ڪوهلي ڀارتي بورڊ آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا، وجئه هزاري ٽرافي کيڏڻ لاءِ راضي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) رانديگرن کي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته عالمي ڪرڪيٽ جي گهرجن ۽ فٽنيس جي معيار موجب علائقائي ڪرڪيٽ کيڏڻ لازمي آهي، ٻي صورت ۾ رانديگرن کي ٽيم ۾ سليڪٽ نه ڪيو ويندو.
خبر سامهون اچڻ کانپوءِ ڀارتي ٽيم جا ٻه اڳوڻا ڪپتان ويرات ڪوهلي ۽ روھت شرما سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويا.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ٻئي رانديگر ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي چڪا آهن، پر بورڊ جو شرط آهي ته جيڪڏهن هو ون ڊي ٽيم ۾ کيڏڻ چاهين ٿا ته کين ” وجئه هزاري ٽرافي“ون ڊي ٽورنامنٽ کيڏڻي پوندي.
ان ڏس ۾ روھت شرما جنهن کي آسٽريليا جي دورو دوران قيادت تان هٽائي بورڊ شُڀمَن گِل کي ون ڊي ڪپتاني ڏني هئي، ٽورنامينٽ ۾ ممبئي لاءِ دستيابي ظاهر ڪري چڪو آهي.
خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته اسٽار ڀارتي بيٽر ويرات ڪوهلي وجئه هزاري ٽرافي کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي پر هاڻي اطلاعن موجب، ٽورنامينٽ کيڏڻ لاءِ تيار آهي ۽ هو ايونٽ ۾ دهلي جي نمائندگي ڪندو.
ميڊيا رپورٽن موجب، ويرات ڪوهلي ڪيترن ميچن لاءِ دهليءَ کي دستياب هوندو اِهو اڃا واضح ناهي ٿي سگهيو، وجئه هزاري ٽرافي 24 ڊسمبر 2025ع کان 18 جنوري 2026ع تائين کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.