ڍاڪا انقلاب، مغلن جو دور ۽ پاڪستان

تحرير: افضل چوڌري

گڏيل هندستان ۾ جيتوڻيڪ مسلمان حڪمرانن لڳ ڀڳ ساڍا اٺ سؤ ورهين حڪومت ڪئي پر پاڪستان ۾ ستر سالن کان جيڪو نصاب پڙهايو وڃي ٿو اهو مغلن جو  صرف ٽي سؤ ويهه سالن تي ٻڌل حڪومتي دور آهي.

اسان جو ملڪ پاڪستان جيڪو نئون ٺهيو هو ان لاءِ اسان وٽ مغلن کان سواءِ ٻي ڪا تاريخ نه هئي جنهن تي فخر ڪري سگهجي ها، جڏهن ته اسان پنهنجي نصاب ۾ خاص طور تي  مطالعه پاڪستان ۾ مغلن جي حوالي سان ڏند ڪٿائن ۽ جڙتو ڪهاڻين جي بدران انهن جي زوال جا حقيقي سبب پڙهايون ها ته سبق پرائڻ جي حوالي سان  اڄ صورتحال ڪجهه مختلف هجي ها.

جيتوڻيڪ مغلن جي تاريخ عياشين جو ڀرپور  داستان آهي پر اورنگزيب عالمگير جي دور کان تباهي جو اصل قصو شروع ٿئي ٿو. شاهي محل ۾ موسيقي، شراب جو محلفون روز جو معمول بڻيل هيون. ڪبوتر بازي، رنگين محلفون، شهزادن ۽ وزيرن جا ”خاص“ شوق هوندا هئا ۽ سوني تي سهاڳو اهو ته اورنگزيب عالمگير پنهنجا وزير ۽ ڪمانڊر انهن ماڻهن کي مقرر ڪندو هو جيڪي انتهائي نااهل هوندا هئا، سندس خيال هوندو هو ته ڪو باصلاحيت ماڻهو فوج جو ڪمانڊر يا وزير بڻجڻ کان پوءِ حڪومت خلاف سازش ڪري ٿو ۽ ماڻهن کي بغاوت لاءِ مڇرائي کيس تاج  ۽ تخت کان محروم ڪري سگهي ٿو.

هڪ پاسي مغربي ملڪ صنعتي انقلاب برپا ڪري رهيا ها، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کان فائدو حاصل ڪري رهيا هئا ته ٻئي طرف اهل اسلام شاهي محل ۾سازشون، عياشي ، قلعا ۽ مزارون تعمير ڪرائڻ ۾ مصروف هئا، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته1857 ع ۾ انگريزن مسلمان حڪمرانن کي عبرت جو نشانو بڻائي سڄي هندستان تي قبضو ڪري ورتو.

سؤ سالن کان پوءِ ٻي مها ڀاري لڙائي سبب جڏهن انگريز ڪمزور ٿيا ۽ هندستان ٽوڙيو ويو ته ٻئه ملڪ وجود ۾ آيا انڊيا ۽ پاڪستان. هٺ ڌرمي، انا جي جنگ ۽ اقتدار جي حوس 1971ع پاڪستان جي ٻئه ٽڪڙا ڪيا ۽ سقوط ڍاڪا جي کان پوءِ پاڪستان ٻن ملڪن ۾ ورهائجي ويو، هڪ بنگلاديش ٿي ويو ۽ هڪ پاڪستان.

پر ٿيو هيئن جو مغلن جي دور جا وارث ٻنهي اسلامي ملڪن جي اشرافيه اقتدار ۽ دولت ميڙڻ ۾ ايتري حد تائين مصروف ٿي وئي جو  ڪالهه بنگلاديش سقوط ڍاڪا جي انقلاب جو سفر طي ڪري ورتو. بنگلاديش ٺهڻ شرط ئي اتي جي اشرافيه اقتدار جي ڪاڻ مغلن جي دور واري وارثتي روس  تي عمل ڪيو پر گذريل پندرنهن سالن کان اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينا هڪ سول ڊڪٽيٽر  طور ظلم، بربريت، اقربا پروري ۽ جيڪو امتيازي رويو رکيو اهو ان جو نتيجو انقلاب ڍاڪا جي صورت ۾ سامهون آيو.

