ڪجهه اڳ پهريان هڪ المناڪ خبر ڏسڻ وٽان ملي. خبر ڪينيا ۾ اٿندڙ انقلاب جي حوالي سان هئي. ته ڪينيا ۾ عوامي تحريڪ جيڪا عوام جي حقن لاءِ جاکوڙي رهي آهي چونڊيل عوامي نمائندن جي اسيمبلي تي هڪ خوني حملو ڪندي ان جي هڪ حصي کي باهه ڏئي ساڙيو ويو. ڪينيا جي حڪومت عوام مٿان لٺيون وسايون. گوليون هلايون ۽ پاڻي جا ڦوهارا شروع ڪيا پر عوام پنهنجي حقن لاءِ شروع ڪيل تحريڪ کي بنا ڪنهن رنڊڪ جي پنهنجي منزل طرف روان دوان ٿيندي اڳتي وڌندي رهي. حڪومت خلاف شروع ٿيندڙ ان تحريڪ ۾ 27 بيگناهه ماڻهن پنهنجي زات جي قرباني ڏني، بلڪل ائين جيئن بنگلاديش ۾ خوني انقلاب جي شروعات ٿي ۽ ان ۾ الائجي ڪيترا شاگرد ۽ عام ماڻهو حڪومت هٿان مارجي ويا.
تازو پاڪستان ۾ جماعت اسلامي پاران جنهن جي اڳواڻي حافظ نعيم الرحمٰن ڪري رهيو آهي عوام جي حقن لاءِ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي ويٺل آهي. جماعت اسلامي جو هڪ ئي مطالبو آهي ته عوام مٿان پيٽرول، گئس ۽ بجلي جي بم کي ناڪارو بڻايو وڃي. بحرالحال پاڪستان ۾ جيئن جيئن حڪومت عوام مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرائيندي ويندي تيئن تيئن عوام ۾ غصو پيدا ٿيندو ويندو. نيٺ شروع ٿيل تحريڪ هڪ ڏينهن وڏي خوني انقلاب ۾ تبديل ٿي ويندي ۽ آزاد ڪشمير جيان هي تحريڪ به ڪاميابي جا گيت ڳائيندي واپس ٿيندي ضرور بجلي جون قيمتون گهٽ ڪرائيندي واپس ٿيندي. بحرالحال ڪينيا ۾ عوام پاران ڏنل جان جي قربانين کان پوءِ نيٺ ڪينيا جي سربراهه صدر عوام آڏو گوڏا کوڙيا. ڪينيا ۾ به پاڪستان جيان حڪمران ۽ اشرافيا عوام جي ٽيڪسن تي مزا ماڻي رهيا هئا. عوامي انقلاب کان پوءِ حڪمرانن جا ٽيڪس ۽ اشرافيا جا مزا ماڻڻ وارا سڀ دڳ بند ڪري ڇڏيا آهن.
پاڪستان جون سياسي، معاشي حالتون به بنگلاديش کان گهٽ ناهن. ملڪ جي حڪمرانن عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن عوام ۾ خوني انقلاب ايندو آهي ته پوءِ اهو انقلاب مضبوط ۽ وڏين وڏين ديوارن کي به ٽوڙي ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ ظالم جابر حڪمرانن جا فرار ٿيڻ وارا سڀ گهٽ ۽ رستا به بند ڪري ڇڏيندو آهي. بهرحال، جون کان وٺي جولاءِ تائين ڪينيا ۾ شروع ٿيندڙ مظاهرن ڪينيا جي گاديءَ واري شهر نيروبيءَ کي مڪمل طور پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. عوام جو احتجاج بجيٽ ۾ لڳندڙ ڳرين ٽيڪسن وڌندڙ بيروزگاري ۽ مهانگائي لاءِ هيو. انهن مظاهرو ڪندڙ ماڻهن بنگلاديش جيان رت جا ليڪا به لتاڙي ڇڏيا هئا. ڪجهه ماڻهن جي ڏنل قربانين سبب بنگلاديش جي ڪينيا جي عوام جيان وڏو رليف ملي ويو. عوام جي صبر جواب ڏيئي ڇڏيو. ۽ عوام جان سان ڪفن ٻڌي انقلاب لاءِ نڪري پيو. ان انقلاب ۾ نوجوان، پوڙها، شاگرد ۽ عورتن ڀرپور نموني حصو به ورتو. ڪينيا جي ڪل آمدني جو 50 سيڪڙو اشرافيا ۽ سياستدان ڪرپشن سبب کائي پيا وڃن. پاڪستان ۾ به سياستدان جيڪي IPPs ذريعي عوام کي نپوڙين ٿا ۽ بجلي مهانگي ڪئي ويئي آهي. ۽ ماڻهو چوري ڪرڻ تي مجبور آهن.
