تاريخ جي مشڪل دور ۾ داخل ٿيل بنگلاديش جو هاڻي ڇا ٿيندو!

تحرير: علي محمد ميمڻ

 بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينا واجد جي ملڪ تي 16 سال ڊگهي حڪمراني سبب ملڪ وڳوڙن ۽ سول نافرماني جي باهه ۾ وڪوڙجڻ لڳو ۽ حڪومت  طرفان سندس غير مقبول پاليسين خلاف شروع ٿيل عوامي هلچل کي سياسي طور منهن ڏيڻ جي بدران شاگردن جي مظاهرن تي  ڏمرجي پئي ۽ رياستي طاقت جو بي رحماڻو استعمال ڪري شاگردن مٿان سڌي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن سبب 77 شاگرد قتل ٿي ويا ۽ ٻين مظاهرن ۾ رتوڇاڻ ڪرڻ وارا وڏا ڏوهه ڪري وڌا ته ان بعد ملڪ سندس ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري ويو ۽ ملڪ ۾ پيدا ٿيل سول نافرماني واري تحريڪ ملڪ ۾ پڪڙجي وڃڻ ۽ مخالف ڌر جي وڌيڪ زور وٺڻ بعد آخرڪارسندس مقرر ڪيل آرمي چيف طرفان وزير اعظم شيخ حسينا واجد کي حڪومت ڇڏي ملڪ مان حفاظت سان نڪري وڃڻ وارو محفوظ رستو ڏنو ويو.

جون 2024ع ۾ سندس حڪومت طرفان لڳايل پنهنجي خاندان سان خاص قربت رکندڙ آرمي چيف وقارالزمان طرفان وزير اعظم شيخ حسينا واجد کي اقتدار ڇڏڻ جو وقت ڏنو ويو، جنهن تي وزير اعظم طرفان اتفاق ڪندي پنهنجي عهدي تان استعفي ڏيڻ بعد فوج جي حفاظت ۾ برطانوي شهري سندس ڀيڻ سان گڏ خصوصي هوائي جهاز130 c-  پنهنجي  ڀيڻ سميت هندستان رواني ٿي ويئي جتي هو دهلي جي ويجهو خاص حفاظت ۽ حڪومتي پروٽوڪول تحت هندستان سرڪار جي  خاص مهمان بڻيل آهي. خبرون آهن ته هو جلد ئي سياسي پناهه لاءِ برطانيا وڃڻ واري آهي ۽ جيستائين بندوبست ٿئي ۽ برطانوي حڪومت طرفان اهڙي اجازت ملي تيستائين هو دهلي ۾ هندستان حڪومت جي مهمان جي حيثيت ۾ رهندي.

شيخ حسينا واجد جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ آرمي چيف وقارالزمان طرفان ملڪ ۾ عبوري حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويوآهي ۽ بنگلاديش جي وڏين سياسي جماعتن کي هن گهڻ جماعتي يا عبوري قومي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ ۽ هڪ ٻئي سان تعاون ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون پيون وڃن مخالف ڌر جي سڀ کان وڏي جماعت بنگلاديش نيشلسٽ پارٽي جي سربراهه اڳوڻي وزير اعظم خالده ضياءَ کي پڻ فوري طور تي جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي ۽ هن سان ۽ سندس جماعت جي سينيئر قيادت سان پڻ  آرمي چيف طرفان کين حڪومت ۾ شامل ٿيڻ ۽ ملڪ کي وڳوڙن ۽ سياسي بحرانن مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ  ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. حڪومت جون واڳون سنڀاليندڙ بنگلاديش جي آرمي چيف وقارالزمان طرفان قوم کي ڪيل خطاب ۾ سندس چوڻ هو ته ملڪ کي گڏيل حڪومت جي ذريعي هلايو ويندو ۽ بنگلاديش جا سمورا فيصلا فوج ڪندي، هن طرفان چوڻ هو ته بنگلاديش جي عوام کي يقين ڏياريان ٿو ته انهن جا سمورا مطالبا پورا ڪيا ويندا ۽  صدر سان جلد ملاقات ڪئي ويندي ۽ ان  ملاقات ۾ عبوري حڪومت جي قيام تي به ڳالهيون ڪيون وينديون.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته بنگلاديش نيشلسٽ پارٽي(بي اين پي) سميت وڏين سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڪيون آهن. عبوري حڪومت جي قيام لاءِ عوامي ليگ کان سواءِ سمورين سياسي پارٽين سان ڳالهيون ٿيون آهن. ان سان گڏ  آرمي چيف بنگلاديش جي عوام کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪئي.

