لاهور(م ڊ) چوماسي جي برساتن سبب چناب ۽ راوي دريائن جي واهن ۾ ٻوڏ جو خدشو آهي، ان حوالي سان پي ڊي ايم اي ترجمان جو چوڻ آهي ته برساتن سبب دريائن، ڊيمن ۽ واهن ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ شروع ٿي وئي آهي، 13 آگسٽ تائين چناب ۽ راوي جي واهن ۾ ٻوڏ اچڻ جو خدشو آهي، ترجمان جو چوڻ آهي ته چشما ۽ تونسه وٽ سنڌو درياهه ۾ وچولي سطح جي ٻوڏ آهي، جڏهن ته تربيلا ۽ ڪالا باغ ۾ هيٺين سطح جي ٻوڏ واري صورتحال آهي پر امڪاني ٻوڏ جي خطري کي نظر ۾ رکندي سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي موجب هلندڙ سال مون سون موسم دوران کنوڻ ڪرڻ ۽ زبون عمارتون ڪرڻ سبب 55 شهري فوت ۽ 145 زخمي ٿيا آهن.