ڇا چڪن سوپ نزلي ۽ زڪام خلاف فائديمند آهي؟ ڄاڻيو

جيڪڏهن توهان کي چڪن سوپ پسند آهي ته سٺي خبر اها آهي ته اها غذا سياري جي مند ۾ نزلي، زڪام ۽ بخار جو بهترين علاج ثابت ٿي سگهي ٿي.
آمريڪا جي نبراسڪا يونيورسٽي جي تحقيق موجب چڪن سوپ انفيڪشن جي روڪٿام ۾ مدد ڏئي ٿو، ان ۾ موجود مصالحا ۽ گرمائش نزلي ۽ زڪام جي نتيجي ۾ جمع ٿيندڙ مواد کي صاف ڪري ٿي.
محققن موجب سوپ ۾ موجود چڪن، مرچ، لوڻ ۽ ٻيا جزا رت جي اڇين خلين جي ان قسم جي روڪٿام ڪن ٿا، جيڪي انفيڪشن خلاف جسماني دفاع کي متاثر ڪنديون آهن.
تحقيق موجب سوپ پيئڻ سان ذهن ۽ جسم کي ٿيندڙ اطمينان به ڪنهن دوا جهڙي اثر جو ڪم ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.