 

بنگلاديش ۾ آيل سياسي زلزلي پيدا ٿيل نئين سياسي بحران بعد ظاهري طور تي ائين چيو پيو وڃي ته اتي فوج حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو آهي ۽ وزير اعظم شيخ حسينا واجد کي آرمي چيف طرفان حڪومت ڇڏڻ جو الٽيميٽم يا چتاءُ ڏنو ويو ۽ آرمي چيف جي ڏنل 48 ڪلاڪن کان اڳ ئي وزير اعظم طرفان استعيفا ڏيئي ڇڏي ۽ حڪومتي پروٽوڪول ۾ وزير اعظم جي جهاز ۾ ئي ملڪ ڇڏي هندستان هليو وڃڻ وارو منظرنامو اسان جي ملڪ يا ٻين اهڙن ملڪن جنهن ۾فوج سول حڪومتن جو تختو اونڌو ڪيو هجي ته اتي معزول حڪمرانن کي خاص پروٽوڪول ۽ اهڙي قسم جي بندوبست ۽ حفاظت سان ٻئي ملڪ روانو ٿيڻ نه ڏنو ويندو آهي، پر اسان جي ملڪ جي تاريخ وانگر سهالا ڪيمپ ريسٽ هائوس، ڪوٽ لکپت جيل يا خاص مرڪزن ۾ وڃي بند ڪيو ويندو آهي پر بنگلاديش ۾ فوج جي بغاوت بلڪل مختلف منظرنامو ان ڪري نظر اچي رهيو آهي جو بنگلا ديش ۾ عملي طور تي فوج جي بغاوت نه پر پنهنجي حڪومت يا حڪمرانن جي سهولت ڪاري  ڪرڻ ۽ انهن کي حفاظت سان مڇريل عوام کان بچائڻ ۽ حڪمرانن جي سياسي اثاثن کي پنهنجي حفاظت ۾وٺڻ ۽ انهن مٿان آيل خراب وقت کي ٽارڻ ۽ اقتدار بي ٽيم طور پنهنجي ئي هٿن ۾ رکڻ واري جيڪا اٽڪل ڪئي وئي آهي پنهنجن ماڻهن پنهنجن مالڪن کي بچائڻ واري جيڪا خدمت ڪئي آهي اها کيس آرمي چيف بنائڻ کان سواءِ شيخ مجيب الرحمان طرفان هاڻوڪي آرمي چيف جي والد ۽ پنهنجي عزيز جنرل مستفيض الزمان کي به بنگلاديشي فوج ۾ آڻي آرمي چيف بنائڻ واري ڪيل احسانن جي عيوض هڪ معمولي  خدمت آهي ۽ جنرل وقار الزمان پڻ شيخ مجيب الرحمان جو ڀائيٽو ۽ شيخ حسينا واجد جي سئوٽ جو مڙس پڻ آهي.

گڏيل هندستان جي اڳوڻي رياست اوڀر بنگال، پاڪستان ٺهڻ کان هڪ سال اڳ 1946ع ۾ پاڪستان جي وفاق ۾ شامل ٿيو ته ان بعد کيس اوڀر پاڪستان جو نالو ڏنوويو. جڏهن ته اولهه پاڪستان ۾ سنڌو ماٿريءَ جون پنج رياستون ۽صوبا سنڌ، پنجاب، بهاولپور رياست، سرحد ( هاڻوڪو خيبر پختونخواه)، بلوچستان ۽ پنجن وڏين قومن پنجابي ، سنڌي، سرائيڪي، پختون ۽ بلوچ قومن ۽ انهن جي تاريخي رياستن سميت مسلمانن جي اڪثريتي ملڪ پاڪستان ۾ شامل هئا.  پاڪستان پنهنجي ٺهڻ وقت خطي جي ٻن مختلف قديم تاريخ ۽ تهذيبن تي مشتمل خطن تي هڪ  وفاقي ملڪ طور وجود ۾ آيو، جنهن ۾ سمورين قومن ۽ هڪجهڙائي جي بنياد صرف مسلمانن جي اڪثريتي آبادي وارين رياستن يا صوبن واري ئي هئي. جڏهن ته جمهوري سرشتي تحت آبادي جي اڪثريت بنگال يا اوڀر پاڪستان کي ئي حاصل هئي جڏهن اولهه پاڪستان ۾ موجود قومون تاريخي طور تي هڪ ئي سنڌو ماٿريءَ جون قومون ۽ رياستون هيون جن جي تهذيب ۽ ثقافت ۾ پڻ هڪجهڙائي ۽ ويجهڙائپ هئي.