هن وقت پاڪستان جي معاشي توڙي سياسي صورتحال ڪينيا ۽ بنگلاديش کان گهڻو مختلف ناهي. موجوده پاڪستان جي حڪومت به مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. آزاد پاور خريد ڪندڙ اداري يعني IPPs ملڪ کي ڏيوالو ڪري ڇڏيو آهي. بحرالحال ڪينيا ۾ برطانوي راج خلاف مائو نالي انقلاب ۽ هٿياربند تنظيم سرگرم هئي. پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ پاڪستان جي هر حڪومت عوام دشمن ۽ سامراج جي ٽائوٽ حڪومت رهي آهي ۽ ان جي حڪمت عملي تي هلندي آهي. پاڪستان ايترو ته زوال پذير ٿي چڪو آهي جو هر سال ايندڙ بجيٽ جو اڌ حصو سرڪار جي عياشين ۽ دورن تي خرچ ٿيندو آهي ۽ آفيسرن جي عيش عشرت تي. 2011 ۾ صرف 13 سال اڳ پاڪستان جي بجيٽ وفاق کي هلائڻ لاءِ ساليانو 202 ارب هئا. جيڪي هاڻي وڌي 839 ارب ٿي ويو آهي. يعني چئوڻ وڌيڪ ان ايڏي وڏي رقم خرچ ڪرڻ باوجود ڪارڪردگي زيرو آهي. ادارن ۾ ڪرپشن گهٽ ٿيڻ بجاءِ وڌي آهي. عوام ڪرپشن جي غلاظت ۾ ويڙهجي ويو آهي. بحرالحال جيڪو ڪجهه اڄ بنگلاديش ۾ ٿي رهيو آهي يعني خوني انقلاب يا جيڪو ڪجهه ڪينيا ۾ ٿيو آهي اهڙو انقلاب پاڪستان ۾ به برپا ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهو تاريخي عمل آهي. اهيو تقدير جي قاضيءَ جي ازل کان فتويٰ آهي. خطري جي گهنٽي پاڪستان ۾ به وڄي رهي آهي. پوءِ ڀلي اسين پنهنجي ڪنن کي ڪپهه سان بند ڇونه ڪري ڇڏيون. پر اها گهنٽي بدستور هميشه وڄندي ئي رهي ٿي.
ڇا پاڪستان جي نااهل ۽ احمق حڪمرانن 1971 مان سبق نه سکيو آهي. پاڪستان ڪڏهن به ترقي نه ڪندو. جيستائين اشرافيا ۽ ڪرپٽ حڪمران ملڪ جي جان نه ڇڏيندا. چين پنهنجو پئسو افغانستان ۾ پيو سيڙائي. افغانستان 20 سال دنيا جي سپر پاور ملڪ آمريڪا سان وڙهندو رهيو نيٺ آمريڪا ڀڄي جان بچائي. شاهه ايران پنهنجي مٺ ۾ ايران جي مٽي کڻي ملڪ مان فرار ٿي ويو. خميني انقلاب آندو ۽ ڪامياب ٿي ويو. پاڪستان ۾ صرف سياسي ويڙهه هلندي رهي آهي. عوام کي مهنگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو ويو آهي. جيڪر اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان هڪ ٿي وڃن ته ملڪ خوشحال ٿي ويندو.