عوامي مزاحمت جي نتيجي ۾ وزيراعظم شيخ حسينا کي استعيفيٰ ڏيڻي پئي ۽ ملڪ مان فرار ٿيڻو پيو، جنھن جو مظاھرين اڳ ۾ مطالبو ڪيو ٿي
ھوءَ ڍاڪا کان هڪ فوجي هيلي ڪاپٽر ذريعي هندستان جي اگرتله شھر پهتي پوءِ هڪ فوجي جهاز ذريعي دھلي ۾ وئي. اهو اڃا واضح ناهي ته هوءَ مستقل طور هندستان ۾ رهندي يا ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ٻئي ملڪ هلي ويندي جڏھن ماضي ۾ وينداسين ته سندس پيءُ جي مارجڻ کان پوءِ ھوءَ ڪافي وقت انڊيا ۾ جلاوطن رھي ۽ 1981 ۾ بنگال آئي.
ٻئي پاسي ڪجهه خبرن موجب ڍاڪا ۾ سخت ڇڪتاڻ ۽ ناراضگي واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي هن برطانيا ۾ پناه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر ان ڳالهه جي اڃا تائين تصديق نه ٿي آھي، بهرحال، بنگلاديش جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي، هندستاني اسٽيبلشمينٽ ضرور پنھنجي فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪندي جيئن ھن افغانستان ۾ ڪيو پر انڊيا کي بنگال مان ايئن ناڪامي نصيب ٿي آھي جيئن افغانستان مان امريڪا کي ٿي
گڏيل قومن بنگلاديش ۾ اقتدار جي پرامن منتقلي جي حوالي سان چيو آهي ته انساني حقن جو خيال رکيو وڃي ۽ پرتشدد واقعن جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
شيخ حسينه واجد جي وزيراعظم جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ ۽ شاگردن جي احتجاج جي نتيجي ۾ بنگلاديش ڇڏڻ کانپوءِ گڏيل قومن جي انساني حقن واري هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ اھو به چيو آهي ته سوين ماڻهو مارجي ويا ۽ زخمين ٿيا ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن وڌيڪ چيو آھي ته اقتدار جي منتقلي شفاف ۽ احتسابي طريقي سان ٿيڻ گهرجي ۽ ان عمل ۾ بنگلاديش جي سمورن شهرين جي بامقصد شموليت کي يقيني بڻايو وڃي. ساڳئي وقت ان ڳالھه جو به خيال رکڻ گهرجي ته ان دوران تشدد يا انتقامي ڪارروائي نه ٿئي
بنگال جو ڪنٽرول هاڻي فوج سنڀالي ورتو آھي عوامي جشن شروع ٿي ويا آھن پر شاگرد جن احتجاج ڪيا ٿي انھن احتجاج ختم ڪيا آھن پر ھنن فوج جو اقتدار تي ڇائجڻ تي اعتراض ورائي ڇڏيا آھن ھاڻ ڳالهه اتي بيٺي آھي يا فوج اقتدار تي برجمان ٿئي يا ملڪ ۾ ھڪ مخلوط حڪومت ٺھي جنھن ۾ خالده ضيا لاءِ ھڪ راھ ھموار ٿي سگھي ٿي عوامي ليگ مجيب الرحمان جي پارٽي جنھن جماعت اسلامي جي ماڻھن لاءِ زمين ٽامو ڪري ڇڏيو انھن کي حسينا به پنھنجي 15 ساله حڪومت ۾ سزائون ڏنيون سختيون ڪيون جيئن حسينا واجد جو پيءُ مجيب الرحمان به جماعت سلامي سان ويڌن ڪيا ساڳي طرح سندس ڌي جون وفاداريون پڻس وانگر نه رڳو انڊيا سان رھيون پر ملڪ م ڪرپشن ميرٽ جي لتاڙ نوڪرين ۾ اھميت انھن ماڻھن جي اولاد ۽ خاندانن کي ڏني وئي جن بنگال کي پاڪستان کان جدا ڪرائڻ ۾ ساٿ ڏنو ۽ جمائت اسلامي لاءِ زمين ٽامو ڪيو ھونئن.
