دنيا ۾ مٺي پاڻي جا وڌيڪ وسيلا ڏکڻ ايشيا ۾ واقع آھي، ان ڪري دنيا جي سڀني کان وڌيڪ آبادي بھ ھتي آھي.ان ملڪن ۾ شامل بنگلاديش دنيا جو اٺون نمبر وڏي آبادي رکندڙ ملڪ آھي.بنگلاديش جو ملڪ بنگالي نار ۾ گھيرل آھي ۽ ان جي 95 سيڪڙو سرحد ھندستان ۽ باقي 5 سيڪڙو ميانمار( اڳوڻي برما) سان ملي ٿي. جتي 2021 کان فوج اقتدار تي قبضو ڪري ويٺي آھي.
عالمي ميڊيا موجب دنيا جو ھڪ طاقتور ملڪ بنگلاديش جي سينٽ مارٽن ٻيٽ کي حاصل ڪرڻ چاھي ٿو. بنگلاديش جي لٿل وزيراعظم شيخ حسينھ واجد اھڙي مطالبي کي قبول نھ ڪيو. شيخ حسينھ جون 2023 ۾ چيو ھو تھ ھڪ گوري چمڙي وارو عيسائي ملڪ اھو ٻيٽ حاصل ڪرڻ چاھي ٿو.جتي ھو پنھنجو بحريھ جو اڏو ٺاھڻ جو ارادو رکي ٿو.اھو طاقتور ملڪ بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن جي ڪجهه حصن کي ملائي اتي ھڪ عيسائي ملڪ بھ ٺاھڻ چاھي ٿو.شيخ حسينھ موجب بنگلاديش نيشنل پارٽي اھو ٻيٽ ڏيڻ جي لاءِ تيار آھي.اھڙي اشاري بعد آمريڪا انھن خبرن کي رد ڪري ڇڏيو ھو.ذڪر ڪيل ٻيٽ 1900 کان گڏيل ھندستان جو حصو رھيو آھي.1947 بعد اھو اوڀر پاڪستان وٽ آيو.تن ڏينھن ۾ صدر ايوب خان جي حوالي سان پڻ اھو بحث ھليو ھو تھ اھو ٻيٽ آمريڪا حوالي ڪرڻ چاھي ٿو پر ائين ٿي نھ سگھيو ھو.بنگلاديش جي جدا ٿيڻ بعد 1974 ۾ برما ۽ بنگلاديش ۾ ٻيٽ بابت ٿيل ٺاھ موجب ان تي بنگلاديش جو حق تسيلم ڪيو ويو ھو.1977 ۾ پڻ بنگلاديش جي فوج ۽ بي اين پي، بابت اھي ڳالھيون ھليون ھيون تھ اھو ٻيٽ آمريڪا حوالي ٿي رھيو آھي پر اھو بھ ڪن سببن ڪري ممڪن نھ ٿيو.2021 ۾ برما ۾ آيل فوجي حڪومت ان ٻيٽ تي بنگلاديش سان کونئس ڪرڻ شروع ڪئي،بنگلاديش جي ٻيٽ تائين ويندڙ جھازن مٿان بم ھنيا ھئا.ڪوشش ڪئي وئي تھ ان جي رسائي روڪي وڃي.جنھن ڪري ٻنھي پاڙيسري ملڪن ۾ تڪرار وڌيا.
ذڪر ڪيل ٻيٽ تي رڳو آمريڪا نھ پر چين جي بھ اک آھي، ان ڪري چين بنگلاديش کي گھڻو ويجھو ٿيندو رھيو ھو.جئين تھ اھو ٻيٽ انھن ملڪن ۾ اھم اسٽريٽيجڪ پوائنٽ تي آھي، جنھن جي وقت گذرڻ سان ان جي اھيمت وڌي وئي آھي جو ھن وقت دنيا ۾ نئين صف بندي ٿي رھي آھي ۽ ھر ملڪ اھم لنگھن تي پنھنجو ڌاڪو ۽ اثر چاھي ٿو.
عالمي ميڊيا جو خيال آھي تھ شيخ حسينھ جي وزيراعظم ھوندي آمريڪا مخالف موقف ۽ بيانن جي ڪري ھن خلاف اتي رجيم چينج واري گيم کيڏي وئي آھي.