پيرن جون کُڙيون ڦاٽي پون ٿا ڇا ڪجي؟ انتهائي آسان حل

سياري جي مند شروع ٿيڻ سان پيرن جون کُڙيون ڦاٽڻ يا اها جاءِ سخت ٿيڻ جا مسئلا عام ٿي ويندا آهن.
اڄڪلهه جي مصروف طرز زندگي سبب ماڻهو سڄو ڏينهن گهمندا ڦرندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ جلدي مسئلن جو خطرو وڌي ويندو آهي.
مٽيءَ سان سڌي ريت رابطو پير کي جلد جي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ تمام جلد خشڪ ڪري ڇڏيندو آهي، سياري ۾ گرمي پد گهٽ هوندو آهي ته اهو مسئلو وڌي ويندو آهي، کڙيون ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ تڪليف ۽ عدم اطمينان جو احساس ٿيندو آهي.
پر توهان ان مسئلي مان ڇوٽڪارو گهر ويٺي ڪجهه عام شين جي مدد سان به حاصل ڪري سگهو ٿا.
متاثر حصي کي سڻڀو رکڻ
ان مسئلي جو وڏو سبب جلد ۾ مناسب گهم جي کوٽ هوندي آهي، ان مقصد لاءِ موئسچرائزر گهڻو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو، پيرن جي کڙين تي ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا ان جو استعمال جلد کي سخت ۽ خشڪ ٿيڻ کان روڪيندو.
ماکي ۽ پاڻي
اهي ٻئي هر گهر ۾ موجود هوندا آهن، گرم پاڻي ۾ ماکي ملايو ۽ پنهنجا پير ان ۾ ٻوڙي ڇڏيو، پوءِ متاثر حصي کي رهڙيو، ماکي جلد جو قدرتي سڻڀ بحال ڪري ٿي.
هيڊ ۽ تيل جي مالش
هيڊ ۾ تيل ملائي متاثر حصي تي مالش ڪرڻ سان به اهو ٺيڪ ٿي وڃي ٿو، سوڄ ۽ تڪليف ختم ٿئي ٿي.
جورابن جو استعمال
پيرين اگهاڙي گهمڻ سان جراثيم آساني سان حملو ڪن ٿا، تنهن ڪري جورابن جو استعمال فائدو ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.