لنڊن(تجزيو: رضا رومي)فوجي قيادت هن وقت عمران خان سان ڳالهين لاءِ تيار ناهي، پي ٽي آءِ باني کي عوام جي حمايت ۽ جنرل عاصم منير کي فوج ،سياسي جماعتن جي حمايت حاصل آهي، عمران خان ۽ آبپارا وچ ۾ رابطن لاءِ هڪ سويلين شخصيت سرگرم آهي، علي امين گنڊاپور ٻنهي ۾ ڳالهيون ڪرائي رهيو آهي،ڏسجي ته عدالتن جو رخ ڪهڙي پاسي بيهي ٿو؟ اها ڳالهه هميشه ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ ”ماشاءَ الله “مارشل لا جا امڪان هر وقت موجود رهندا آهن،پر ايس آءِ ايف سي ذريعي حڪومت آرمي چيف هلائي رهيو آهي، آءِ ايس پي آرسياسي معاملن تي پريس ڪانفرنس ڪري رهي آهي،صدر،وزيراعظم بلوچستان،بنون، ڪرم ايجنسي بابت هڪ به بيان جاري ناهي ڪيو، صدر زرداري جنهن کي سياست ۾ پي ايڇ ڊي هولڊر ڪوٺيو ويندو آهي، اها ڪهڙي سياسي شطرنج آهي جنهن جي پوري بساط هن جي ايڇ ڪيو ۾ رکي ڇڏي آهي،بلوچستان ۾ پ پ جي حڪومت آهي،ان اشو تي پ پ چيئرمين جي به خاموشي ڏکوئيندڙ آهي،زرداري ته ڀلي ايوان صدر ۾ ويٺل آهي پروٽوڪول جي احترام ۾ چپ آهي پر پ پ اڳواڻن کي ڇا ٿي ويو آهي،ملڪي معيشت هڪ غير سياسي ٽيڪنوڪريٽ کي ڏني وئي آهي جيڪو ان کان اڳ هڪ ڪمرشل بئنڪ جو سربراهه رهي چڪو آهي،هن جو اڳ ۾ ڪنهن پبلڪ سيڪٽر ۾ ڪو به تجربو ناهي، پاڪستان ۾ ڪاموراشاهي ايتري ته چالاڪ ۽ طاقتور آهي جيڪا ڪنهن اڻ تجربيڪار کي آڱرين تي نچائي ڇڏيندي آهي، ٽيڪس وڌائي بجلي جابل وڌائي حڪومت وقت عوام جي ڪاوڙ جو شڪار آهي،ٻئي پاسي شهبازشريف ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جا فنڊ وڌائي ڇڏيا آهن،فوج ۽ عدليه جا فنڊ ته خوف سبب نٿا گهٽائي سگهجن پر پي ايس ڊي پي جا 600 ارب خرچ ڪرڻ بدران عوام کي بجلي بلن جي مد ۾ رليف ڏيڻ گهرجي،حڪومت کي هن وقت اها خوش فهمي آهي ته اسٽيبلشمينٽ اسان کي آندو آهي اها ئي هلائيندي، بنگلاديش ۾جيڪو ڪجهه ٿيو اهو فوجي انقلاب آهي، شيخ حسينه واجد 15 سالن ۾ آمريتي دور هلايو،سياسي مخالف پارٽي تي پابندي هڻي خالده ضيا کي جيل ۾ واڙي ڇڏيو،اتي سالن کان هڪ لاوو پچي رهيو هو،شيخ حسينه کان غلطي اها ٿي ته هن سوين شاگردن تي گوليون هلائي کين مارائي ڇڏيو،جنهن بعد سموريون مخالف پارٽيون ۽ سول سوسائٽي روڊن تي نڪري آئي،فائدو بنگلاديشي ملٽري اسٽيلشمينٽ کي پهتو،45منٽن ۾ ئي شيخ حسينه انڊيا روانو ڪيو ويو، تازي سروي موجب پاڪستان ۾ 60 سيڪڙو آبادي انتهائي غربت جي حالتن ۾ گذاري رهي آهي،ماڻهن بجلي ڪٽائڻ شروع ڪري ڇڏي آهي،ماني کائڻ گهٽائي ڇڏي آهي، انهن حالتن ۾ چنگاري ڀڀڙ ٿي سگهي ٿي،شهبازشريف جي سويلين حڪومت کي عوام کي رليف ڏيڻو پوندو،وزارتون بند ڪرڻيون پونديون،اسٽيبلشمينٽ تي ڀاڙڻ بند ڪيو وڃي،عمران خان فيڪٽر جو به حل ڪڍيو وڃي،بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ جيڪا ڪاوڙ آهي اها ختم ڪئي وڃي، پنجاب ۾ ڪاموراشاهي کي خوش ڪرڻ لاءِ سوا هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن ،بيوروڪريسي،فوج ۽ عدليه سويلين حڪومت کي گهيرو ڪري هلڻ نه پيا ڏين، آءِ ايس پي آر هڪ هفتي ۾ ڇو پريس ڪانفرنس ڪري ٿي؟ پارليامينٽ ڪهڙي مرض جي دوا آهي؟ سياستدان پاڻ ۾ ڳالهيون ڪن،عمران خان جو بيانيو هلي ٿو ته شهبازشريف وٽ ڇا آهي؟ ماڻهو بجلي بلن تي حڪمرانن کي بددعائون ڏئي رهيا آهن، پنجاب ۾ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز مريم نواز کان ناراض آهن، سياستدان عوام کان لاتعلق بڻيل آهن،هي سياسي حڪومت نه پر هائبرڊ نظام ٽو آهي، سپريم ڪورٽ ۾ 57 هزار ڪيس التوا پيل آهن، چيف جسٽس جي ساڙ ۾ نون ججن جي مقرري خلاف تنقيد هروڀرو آهي،پاڪستان جي عدليه دنيا ۾ معيار جي لحاظ کان هيٺين نمبرن تي آهي، اڳوڻن چيف جسٽسز جو زور رڳو سياسي ڪيسن تي رهيو، موجوده چيف جسٽس سسٽم ۾ سڌارا آڻڻ چاهيا پئي پر هن کي به پهرين ڏينهن کان سياسي ڪيسن ۾ گهليو ويو، ايندڙ چيف جسٽس منصور علي شاهه کي به تڪراري بڻايو پيو وڃي،عدالتي نظام کي سڌارن جي سخت ضرورت آهي،انصاف جو نه ملڻ، مهانگائي، معاشي استحصال،سياسي بي يقيني پاڪستان ۾ انارڪي آڻڻ لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن،،انارڪي وڌي ته پاڪستان ۾ به بنگلاديش جهڙو حشر ٿي سگهي ٿو،ان صورتحال ۾ فائدو اسٽيبلشمينٽ ۽ ساڄي ڌر جي پارٽين کي ٿيندو، اسان وٽ پوءِ به ٽٽل ڀڳل جمهوريت آهي ان کي جاري رکڻ ضروري آهي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 08 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو