بنگلاديش ۾ شيخ حسينھ جي حڪومت ڊھڻ بعد سموري ان جي سببن ۽ ان مان حاصل مقصدن تي بحث جاري آھي سنڌ ۾ چوري چڪاري وقت جڏھن ڀاڳئي جا ڀرجھلا چورن جا پير وڃائي ويھندا آھن تھ پوءِ وري اھو ڏسبو آھي تھ اھي چور آيا ڪھڙي پاسي کان ھئا. جنھن کي ابتا پير کڻڻ چيو ويندو آھي.ھتي ابتا پير کڻڻ سان ڳالھھ جي ڳنڍ کولڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون. تڙ تڪڙ ۾ ٿيل تبديلي کان ٿورو اڳ ڪھڙا اشارا مليا رھيا ھئا. ميڊيا ۾ ڇا پي وھيو واپريو، ڪھڙي ڌر ڪنھن جي ونگار وھي رھي ھئي.ڪير ڪنھن کي وھائي ويو ۽ ڪير ڪنھن جو پاسو کڻي ويو؟ جڏھن بنگلاديش ۾ شاگردن جي ڪوٽا جي مسئلي تي ٿيل احتجاج بعد مسئلو حل ٿي ويو ھو تھ ان بعد چار ڏينھن ۾ اھا ڪارروائي ڪٿان ٿي جو سموري ٽڀو اونڌو ٿي ويو ؟
خبرن موجب بنگلاديش ۾ آمريڪي سفير پيٽر ھاس، رڳوھفتو اڳ ملڪ مان فرار ٿي ويو ۽ ھن ڪھڙو ڄار وڇايو ھو ؟ ڊونلڊ لوُ، ڪھڙي گيم کيڏي، ان سموري طوفان پٺيان ملڪ جو عبوري وزيراعظم ڪٿان داخل ٿيو ؟ آمريڪا جي ڪردار کان ڪير واقف نھ آھي،پر ھن ڀيري واري گيم ۾اھو وائکو ٿي ويو آھي. 1996 ۾ملڪ جي وزارت اعظميٰ جي واڳ سنڀاليندڙ شيخ حسينھ واجد ڪوشش ڪئي تھ ھو ھندستان ۽ چين سان لاڳاپن ۾ توازن رکي ۽ امڪاني نقصان کان بچي سگھي.پر 2016 ۾ بيليٽ اينڊ روڊ انيشيٽو، رٿا ۾ شامل ٿيڻ سان آمريڪا ڪاوڙجي پيو، جنھن اکيون ڦيرڻ بعد اکيون ڏيکارن شروع ڪيون. نرم گرم لاڳاپن سان آمريڪا بنگلاديش کي چين جي خلاف استعمال ڪرڻ پئي چاھيو ۽ چين جي بھ ساڳي خواھش ھئي. آمريڪا ڪاوڙ جو ظاھر ڪندي بنگلاديش جي ريپڊ ايڪشن بٽالين”آر اي بي“ نالي فورس تي بندش وڌي،جيڪا بنگلاديش نيشنل پارٽي جي خالده ضياءَ جوڙي ھئي.فورس تي قانون خلاف ماڻھو مارڻ ۽ ظلم ڪرڻ جو الزام ھو. ملڪ جي ٽن اھم جماعتن مان ٻھ بنگلاديش نشنل پارٽي ۽ جماعت اسلامي کي ماڻھو انتھاپسند سمجھن ٿا جڏھن تھ شيخ حسينھ جي جماعت عوامي ليگ وچٿري ۽ سيڪيولر جماعت ڳڻي وڃي ٿي.ياد رھي تھ جماعت اسلامي تي ملڪ جي سپريم ڪورٽ چونڊن لاءِ بندش وجھي ڇڏي آھي.جنھن تي 1971 ۾ ٿيل وڳوڙن جا الزام بھ آھن. 2023 جي سيپٽمبر مھيني ۾ جڏھن وزيراعظم طور شيخ حسينھ واجد آمريڪا جو دورو ڪيو تھ آمريڪا ان وقت بنگلاديش جي سياستدانن ۽ اڳواڻن مٿان درست چونڊن نھ ڪرائڻ جو الزام ھڻندي مٿن بندش وڌي،جن ۾ اڪثريت عوامي ليگ جي ماڻھن جي ھئي.