شيخ حسينا فوج ۽ انتظامي ادارا ان حد تائين پنهنجي ماتحت ڪري ورتا هئا جو جنوري 2024 جي چونڊن جا نتيجا پنهنجي مرضي جا حاصل ڪيا ۽ پنهنجي سياسي مخالف محترمه خالده ضياءَ  کي لڳاتار جيل ۾ بند رکيو. بنگلا ديش ۾ شيخ حسينا ايتري مضبوط هئي جو  1971 ۾ شيخ مجيب سان سياسي اختلاف رکندڙ ماڻهن ۽ انهن جي اولاد کي 57 فوجي آفيسرن ۽ جماعت اسلامي سميت حفاظت اسلام بنگلاديش جي  تقريبن 1000 ماڻهن کي سري عام ڦاهي تي ٽنگيو يا وري کين مارائي ڇڏيو. پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ خاطر  ويجهڙائي ۾ پنهنجي سئوٽ وقار الزمان کي بنگلاديش جو آرمي چيف بڻايو، پر پوءِ به اقتدار بچائي نه سگهي.

شيخ حسينا پنهنجي سڄي حڪومتي دور ۾ بنگلا ديش جي عوام کي ورهائي رکيو، هڪ پاسي 1971 ۾ انڊيا کان تربيت حاصل ڪري پاڪستان جي آرمي چيف يحيٰ خان ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي خلاف وڙهڻ وارا ماڻهو هئا جن کي بنگلاديش ۾ ” فريڊم فائيٽر“ چيو ويندو آهي ته ٻئي پاسي 1971 ۾ پاڪ آرمي جو ساٿ ڏيڻ وارو عوام هو يا وري غير جانبدار رهڻ ماڻهو هئا.

بنگلاديش ۾ تازو برپا ٿيل انقلاب جو ڪارڻ شيخ حسينا جو اهو غير منصفاڻو ۽ خود غرضي وارو فيصلو هئو جيڪو ان سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم ڪيو هو. يعني سمورا سرڪاري ادارا نوڪرين ۾ شيخ حسينا جي پارٽي عوامي ليگ ۽ ان جي حامي ماڻهن لاءِ مختص ٿيل هيون. ان غير منصفاڻي فيصلي جي خلاف BUET  بنگلاديش يونيورسٽي آف انجنيرنگ اينڊٽيڪنالاجي جي شاگردن احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو. حقن جي نانءُ تي شروع ٿيڻ وارو اهو احتجاج ان حد تائين اهميت اختيار ڪري ويو هو جو ڏسندي ئي ڏسندي ئي سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويو ۽ آخرڪار انقلاب ڍاڪا جو ڪارڻ بڻيو.

بنگلا ديش جي آرمي چيف شيخ حسينا کي هڪ محفوظ رستو مهيا ڪيو ۽ ان بنگلا ايئر فورس جي جهاز  C130 ۾ پنهنجي ڀيڻ شيخ ريحانه ۽ ٻين ڪٽنب جي ماڻهن کي سان گڏ انڊيا موڪلي ڇڏيو سندن جهاز    Hinodon ايئر بيس غازيه آباد لينڊ ڪئي.

ذريعن مطابق انڊيا ۽ آمريڪا شيخ حسينا کي سياسي پناهه ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان کان اُن برطانيا جو دروازو کڙڪايو آهي. سياسي پناهه جو معاملو اڃان تائين ٽنگيل آهي ياد رهي ته برطانيا شيخ حسينا جي سڳي ڀاڻيجيءَ شيخ ريحانه جي ڌيءَ ٽيولپ صديق  برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر ۽ اڪنامڪ منسٽر آهي.

تازي اطلاع مطابق بنگلا ديش جي عبوري حڪومت جو  سربراهه ڊاڪٽر يونس کي بڻايو ويو آهي واضح رهي ته ڊاڪٽر يونس بنگلاديش ۾ ننڍا ننڍا قرض ڏيڻ واري بينڪ ٺاهي دنيا جي سڀ کان وڏو نوبل انعام حاصل ڪري چڪو آهي.

ٻئي پاسي مغلن جي دور جا وارث اسان پاڪستاني آهيون،اسان جي ملڪ ۾ به فيبروري 2024 ۾ تاريخ جي تڪراري چونڊن جي ذريعي حڪومت ٺهي آهي پر حڪومت هلائڻ  وارا مغلن جي دور واري روش تي قائم آهن يعني گذريل حڪومتن جيان ڪا به وزارت اهل ماڻهن  کي نه ڏني وئي آهي وزارت ۽ صلاحڪارن جو معيار اهو آهي جو صرف چاپلوسي ۽ ڪوڙيون تعريفون آهن. ملڪ کي مجموعي طور ريورس گير لڳل آهي. صاحب اختيار ۽ صاحب اقتدار  ملڪي ترقي ۽ خوشحالي کي پٺتي اڇلي پنهنجي پنهنجي انا پرستي ۽ حوس اقتدار ۾ مصروف عمل آهن .

مغل دور جي ٻين وارثن يعني پاڪستان جو خدا خير ڪري

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.