جديد دور جون گُهرجون ۽ سنڌ جو شعور

تحرير: اي بي جتوئي

سائنسي ترقي ڏينھون ڏينھن وڌي رهي آهي، دنيا هر روز نيون ۽ پرتجسس ايجادون ڪري رهي آهي، اي آئي،Chat GPT، روبوٽ ۽ اسپيس ايڪسپلوريشن سائنس جون اھڙيون تخليق ڪندڙ سھولتون آھن جيڪي نِت نيون ايجادون ڪندي ھڪ پلانيٽ کان ٻئي پلانيٽ تي سروائيوو ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھن، سمورا ترقي يافته ملڪ ۽ سڄو نظام انهن جديد سهولتن مان فائدو کڻي رهيو آهي،پر بدقسمتي سان اسان ترقي جي انهي ڊوڙ ۾ دنيا کان ڪونهين ڏور رهجي ويا آهيون، هن جديد دور ۾ به سنڌ جا تعليمي ادارا تباھ حال ۽ سهولتن کان وانجهيل آهن،سنڌ جي وسيلن جي نيلامي جا هر روز واڪ لڳي رهيا آهن،سنڌ جو مستقبل خطري ۾ آهي سنڌ جي شعور کي مسلسل الجهائي اُونداھي طرف ڌڪيو پيو وڃي، ڇَاڪاڻ تعليم ئي اھو واحد رستو ۽ هٿيار آھي جنھن سان نوان ۽ تخليقي ذهن پيدا ڪري ھن بدبودار سماج مان جند ڇڏائي ھڪ نئون ۽ جديد سماج اڏي سگهجي ٿو.

ھڪ تحقيق مطابق هن وقت سنڌ جي سوا ڪروڙ ٻارن مان 60 لک ٻارن جون عمريون  5کان11 سال آھن جيڪي اسڪول ۽ تعليم جي نالي کان واقف ئي ناھن، حالانڪه سنڌ صوبي ۾ 2013 ۾ تعليم کاتي پاران لاڳو ڪيل ايڪٽ مطابق سنڌ ۾ بنيادي تعليم ميٽرڪ تائين مفت ۽ لازمي قرار آھي ان باوجود سنڌ جي تعليم جو نظام جي حالت اها آھي جو اڪثر اسڪولن جون بلڊنگون ناهن، جتي ٻار آهن اتي استاد ناهن، جتي استاد مقرر ٿيل آهن اتي نه ٻار آهن نه ئي بلڊنگ آهي پر سرڪار طرفان انهن اسڪولن جي نالي تي هر ڀيري لکين،ڪروڙين روپيا بجيٽ پڻ جاري ڪئي وڃي ٿي جيڪا انتظامي نااهلي سبب يا ته استعمال ئي نٿي ٿئي يا ته وري آفيسرن جي ملي ڀڳت سان ڪرپشن جي ور چڙهي وڃي ٿي!

سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته آخر ھن انڌير نگري خلاف ڪٿي دانهين ٿجي؟ڪنهن جي خلاف ڪنهن جي اڳيان شڪايت ڪجي؟ هتي ته انهي تباهي ۾ سڀئي حصيدار ۽ ذميوار آهيون، اسان وٽ ته پنهنجي گهر ڀرسان موجود ادارن جي به مالڪي نٿي ڪئي وڃي ڪا پڇا ڳاڇا يا خبر چار نٿي ورتي وڃي ته پوءِ اهڙي تباهي نه ٿيندي ته ٻيو ڇا ٿيندو، جڏھن تعليم ۽ اسڪولن جي اهيا حالت هوندي ۽ لکين ٻارن کي سندن تعليم جي بنيادي حق کان محروم رکيو ويندو ته پوءِ اهي نوان ۽ تخليقي ذهن ڪٿان پيدا ٿيندا جيڪي تعليم حاصل ڪري موجوده جديد سائنسي سهولتن مان فائدو وٺي دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ جي قابل ٿيندا، انهي سوچ ۽ عمل سان ئي ذهني غلامي،ڪڌ ذهنيت،مدي خارج سوچن ۽ جاھليت مان ڇوٽڪارو ملندو ۽ اسان دنيا سان ترقي جي ڊوڙ شامل ٿي پنهنجي قوم ۽ سنڌ وطن جو نالو روشن ڪنداسين، ان قسم جي پائدار تبديلي لاءِ سماج کي پڙهيل لکيل ۽ عملي ڪردارن جي ضرورت آهي، اُھي ذھن ئي سماج ۾ تبديلي جي لهر پيدا ڪري سگهن ٿا ۽ سماج کي بدلائي سگهن ٿا.

جيڪڏھن اسان اهڙو نئون سماج چاھيون ٿا ته مونجھاري جي ور چڙهيل نئين نسل کي انهيءَ مايوسي ۽ محدودپڻي واري سوچ مان نڪرڻو پوندو، قابل ماڻھن کي اڳتي اچي پنهنجي حصي جو ڏيئو جلائڻو پوندو، تڏهن ئي سنڌ ترقي ڪري سگهندي،تڏهن ئي اسان عالم ۾ پنهنجي قوم ۽ سنڌ ڌرتي جو نالو روشن ڪري سگهنداسين ۽ ياد رهي ته سنڌ جو آئيندو هاڻ انهي نئين نسل جي ئي هٿن ۾ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.