ان جو مقصد شيخ حسينھ جي بي توقيري ھو. جيتوڻيڪ دنيا جي ڪيئي ملڪن ۾ آمريت ۽ غيرجھوري قوتن ھوندي آمريڪا جا انھن ملڪن سان بھتر لاڳاپا آھن، اھڙي عمل جو اصل مقصد بنگلاديش کي سوڙھو ڪرڻ ھو.جنھن بعد ھڪ دلچسپ خبر آمريڪي حوالي سان ميڊيا ۾ پکيڙي وئي تھ شيخ حسينھ اقتدار ڇڏي ڏئي اھڙي افواھ جي بعد ۾ آمريڪا ترديد ڪئي پر ان سان اڻ سڌي ريت ھڪ پيغام ڏنو ويو. بنگلاديش جي ھاڻوڪي چونڊن ۾ آمريڪا جي آفيسرن بنگلاديش ۾ اپوزيشن جماعتن خالده ضياءَ جي بنگلاديش نيشنل پارٽي ۽ جماعت اسلامي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي.چونڊون ويجھي اچڻ بعد خالده ضياءَ جي جماعت چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو ۽ جماعت اسلامي تي عدليھ جي بندش وڌل ھئي.
ڊونلڊ لُو، آمريڪا جو اھڙو ڪردار آھي جيڪو ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جي سياست کان واقف آھي ۽ ھو اھڙا ڪيئي ڪم سرانجام ڏيندو رھي ٿو.جنھن ان دوران بنگلاديش جا ٽي دورا ڪيا،آمريڪا جا ٻيا سفير ۽ ايلچي پڻ ان ڪم ۾ مشغول ھئا.
آمريڪا جي چرپر ۽ ان جي پريشر بعد شيخ حسينھ سينٽ مارٽن آءِ لينڊ (ٻيٽ) بابت ڳالهھ ڪندي مئي جي آخر ۾ اڳڪٿي ڪئي تھ ( ھن آمريڪا جو نالو نھ ورتو ھو پر ان مان اھا ئي مراد ھئي)مون جي حڪومت ڊاھي جماعت اسلامي ۽ خالده ضياءَ کي اقتدار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. رجيم چينج جو اھم پاسو ھي آھي تھ 21 جولاءِ تي شاگرد مطالبا قبول ٿيڻ بعد ھليا ويا. ان بعد جيڪو ڪجھ ٿيو اھو اھم آھي.آمريڪا مان سوشل ميڊيا ذريعي مھم ھلائي وئي تھ شاگردن جي جدوجھد جو ساٿ ڏنو وڃي، ڪيترن ئي اھم ميڊيا پرسنز کي اي ميلز ڪري اھا ھدايت ڏني وئي.بنگلاديش ۾ انٽرنيٽ سروس بند ھجڻ سبب اھو ڪم ٻاھرين ملڪ (آمريڪا) مان ڪيو ويو.
شاگرد وري چئن ڏينھن بعد نئين ايجنڊا کڻي ميدان ۾ آيا، جن وٽ ابتدا ۾ 9 مطالبا ھئا، جيڪي اڳتي ھلي ھڪ پوائنٽ ايجنڊا تي بيھي رھيا تھ شيخ حسينھ واجد حڪومتي واڳ مان ھٿ ڪڍي. ان کان رڳو ھفتو اڳ آمريڪا جو بنگلاديش لاءِ سفير پيٽر ھاڪس،ملڪ ڇڏي ھليو ويو ھو.جنھن بعد 6 آگسٽ تي دي پرنٽ ۾ مضمون شايع ڪرايو ويو تھ بنگلاديش ۾ ڊاڪٽر يونس جي ويزن تي عمل ٿيڻ گھرجي، عين ان ايجنڊا مطابق شاگردن عبوري وزيراعظم لاءِ يونس خان جو نالو ڏنو. ڳالھھ جي ڳنڍکلڻ بعد اھو شاگردن جي احتجاج جي پٺيان ڪم ڪندڙ قوتون ۽ ڪردار چٽا ٿي رھيا آھن.جن جو اصل مقصد ئي شيخ حسينھ جي حڪومت کي ڊاھڻ ھو.