گلوبل پيس انڊيڪس طرفان دنيا جي 10 محفوظ ترين ملڪن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ آئس لينڊ کي محفوظ ترين ملڪن ۾ پهريون نمبر قرار ڏنو ويو آهي.
گلوبل پيس انڊيڪس طرفان ڪيل درجابندي دوران دنيا جي تقريبن سئو سيڪڙو آبادي جو احاطو ڪيو ويو، محفوظ ترين ملڪن ۾ ڏوهن جي شرح تقريبن نه هجڻ برابر آهي.
نتيجو ڪڍڻ لاءِ فوجي معاملن، اندروني تڪرارن، سياسي عدم استحڪام، مضبوط سماجي ڀلائي جي نظام، تعليم، انصاف جي نظام، صحت جهڙي بنيادي سهولتن ۽ مضبوط ڊجيٽل سيڪيورٽي سميت ٻين معاملن جو به جائزو ورتو ويو.
محفوظ ترين ملڪن جي فهرست ۾ آئس لينڊ پهرين نمبر تي آهي، جنهن 2008 کان پنهنجي پوزيشن برقرار رکي آهي، جڏهن ته آئرلينڊ ٻئي ۽ آسٽريا ٽئين نمبر تي آهي.
فهرست ۾ چوٿين نمبر تي نيوزيلينڊ، پنجين تي سنگاپور، ڇهين تي سوئٽزرلينڊ، ستين تي پرتگال، اٺين تي ڊنمارڪ، نائين تي سلووينا ۽ ڏهين تي ملائيشيا کي رکيو ويو آهي.
You might also like