اھا ڳالهه عام آھي 1971۾ بنگال جي بغاوت کي ڪچلڻ ۾ فوجين تي ظلم جيڪي ڪرڻ جا الزام لڳا در حقيقت ان ظلمن جي مشن کي انڊيا جي ايجنسين ۽ مڪتي باھني جي دھشتگردن ھلايو پئي پر الزام ملڪي فوج جي کاتي وڌو ٿي ويو جنھن پروپيگنڊا بغاوت کي پروان چاڙھيو نتيجي ۾ بنگال الڳ ٿيو، بھرحال بنگلاديش ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف سڄي ملڪ ۾ شاگرد يونين پاران سول نافرماني شروع ٿيل تحريڪ جيڪا يونيورسٽين جي شاگردن ميرٽ جي لتاڙ نوڪرين ۾ پنھنجا نوازي انساني حقن جي ڀڃڪڙي تي شروع ڪئي ھئي ان حسينه جي حڪومت کي ختم ڪري ڏيکاريون آھي انھن ڍاڪا سميت سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاج برپا ڪري ڇڏيو جتي باھيون مارا ماري ۽ پر تشدد واقعن تي مشتعمل ھڪ اھڙي منظم تحريڪ ھلائي وئي نتيجي ۾ حڪمران جماعت عوامي ليگ، شاگرد تنظيم ڇتر ليگ ۽ پوليس وچ ۾ جهڙپون ٿيون ڪيترائي ماڻھو مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿيا، زخمين ۾ اڪثريت جماعت بي اين پي ۽ ان جي ماتحت شاگرد تنظيمن جي ڪارڪنن جي آھي جن مختلف شهرن ۾ ھنگامو برپا ڪري ڇڏيو حڪومت سڄي ملڪ ۾ ٻيهر ڪرفيو لاڳو ڪيو پر احتجاجين ڪرفيو جي پرواهه نه ڪندي وڏي تعداد ۾ ٻاھر نڪري مظاھرا ڀڃ ڊاھ ڪئي جن وزير اعظم کان پر زور مطالبو ڪيو ھو ته اها استعيفا ڏئي. ان ئي دوران ملڪ جي وزير اعظم حسينا واجد جھاز ۾ چڙھي جيئن انڊيا وئي ته پويان سندس گھر تي گھيرو لڳو پيو ھو مٿين وگوڙن ۾ جتي انساني جانيون ضايع ٿيون آھن اتي ٽرين سروس معطل، عدالتون اڻڄاتل مدي لاءِ بند ٿيون انٽرنيٽ سروس به معطل ڪئي وئي، فيس بڪ ۽ واٽس اپ سميت سوشل ميڊيا جي ويب سائيٽس تائين پهچ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رھيون ھيون جنھن عوامي مسئلن کي وڌيڪ خراب ٿيون
بنگال ۾ 1972 ۾ جيئن مجيب الرحمان صدر ٿيو ھن ھن به مخالفن لاءِ زمين تپائي ڇڏي پر جيڪڏھن ھو جھموري طريقي سان درگذري اختيار ڪري ھا ته شايد پنھنجي فوج ھٿان پنھنجي گھر ۾ خاندان سميت ايئن نه مارجي وڃي ھا، مجيب وڃڻ کان پوءِ بنگال تقريبن ٻن ۾ عورتن جي حڪومت ھلندي رھي آھي پر خالده ضيا جي ڀيٽ ۾ حسينه جي ڪيترن سالن واري حڪومت ۾ قانون جي لتاڙ گھڻي رھي آھي. ڪرونا کان پوءِ بنگال معاشي طور ڪمزور ۽ قرضي ٿي ويو اھي سڀ مسئلا حسينا جي وس کان ٻاھر ٿي ويا شاگردن جي تحريڪ ھوئن ته 2009 کان سندس خلاف جاري ھئي پر موجوده احتجاجن جو طريقو ڪافي خطرناڪ ھو جنھن ملڪ کي ٽٽڻ جي