گمبٽ /بهارو ( نمائندن وٽان ) گمبٽ لڳ بھارو ٿاڻي جي حد ڳوٺ جاڙا کوھه ۾جوابدار بشير ڪلھوڙو پنھنجي ننھن 30 سالا ثريا زال فدا حسين ڪلھوڙو مٿان ڪارنھن جي تهمت هيٺ کيس گوليون ھڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو ، پوليس ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو، پوليس موجب واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن .