گجر رڳو اکين لاءِ بهتر ناهي پر ڪيترائي طبي فائدا پهچائي ٿي

گجر هڪ اهڙي سبزي آهي، جيڪا صحت لاءِ بهترين غذا سمجهي ويندي آهي.
ڪچي گجر ۾ ۾ وٽامن اَي، وٽامن سي، وٽامن ڪي، پوٽاشيم، آئرن ۽ ڪيلشيم جهڙا ڪيترائي ضروري غذائي جزا موجود هوندا آهن.
هارورڊ هيلٿ پبلشنگ موجب گجر جا ڪيترائي فائدا آهن، ان ۾ موجود فائبر هاضمي جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، قبضي جي مسئلي کان بچائيندو آهي، ان کانسواءِ ان ۾ موجود وٽامن اَي نظر لاءِ تمام فائديمند آهي.
هتي اسان ڪچي گجر کائڻ جا ڪجهه فائدا بيان ڪري رهيا آهيون:
اکين جي نظر بهتر بڻائي ٿي.
گجر ۾ وٽامن اي جي ريٽينا کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ڪري آهي ۽ گهٽ روشني ۾ ڏسڻ جي صلاحيت کي بهتر بڻائيندو آهي.
گجرن ۾ بيٽا ڪيروٽين جهڙا طاقتور اينٽي آڪسيڊنٽ موجود هوندا آهن، جيڪي اکين کي فائدو پهچائيندا آهن.
بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪري ٿي
گجرون پوٽاشيم سان ڀرپور هونديون آهن، پوٽاشيم جسم ۾ سوڊيم جي سطح کي متوازن ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي، سوڊيم بلڊ پريشر وڌائڻ جو ڪم ڪندو آهي، ان کانسواءِ گجرن ۾ فائبر جو به سٺو مقدار هوندو آهي، فائبر هاضمي کي بهتر بڻائي ٿو ۽ جسم ۾ ڪوليسٽرول جي سطح کي گهٽائي ٿو، جنهن سان دل جي بيمارين ۽ هاءِ بلڊ پريشر جو خطرو گهٽجي وڃي ٿو.
مدافعتي نظام کي مضبوط بڻائي ٿي
گجرون ۽ ان جو جوس مدافعتي نظام کي مضبوط بڻائڻ جو قدرتي ذريعو آهي، ان جي روزاني استعمال سان جسم کي ضروري غذائي جزا ملن ٿا، جنهن سان بيمارين سان وڙهڻ جي صلاحيت وڌي وڃي ٿي، ان ۾ موجود وٽامنز ۽ غذائي جزا مدافعتي نظام کي مضبوط ڪن ٿا ۽ اسان کي صحت مند رکندا آهن.
وزن گهٽائڻ ۾ مددگار
ڪچين گجرين جو جوس نه رڳو وزن گهٽائڻ ۾ مدد ڪندو آهي پر صحت کي به مختلف طريقن سان بهتر بڻائيندو آهي، ان ۾ موجود فائبر توهان کي گهڻي وقت بک جو احساس ناهي ٿيڻ ڏيندو، جڏهن ته ۾ ڪيلوريز جو مقدار تمام گهٽ هوندو آهي، ان لاءِ توهان بغير ڪنهن پريشاني جي پنهنجو وزن گھٽائي سگهو ٿا.
ڪوليسٽرول کي ڪنٽرول ڪري ٿي
گجر جو جوس پيئڻ سان نه رڳو وزن گھٽائڻ ۾ مدد ملندي آهي پر توهان جي دل به صحتمند رهندي، ان ۾ موجود اينٽي آڪسيڊنٽ خراب ڪوليسٽرول جي سطح کي گهٽائي دل جي بيمارين جو خطرو گهٽ ڪندا آهن، ان کانسواءِ ڪچين گجريون ۾ موجود پوٽاشيم بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي، جيڪو صحت مند دل لاءِ تمام ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.