سنڌي ۽ سرائڪي جي  عظيم شاعر حمل فقير لغاري جو 150 هون عرس مبارڪ

تحرير: قاضي جاويد سنائي

2 صفرالمظفر سنڌ جي عظيم روحاني شخصيت هڪ ئي وقت شاعر، استاد ۽ صوفي بزرگ حمل فقير لغاري عليه الرحمت جو 150 هون عرس مبارڪ آهي حمل سائين جي باري ۾ تاج جويو جو خيال آهي ته شاھ عبدالطيف ڀٽائي کان پوءِ حمل فقير لغاري ماڻھن کي ياد آهي ۽ محفلن ۾ ڳايو وڃي ٿو مٿيان ٻئي شاعر اهڙا شاعر آهن جن سوين سالن تائين عوام جي دلين تي پنهنجي شاعري جي ڇاپ ڇڏي آهي.

حمل فقير کي اسان کان وڇڙي ته 144 سال ٿيا آهن سنڌوءَ ڪناري آباد هڪ استاد ۽ ڏاهي عنايت الله گائنچو کي جيڪو عنايت الله ڌمچر جي نالي سان مشهور ٿيو ان 1976 ۾ سڪرنڊ جي ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ سائين جي ايم سيد جي فرزند سيد امداد محمد شاھ تي زور ڀريو ته اوهان سڪرنڊ ۾ رهو ٿا سڪرنڊ جي آس پاس دنيا جو عظيم شاعر دفن ٿيل آهي جنهن کي حمل فقير لغاري چون ٿا جيڪو عظيم شاعر آهي امداد شاھ جي شاعري سان خاص دلچسي نه هوندي هئي سندس طبيعت ۾ رڳو سماجي ۽ اجتماعي ڪم هوندا هئا پر عنايت الله ڌمچر جيڪو سيد امداد شاھ جو استاد پڻ هو ان امداد شاھ تي زور ڀريو ته توکي اهو ڪم ڪرڻو آهي.

امداد شاھ جنهن جي تربيت عظيم ۽.قدردان گهراڻي ۾ ٿيل هئي تنهن استاد جو چيو مڃي حمل فقير لغاري جي قبر جي ڳولا شروع ڪئي ۽  نيٺ سڪرنڊ لڳ ڳوٺ مير خان لغاري ۾ پراڻن ماَڻھن کان پڇا ڪندي ڪندي حمل فقير لغاري جي قبر جي سڃاڻپ ٿي جيڪا سندس قبر تان ڀڳل هڪ ٺڪري مان ٿي جنهن تي حمل فقير لکيل هو امداد شاھ سڀ کان پهرين ان قبر کي ٻيهر ظاهر ڪري نئين سر ڪچي ڪري جوڙائي جيڪا جلد  پڪي ڪرائي چوکنڊي پڻ ڏياري وئي ان کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت جي سهڪار سان حمل فقير جي نالي سان ادبي ڪانفرنس ڪرائڻ جو ٻوٽو پوکيو جنهن جي آبياري ۾ امداد شاھ سان گڏ تاج جويو، عبدالرحمان عبد منگيو، مير محمد پيرزادو، ڊاڪٽر حاجي خان ڪيريو، ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي ، استاد ڄام خان لغاري ۽ حافظ محمد بخش خاصخيلي شامل هئا اڄ اهو وڻ نه صرف ڇانوَ ڏئي رهيو آهي پر ادبي ڦل پڻ ڏئي رهيو آهي.

امداد شاھ پنهنجي ذاتي حيثيت سان ان وقت جي وڏي وزير سيد غوث علي شاھ، ضلع ڪائونسل نوابشاھ ۽ سرندي وارن سان رابطو ڪري حمل جي تدريسي ۽ فڪري تعليم کي ٻيهر جاري  رکڻ لاءِ جامع منصوبو جوڙيو جنهن تحت ڳوٺ خير محمد لغاري ۾ ادبي ڪانفرنس منعقد ڪري حمل جي پيغام کي ماڻھن تائين پهچايو ويو. ان سلسلي ۾  سندس ديني خدمتن ۽ بند ٿيل تدريسي عمل کي ٻيهر جاري رکڻ لاءِ سڪرنڊ جي واپاري مرحوم سيٺ محمد ابراهيم ميمڻ سنائي مسجد جوڙائي جڏهن ته نالي واري دانشور مرحوم حفيظ قريشي، سيٺ مرحوم خدا بخش ميمڻ سنائي ۽ مرحوم استاد ڄام خان لغاري الڳ الڳ ٽي ڪمرا جوڙايا جيڪي اڄ به قائم آهن 1981 ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل نوابشاھ ميلو ۽ ادبي ڪانفرنس جو اهتمام پاڻ تي کنيو ۽ هر سال هي ميلو لڳندو رهيو جيڪو عام ميلن کان هٽي ڪري رهيو مون مٿي ذڪر ڪيو هو ته امداد شاھ جي سوچ اجتماعي ۽ سماجي هوندي هئي سو هن حمل فقير جي ميلي مان اهي ٻئي مقصد ماڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان ۾ ڪامياب ويو ادبي ڪانفرنس سان فڪري سوچ  جي پکيڙ ۽ ميلي ۾ زرعي ۽ مال جي ڄاڻ بابت نمائشون لڳائڻ جو اهتمام ڪيو ايئن هي ميلو ۽ ادبي ڪانفرنس ملهائڻ لاءِ ڪلچرل ڪاميٽي جوڙي وئي جنهن جي نگراني روينيو ۽ تعليم کاتي جا ضلعي آفيسر ڪندا هئا 2004 ۾ سيد امداد محمد شاھ جي وفات کانپوءِ سندس لائق فرزند سيد زين شاھ پڻ پنهنجي والد جي پوکيل ٻوٽي جي حفاظت جو ڪم پنهنجي ذمي کنيو ۽ ان به حمل جو ميلو ۽ ادبي ڪانفرنسون ڪرائيندو رهيو جيڪو 2007 تائين جاري رهي سگهيو آخري ميلي ۾ ضلعي ناظمه ميڊم فريال ٽالپر پڻ شامل هئي ان کان پوءِ ميلو ۽ ادبي ڪانفرنس ايئن بند ٿي ويا ڄڻ سرڪاري پابندي هجي بلڪه هڪڙي ٻهراڙي جي سادي ماڻھو چئي به ڏنو ته سائين ميلي تي سرڪاري پابندي آهي مون پڇيو مانس اهو وري ڪيئن وراڻيائين ته ميلي ۽ ادبي ڪانفرنس ۾ ذڪر ٿئي ٿو امداد محمد شاھ جو جيڪو موجوده حڪومت کي نٿو وڻي ان ڪري امداد شاھ سان اختلافن سبب حمل کي به وساريو ويٺا آهن جيڪڏھن هن سادي ماڻھو جي ڳالهھ سچي آهي ته پوءِ اهڙن حڪمرانن تي به تاريخ لکبي خير 10 سالن کان بند پيل عرس کي ٻيهر شروع ڪرائڻ لاءِ سال 2016 ۾ علم ۽ ادب سان چاھ رکندڙ  سڪرنڊ جي معروف شخصيت محمد صالح ڪيريو ان وقت جي سيڪريٽري ثقافت غلام اڪبر لغاري سان ملاقات ڪري کيس ميلي ۽ ادبي ڪانفرنس جو چيو جنهن هاڪاري جواب ڏئي سموري ذميواري پاڻ تي کڻي ثقافت کاتي پاران ميلي کي ٻيهر شروع ڪرايو ويو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.