بنگلاديش جا پاڪستان سان نئين سر لاڳاپا، نئون هاءِ ڪمشنر مقرر

اسلام آباد/ڍاڪا(م ڊ) شيخ حسينه واجد جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ بنگلاديش اندر تبديلين جو سلسلو جاري آهي. بنگلاديش پاڪستان سان لاڳاپا بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪندي تجربيڪار هاءِ ڪمشنر محمد اقبال حسين کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب پاڪستان هاءِ ڪمشنر محمد اقبال حسين جي نامزدگي قبول ڪري ورتي. ذريعن موجب اقبال حسين جلد پاڪستان پهچندو ۽ سفارتي ذميواريون سنڀاليندو. هوڏانهن پاڪستاني اختيارين چيو آهي ته ماضي وساري اڳتي وڌڻ لاءِ تيار آهيون. بنگلاديش جي صورتحال تي پاڪستان حڪومت جو پهريون سرڪاري بيان سامهون اچي ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام بنگلاديش جي عوام سان گڏ بيٺل آهن، اميد آهي ته بنگلاديش جون حالتون جلد ۽ پرامن طور معمول تي اينديون. ترجمان چيو ته کيس يقين آهي ته بنگلاديشي عوام جو جذبو ۽ اتحاد کين هڪ پرامن مستقبل ڏانهن وٺي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.