پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن کي آزاد قرار ڏيڻ خلاف درخواست خارج ڪري ڇڏي.
درخواست جي ٻڌڻي جسٽس محمد نعيم انور ۽ جسٽس ڪامران حيات ميان خيل تي ٻڌل بينچ ڪئي.
علي امين گنڊاپور جي درخواست ۾ اليڪشن رولز 94 کي چيلينج ڪيو ويو هو.
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ ميمبرن کي آزاد قرار ڏنو، هاڻ اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ته پي ٽي آءِ سياسي جماعت آهي يا نه.
اليڪشن ڪميشن وڪيل چيو ته مخصوص سيٽن تي اڳ پشاور هاءِ ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ، پوءِ سپريم ڪورٽ جو فيصلو آيو.
ن ليگ جي وڪيل چيو ته نظرثاني درخواستن تي آئيني بينچ فيصلو ڏنو، هاڻ اهو معاملو ختم ٿي چڪو آهي.
پشاور هاءِ ڪورٽ دليل ٻڌڻ کانپوءِ درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو هاڻ ٻڌايو ويو آهي.
عدالت علي امين گنڊاپور جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.
پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن کي آزاد قرار ڏيڻ خلاف درخواست خارج ڪري ڇڏي
You might also like