اسرائيلي فوج فلسطيني علائقن مان نڪري وڃي: گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ اڪثريت سان ٺهراءُ منظور

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ فلسطين مسئلي جي پرامن حل ۽ شامي علائقي گولان تي ٻه اهم ٺهراءَ منظور ڪيا ويا.
اڱاري ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو 80هون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻه اهم ٺهراءَ منظور ڪيا ويا.
فلسطين مسئلي جي پرامن حل بابت ٺهراءَ جي حق ۾ 151 ووٽ ۽ مخالفت ۾ 11 ووٽ پيا، جڏهن ته 11 ملڪن حصو نه ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ٺهراءُ جيبوتي، اردن، موريتانيا، قطر، سينيگال ۽ فلسطين طرفان پيش ڪيو ويو.
ان ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته اسرائيل والاريل فلسطيني علائقن مان غير قانوني قبضو ختم ڪري، نيون آباديون ٺاهڻ بند ڪري، موجوده آبادڪارن کي ڪڍي.
ان کانسواءِ شامي علائقي گولان بابت به ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، جنهن جي حق ۾ 123، مخالفت ۾ 7 ووٽ پيا، ان ٺهراءَ ۾ 41 ملڪن حصو نه ورتو.
ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته 1981 ۾ گولان تي اسرائيلي قانون ۽ انتظاميا لاڳو ڪرڻ جو فيصلو غير اثرائتو آهي.
اهو ٺهراءُ مصر طرفان پيش ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.