حسينه واجد جو ساٿي برطرف انٽيليجنس چيف گرفتار

ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش جي آرمي چيف وقار الزمان چيو آهي ته ملڪ ۾ صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، ٽن کان چئن ڏينهن ۾ حالتون معمول تي اچي وينديون. ٽي وي خطاب ۾ بنگلاديشي آرمي چيف چيو ته پوليس فورس کي بحال ڪيو پيو وڃي. ايئر فورس ۽ نيوي سربراهن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. جنرل وقار الزمان چيو ته هٿياربند فوج جا سمورا اهلڪار سڄي ملڪ ۾ مقرر آهن. بنگلاديش جي آرمي چيف چيو ته يقين آهي ته محمد يونس کي سمورن طبقن جي حمايت ۽ مدد ملندي. ٻئي طرف بنگلاديش جي برطرف ڪيل انٽيليجنس چيف ميجر جنرل ضياءُ الحسن کي ملڪ مان فرار ٿيڻ تي جهاز مان لاهي گرفتار ڪيو ويو آهي. بنگلاديشي ميڊيا موجب ڍاڪا ايئرپورٽ جي رن وي تي اڏام لاءِ تيار امارات جي جهاز کي روڪي ان جي تلاشي وٺي انٽيليجنس چيف ميجر جنرل ضياءُ الحسن کي حراست ۾ وٺي جهاز کي وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. سندس گرفتاريءَ جي تصديق ڪئي وئي آهي، ميجر جنرل ضياءُ الحسن کي گذريل ڏينهن سندس عهدي تان برطرف ڪيو ويو هو. کيس استعيفيٰ ڏيندڙ وزيراعظم حسينه واجد جو ويجهو ساٿي سمجهيو ويندو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.