بنگلاديش، پاڪستان جو حصو رهڻ دوران اوڀر پاڪستان جي طور تي ملڪ جي مجموعي آبادي جو سڀ کان وڏو صوبو هئڻ ڪري ملڪ جي وفاقي ۽ جمهوري سرشتي ۾ حصيداري ۽ حڪومت سازي ۽ حڪمراني ۾ شراڪت داري جي فارمولن وارا سوال اڪثر پيدا ٿيندا رهندا هئا.  هڪ پاسي اهو بحث ۽ معاملو ملڪ جي ٻن وڏين قومن بنگال ۽ پنجاب ۾ ڇڪتاڻ جو سبب بڻيل هو ته ٻئي پاسي اوڀر ۽ اولهه پاڪستان جي قومن ۾ پڻ اهي سياسي ۽ تاريخي تڪرار ، فرق ۽ حق واسطن جي چڻنگ وڌي مچ جي صورت پڻ اختيار ڪري رهي هئي. جنهن جا نتيجا  اڳتي هلي گڏيل ملڪ واري وقت ۾ 1970ع ۾ ٿيل چونڊن جي حيرت انگيز نتيجن جي صورت ۾ پڻ سامهون آيا. جنهن ۾ شيخ مجيب الرحمان جي جماعت عوامي ليگ کي بنگال ( اوڀر پاڪستان) ۾ وڏي اڪثريت ملي هئي ۽ ملڪ جي اڌ کان به وڌيڪ بنگال جي آبادي جي ووٽن ۽ سيٽن جي مقابلي ۾ اولهه پاڪستان جي چئني صوبن ۽ پنجن ئي قومن عوامي ليگ کي رد ڪري ڇڏيو ۽ هن ملڪ ۾ شيخ مجيب الرحمان جي سياست ۽ سندس جماعت عوامي ليگ کي رد ڪري ڇڏيو ويو ۽ چئني صوبن مان ڪٿان هڪ قومي يا صوبائي سيٽ عوامي ليگ کي نه ملي سگهي. پنجاب ۽ سنڌ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت ۽ ان جي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي کي اڪثريتي سيٽون مليون ۽ باقي سرحد صوبي ۽ بلوچستان ۾ پڻ پ پ کي ڪجهه سيٽون مليون ۽ نيشنل عوامي پارٽي (نعپ) ۽ جميعت علماءَ اسلام کي صوبي سرحد۽ بلوچستان ۾  اڪثريتي سيٽون مليون جڏهن ته عوامي ليگ جي اتحادي نعپ کي پڻ اوڀر پاڪستان (بنگال) مان صرف هڪ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ ملي سگهي. ملڪ جي ڇهه قومن جي ٻن خطن ۾ عملي طور تي اوڀر پاڪستان ۾ بنگالي هڪ قوم سياسي لحاظ کان ڌار ۽ ٻئي پاسي اولهه پاڪستان جون باقي پنج قومون بنگالي قوم جي ليڊر شيخ مجيب الرحمان ۽ سندس جماعت عوامي ليگ کان سوچ ، فڪر، تهذيب ۽ قومي سڃاڻپ جي لحاظ کان بلڪل ائين ڌار نظر آيون جيئن اوڀر ۽ اولهه طرف هڪٻئي جي ابتڙ هوندا آهن.

ان صورتحال جو فائدو ملڪ جي هڪ وڏي قوم جي طاقت ور ڌرين ٻئي ان کان به وڏي قوم جي خلاف ڪيو ۽ اوڀر پاڪستان ۾ آپريشن ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ اڳتي هلي ملڪ ورهائجي ويو ۽ اوڀر پاڪستان بنگلاديش بڻجي ويو. بنگلاديش پنهنجي ليڊر شيخ مجيب رحمان جي سوچ ۽ سياست تي اڳتي وڌيو ان بعد اتي وري آپريشن ٿيا۽ شيخ مجيب الرحمان  مارجي ويو. ان بعد به بنگلاديش جي بدنصيبي جي تاريخ تبديل نه ٿي۽ اتي ٻه ڀيرا فوجي حڪومتون 1975 ۽  1990 ۾ اقتدار ۾آيون. بنگلاديش ۾ شيخ مجيب الرحمان ۽ شيخ حسينا واجد جي جماعت عوامي ليگ ۽ جنرل ضياءَ الرحمان ۽ بيگم خالده ضياءَ الرحمان جي جماعت بنگلاديش نيشلسٽ پارٽي بنگلاديش جي سياست ۾ وڏيون جماعتون آهن جنهن ۾ مقابلا ٿيندا رهن ٿا ۽ وزير اعظم شيخ حسينا واجد جي حڪومت ۾ مخالف ڌر جي ليڊر ۽ اڳوڻي وزير اعظم بيگم خالد ضياءَ جيل ۾ بند هئي جنهن کي حڪومت جي خاتمي بعدآزادڪيو ويو آهي.

بنگلاديش پنهنجي تاريخ جي هڪ مشڪل دور مان لنگهي رهيو آهي. اميد ڪريون ٿا بنگلاديش وڏن سياسي بحرانن ۽ فوجي حڪومتن جي آمريتن کان خير خيريت سان بچي نڪري ويندو ۽ ملڪ ۾ آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون ٿينديون ۽ ملڪ ۾ جلد ئي جمهوريت بحال ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.