ڍاڪا(م ڊ) بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي سربراهه محمد يونس سمورن ماڻهن کي پرامن رهڻ ۽ هر قسم جي تشدد کان پاسو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ محمد يونس بنگلاديش جي انهن سمورن بهادر شاگردن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اچو ته نئين فتح جو ڀرپور فائدو وٺون ۽ پنهنجي غلطين جي ڪري ان کي هٿ مان نڪرڻ نه ڏيون، ٻئي طرف ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي پروفيسر محمد يونس چيو ته ڀارت جا بنگلاديش جي غلط ماڻهن سان سٺا لاڳاپا آهن، مهرباني ڪري ڀارت پنهنجي پرڏيهي پاليسي تي نظرثاني ڪري، هوڏانهن بنگلاديش جي عبوري حڪومت چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس کي ليبر قانون جي ڀڃڪڙي تي 3 سال پراڻي ڪيس ۾ بري ڪري ڇڏيو آهي، ڍاڪا جي هڪ ٽربيونل ڪالهه نوبل انعام يافته پروفيسر محمد يونس ۽ گرامين ٽيلي ڪام جي ٽن اعليٰ آفيسرن کي مزدور قانونن جي ڀڃڪڙي جي ڪيس ۾ بري ڪري ڇڏيو.