پ پ وسيلن جو سودو ڪري ڇڏيو آھي، ٻٽي نظام جيان سخت مزاحمت ڪنداسين: زين شاھه

ڏوڪري/ شهدادڪوٽ (رپورٽ: مجاهد آفتاب قاضي + ثمر ڀٽي) ايس يو پي صدر سيد زين شاھ چيو آھي ته پ پ سنڌ جي پاڻي، زمين، ٻيٽن ۽ ٻين وسيلن جو سودو ڪيو آھي، ايندڙ ڪجھه وقت ۾ سڀ ڳالھيون  سامھون اچي وينديون ته پ پ سنڌ ڪيئن ۽ ڪٿي کپائي آھي. سنڌ جو زمينون ڪاروباري استعمال لاءِ ناھن، اھڙي عمل جي سخت مخالفت ڪيون ٿا. ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ ايس يو پي ضلعي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مشتاق سنديلو جي گهر واري ۽ ڀاڄائي جي لاڏاڻي ۽ ڏوڪري ۾ ڪامريڊ حيدر جويو جي پٽ ۽ ڪامريڊ ايڊووڪيٽ امداد جويو جي ڀائٽي جي لاڏاڻي تي تعزيت بعد صحافين سان ڳالهائيندي ايس يو پي صدر سيد زين شاھ چيو ته بنگلاديش مان حڪمران سبق وٺن، اسان کي آمريڪا ۽ برطانيا جي ڀيٽ ۾ ايران، افغانستان، ڀارت سميت سمورن پاڙيسرين سان لاڳاپا بھتر بڻائڻ گھرجن، دنيا جنگين طرف وڌي رھي آھي، جنھن کي امن ذريعي محفوظ بڻائڻ جي ضرورت آھي. ھن چيو ته پ پ اقتدار کان ٻاھر ھوندي آھي ته سنڌ ڪارڊ کيڏندي قومپرست سان گڏجي ويندي آھي ۽ اقتدار حاصل ڪري کين چٿڻ جي ڪوشش ڪندي آھي. ھن چيو ته پريا ڪماري سميت سنڌ ۾ اغوا، ڌاڙن ۽ ڦرن جي واقعن تي ڳڻتي آھي، جعلي مينڊيٽ ذريعي اقتدار ۾ آيل سنڌ حڪومت عوام کي بدامني جي باھ ۾ ڌڪي ڇڏيو آھي. ان موقعي تي روشن ٻرڙو، جڳديش آھوجا، روشن ڪلهوڙو، منير نائچ، ڊاڪٽر مظهر مغل، صدر ڀٽي ۽ منظور شيخ ۽ ٻيا گڏ ھئا، ٻئي طرف سيد زين شاھ طرفان زبير جکرو، محمد علي کوسي، منظور شيخ، احمد رضا سنديلو، ياسر سنديلو،عبدالحفيظ سنديلو، نظر حسين سنديلو سان پنھنجن پيارن جي وفات تي ساڻن تعزيت ڪئي، ٻي پاسي شهدادڪوٽ جي رپورٽر موجب شھدادڪوٽ جي هڪ شادي هال ۾ ورڪر ڪنوينشن کي خطاب ڪندي سيد زين شاھ چيو آهي ته گذريل هٿرادو اليڪشن ذريعي جعلي نتيجا آڻڻ جون حقيقتون سنڌ سميت عالمي ميڊيا ۽ ملڪن ۾ پڌريون ٿي چڪيون آهن ۽ انهن جعلي نتيجن عيوض پيپلز پارٽي سنڌ حڪومت سنڌ جي قدرتي وسيلن زمينن، ٻيلن، ٻيٽن ۽ ٻين وسيلن جو سودو ڪري ڇڏيو آهي پر سنڌ جي وارثن جهڙي طرح ٻٽي مڪاني نظام خلاف مزاحمت ڪري ان جو خاتمو آندو هو اهڙي طرح وري به مزاحمت ڪري سنڌ جي وسيلن کي بچايو ويندو، وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي هميشه پوليس ذريعي سياست ڪئي آهي ۽ عوام کي هيسائي ووٽ ورتو آهي پر هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو ماڻهو هنن جي رستا روڪ ڪري هنن کان پائي پائي جو حساب وٺندو، زين شاهه چيو ته اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻي وڌيڪ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي جنهن ڪري ايندڙ وقت ۾ سنڌ جي زمينن کي پاڻي ملڻ به ڏاڍو مشڪل هوندو جنهن ڪري اڄ کان ئي پنهنجي هارين ۽ آبادگارن کي پاڻي بچائڻ لاءِ نڪرڻو پوندو، جڏهن ته ورڪر ڪنوينشن کي جي ڊي اي اڳواڻ مير مظفر بروهي، پارٽي اڳواڻن روشن ٻرڙو، جگديش آهوجا، منير نائچ، رميز تونيو،آصف مگسي، حمل خشڪ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.