ويجھو ڪري ڇڏيو ھو آخرڪار فوج حسينا کي اھو تاثر ڏنو ته سندس سخت پاليسي عوامي راءِ جي منافي آھي ڇوته سندس ان اعلان احتجاجين کي وڌيڪ چيڙائي. ڇڏيو جنھن ۾ ھن چيو ھو ته احتجاج ڪندڙ روڊن تي نڪرندڙ شاگرد نه دهشتگرد آهن، انهن کي چٿيو ويندو، ان ڪري لڳو ايئن ٿي ڀارت نواز عوامي ليگ جي ان عمل جي ڪري بنگلا ديش ٽٽي انڊيا جي جھولي ۾ پوندو يا ٽڪرن ۾ ورھائجي ويندو اتي بنگلاديش جي آرمي چيف جنرل وقار الزمان سڄي ملڪ ۾ ٽن ڏينهن جي عام موڪل جو اعلان ڪيو ھن جو چوڻ هو ته فوج عوام جي اعتماد جي علامت آهي ۽ ان کي نقصان نه پهچائيندي، ساڳي وقت مظاهرين جو هڪ ئي مطالبو ھو ته شيخ حسينا جي اڳواڻي ۾ حڪومت استعيفيٰ ڏئي. ويجهي ماضي ۾ ترقي ماڻيندڙ بنگال ۾ ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ کانپوءِ مهانگائي وڌي وئي، پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا گهٽجي ويا ۽ پرڏيهي قرض لڳ ڀڳ ٻيڻو ٿي ويو آھي عوامي راءِ آھي ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ غربت جو وڏو سبب شيخ حسينه حڪومت جي بدانتظامي آهي. انهن جي دعويٰ آهي ته ماضي ۾ ملڪ جي معاشي ڪاميابين جو فائدو صرف انهن ماڻهن کي مليو آهي جيڪي عوامي ليگ جو حصو هئا. انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ 2009 کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز پاران ماورائي عدالت قتل ۽ جبري گمشدگين ۾ اضافو ٿيو آهي
شيخ حسينه حڪومت انهن الزامن کي سختيءَ سان رد ڪندي رهي ھئي ، پر ساڳئي وقت سندس حڪومت غير ملڪي صحافين کي ملڪ ۾ ٿيندڙ انهن واقعن جي جاچ ڪرڻ کان روڪيندي رھي. 1971 ۾ پاڪستان کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ ملڪ ۾ سرڪاري شعبي جي نوڪرين جو ٽيون حصو جنگي فوجين جي خاندانن لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي شاگردن جو چوڻ آهي ته اهو نظام امتيازي سلوڪ آهي ۽ اهي ميرٽ جي بنياد تي ڀرتين جو مطالبو ڪري رهيا آهن اهو مسئلو، جيڪو يونيورسٽي ڪيمپس تي پرامن احتجاج طور شروع ڪيو ويو ھو.
انساني حقن جي تنظيمن جو اهو به چوڻ آهي ته گذريل 15 سالن ۾ 80 کان وڌيڪ ماڻهو، جن مان اڪثريت حڪومت مخالفن جو آھي اھي غائب ٿي ويا آهن ۽ سندن خاندانن کي انهن بابت ڪا به ڄاڻ ناهي بھرحال حسينه واجد جي وڃڻ کان پوءِ ھاڻ ضرورت ان ڳالهھ جي آھي ھڪ جمھوري حڪومت کي چونڊرائي اقتدار جي منتقلي ٿيڻ گھرجي اھو فيصلو بنگالي عوام بھتر نموني سان ڪري سگھي. ٿو.