ زرعي ٽيوب ويل کي سولر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته انتظاميا کي حڪم ڏنو ته ٻوڏ جي پاڻي کي روڪڻ لاءِ اڳواٽ قدم کنيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.