بيشڪ ڪنهن به يقيني ۽ همت ڀريي قدر جو بنياد ۽ ان جي جستجو انساني فطرت ۾ موجود آھي ۽ قدر جيڪي پنهنجي ٽوڙ ڦوڙ کان جڙن ٿا.انسان جنهن پنهنجو هڪ ڊگهو زمانو پنهنجي مذھبي قدرن ۽ خدا جي تصور سان گڏ گذاريو آھي. باوجود ان جي اهي مضبوط ۽ پائيدار قدر هن وقت جي معاشرن کي سنڀالڻ ۾ ناڪام رهيا آھن.جنهن جو هڪ وڏو سبب مذهب جي نالي تي هينئر به هلندڙ ۽ ماضي ۾ ڪيل جنگيون ۽ ڪافي پراڪسي آھن.جيڪي مذھبي آئيڊيالوجي جهنڊي ۽ سلوگن جي هيٺان ٿي چڪيون آھن.مذھبي اشرافيا جي بدڪرداري ۽ ظلم.،يهوديت ۽ عيسائيت جا سخت ترين مذھبي رويا جن جي وراثت مسلمانن تائين پهتي ته مذھب جي سماجي ۽ ثقافتي قوت ڪمزور ٿيندي وئي. گذريل صديءَ ۾ روشن خيال دانشورن کي ٻه وڏيون جنگيون وڙھڻيون پيون.هڪ مذھب جي خلاف ۽ ٻي قومپرستي جي خلاف ۽ ائين اسان جي اشرف ٿيڻ\هئڻ دنيا جي امن جي لاءِ ھڪ تازو توانو شعور انسان کي نصيب ٿيو.جنهن جو مظاهرو انسان ۡ۽ انساني حقن جي عالمگير شعور جي صورت ۾ اسان جي سامهون موجود آھي.
اها به هڪ موجود سچائي آھي ته عام انسان کي ڪنهن نه ڪنهن قدر ۽ همت ڀريي بائيڊنگ فورس کان محروم ڪري پنهنجو رستو ۽ ھڪ محدود امڪان پيدا ڪرڻ ڪمزور رياستن ۽ جاهل ملائن ۽ عطائي ڏاھن جو هڪ پراڻو تصور آھي.بک.مهانگائي ۽ پاڻ ۾ جهيڙا جهٽا اهڙي ماحول جي لاءِ انرجي آھن. سڄي دنيا ۾ ھينئر ان جا آثار ڏسي سگهجن ٿا.ان انارڪي.بي آرامي ۽ ڇڙوسڳي کان نڪرڻ جي لاءِ ضروري آھي ته ڪو همت ڀريو ۽ يقيني قدر انسان جي سامهون هجي ۽ اهو پراڻي طرز تي نه بلڪ ڪو نئون سماجي ماڊل هجي.فطري شعور جي هڪ نئين جي بنا پنهنجو ڪردار ٿي ڪري سگهي.جيڪڏھن ڪا اهڙي ڪوشش ڪئي به وڃي ته اهو هڪ فڪري جهڳڙو ۽ ڇڙواڳي ئي ٿي سگهي ٿي.تاريخي ارٿقا نه. جديد دور جي انسان کي هينئر اهڙن ئي سناجي ماڊلز ۽ آفاقي ۽ همت ڀريي قدر جي ضرورت آھي.جيڪي اهڙي معاشري جي تعمير ڪن ٿا.جنهن ۾ ڪا آزادي نه هجي.ليڪن هو پاڻ کي غلام به نه سمجهي.نه وري پنهنجي وجود کي قيدي ڄاڻائي.ان جي اختلافي راء تي هر وقت تلوار نه لڙڪي.ان جي انزائٽي ۽ فرسٽريشن تي ٺٺول نه ڪئي وڃي.هو پنهنجن حدن ۾ آزاد ۽ خودمختيار هجي ۽ ھو سکي وٺي ته ٻئي جي آزادي ۽ اظھار جي حدن جو به خيال رکڻو آھي.
قدرن جي جدليات ۽ ڪنهن همت ڀريي قدر جو جي نشاني تي هئڻ پهريون ڀيرو ناهي ٿي رهيو.انساني تاريخ ۾ ائين ۾ ائين ٿي چڪو آھي.فرانس جي فڪري ۽ سياسي بحران جي ڏھاڙن ۾ به ائين ٿي چڪو آھي.جڏھن روايتي قدرن جي پائمالي ۽ ھر قدر تي تلوار جي لڙڪڻ کانپوءِ زال پال سارتر پيرس ۾ ڏاهن کي گڏ ڪيو ۽ سوال کنيائين ته معاشري کي ڪيئن بچايو وڃي.جڏھن ته سمورا تهذيبي قدر نشاني تي آھن.ماڻھن کي انهن قدرن جي ٽوڙ ڦوڙ کان ڪيئن روڪيو وڃي.
سارتر ان صورتحال ۾ هڪ رٿ پيش ڪئي آھي ته ڪنهن يقيني ۽ ھمت ڀريي قدر جو بنياد ڳوليو وڃي.ان جي لاءِ سارتر جي ويجهو هڪ هي حل هو ته خدا جي فرضن کي ٻيهر زنده نه ڪيو وڃي.پر ان رٿ جي باري ۾ سارتر ئي اها راءِ ڏني آھي ته اهو فرض تمام گهڻو مهانگو آھي.خدا جي نالي تي انسانن جو ڪافي رت وهايو ويو آھي.
اهو سمورو بحث ھن نتيجي ڏانهن رهبري ڪري رهيو آھي ته انساني عقل.ڏاھپ ۽ اختيار تي اعتماد ڪيو وڃي.اعلي قدرن کي انسانيت جي ميراث سمجهيو وڃي ۽ ڇڙواڳي.جنگ ۽ مجبوري ۽ امن تي اوليت شمار ڪيو وڃي. همت ڀريو ۽ يقيني انساني قدر جي لاءِ انسانيت اڄ کان اڳ تمام گهڻي وڌيڪ اجاري جي اوسيئڙي ۾ آھي.دنيا کي سارتر جهڙا روح نصيب ناهن.پر اسان ان جي روشن خيالي ۽ انساني عظمتن جي جدوجهد کان پنهنجن ڏيئن کي ٻاري سگهون ٿا.اهو ڏيئو طور کان ٻري سقراط ۽ مسيح جي رت کان روشن ٿيئي يان ان روشني جو سرچشمو ڪربلا هجي….اهائي انسان جي عزت ۽ دنيا جي امن جي ضمانت آھي.