ٻاهرئين ملڪ مان موبائل فون آڻيندڙن لاءِ وڏي خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ سال ۾ هڪ استعمال ٿيل موبائل فون رعايتي ٽيڪس تي آڻڻ جي تجويز سامهون آئي آهي.
نويد قمر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ ساليانو هڪ استعمال ٿيل موبائل فون آڻڻ تي رعايتي ٽيڪس ڏيڻ جي تجويز تي غور ڪيو ويو.
نويد قمر چيو ته ايف بي آر چيئرمين جي غير موجودگي ۾ سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ موبائل تي ٽيڪس نٿو گهٽائي سگهجي.
علي موسيٰ گيلاني زور ڏنو ته سمنڊ پار پاڪستانين کي پنهنجي گهر ڀاتين کي سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ موبائل فون تحفي طور ڏيڻ جو حق ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.