ڊي آءِ خان ۾ دهشتگردن جو پوليس موبائل تي حملو، 3 اهلڪار شهيد

ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس موبائل تي دهشتگردن جي حملي ۾ 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا.
پوليس موجب پنيالا جي علائقي ۾ ڊگري ڪاليج ڀرسان روڊ تي پوليس موبائل پهچڻ تي آءِ اي ڊي ڌماڪو ٿيو.
ڌماڪي کانپوءِ دهشتگردن پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي، حملي ۾ اي ايس آءِ سميت 3 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.
پوليس ٻڌايو ته حملي کانپوءِ دهشتگرد فرار ٿي ويا، علائقي جي ناڪابندي ڪري سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.