ڍاڪا(م ڊ) بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم حسينه واجد عرب ملڪن ۾ پناهه وٺڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، حسينه واجد کي ملڪ مان فرار ٿي ڀارت ۾ 2 ڏينهن کان وڌيڪ وقت ٿي ويو آهي پر سندس ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ پناهه جو معاملو حل نه ٿي سگهيو آهي.هو هن وقت ڀارت ۾ پناهه وٺي رهي آهي، نئين دهلي ۾ اڻڄاتل محفوظ هنڌ ترسيل آهي.بنگلاديشي ميڊيا ۽ ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته شيخ حسينا برطانيا ۾ سياسي پناهه وٺڻ جي ڪوشش ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ هوءَ عرب ملڪن ۾ پناهه وٺڻ تي غور ڪري رهي آهي.رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته حسينه واجد هاڻ متحده عرب امارات، سعودي عرب ۽ فن لينڊ ۾ سياسي پناهه وٺڻ تي غور ڪري رهي آهي.