بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جا ڌرڻا جاري، ڪنٽرولڊ ميڊيا اسان کي تشدد پسند پئي ڏيکاري\ماه رنگ بلوچ

گوادر(م ڊ)  بلوچستان جي ساحلي شهر گوادر ۽ راڄڌاني ڪوئيٽا سميت ٻين علائقن ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي پاران ڌرڻن ۽ احتجاجن جو سلسلو آچر ڏينهن به جاري رهيو. حڪومتي عملدارن جو چوڻ آهي ته آچر جي صبح بلوچ سوليڊريٽي ڪميٽي جي اڳواڻن سان ڳالهين جو نئون دور شروع ٿي ويو آهي. هوڏانهن نوشڪي ۾ فائرنگ ۾ نوجوان جي قتل ۽ ٻن ڄڻن جي زخمي ٿيڻ خلاف ڪوئيٽا ۽ ايران جي سرحدي شهر تفتان وچ ۾ هاءِ وي ڌرڻي سبب ٽئين ڏينهن به بند رهيو. بلوچ سوليڊريٽي ڪميٽي جي مرڪزي آرگنائيزر ڊاڪٽر ماه رنگ  بلوچ چيو آهي ته هو گوادر ۾ هزارين ماڻهن سان گڏ موجود آهن. هن الزام لڳايو ته رياستي مشينري کي اسان جي خلاف ڪريڪ ڊائون کي جواز بڻائي استعمال ڪيو پيو وڃي. بلوچ يڪجهتي ڪميٽي حڪومت تي ڊيڊ لاڪ ختم ڪرڻ ۾ اڳڀرائي نه ڪرڻ جو الزام هنيو آهي ۽ چيو آهي ته حڪومت پهرين پرامن احتجاج ڪندڙن تي تشدد ڪيو ۽ هاڻي اسان جي مطالبن تي عمل ناهي ڪيو. هوڏانهن بلوچستان جي گهرو وزير مير ضياءُ الله لانگو جو چوڻ آهي ته حڪومت ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن سان گهڻي لچڪ ڏيکاري آهي، پر بلوچ ساليڊريٽي ڪميٽي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج کي طول ڏئي رهي آهي.  بلوچستان حڪومت جي گهرو کاتي جي هڪ آفيسر جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي سينيئر وزير مير ظهور بليدي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ اشرف حسين جي معرفت بلوچ اتحاد ڪميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر ماه رنگ سان ٻيهر رابطو ڪيو. هن چيو ته ان رابطي کانپوءِ حڪومت مير ظهور بليدي جي اڳواڻي ۾ جڏهن ته ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ جي اڳواڻي ۾ بلوچ اتحاد ڪميٽي جي وفدن وچ ۾ ڳالهين جو سلسلو جاري آهي هن وقت تائين انهن ڳالهين جي حوالي سان ڪا به اڳڀرائي نه ٿي آهي. موبائيل فون سروس بند هجڻ سبب گوادر ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻن سان انهن ڳالهين جي حوالي سان رابطو نه ٿي سگهيو، جڏهن ته سوشل ميڊيا ايڪس تي ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ جو پيغام سامهون آيو آهي. ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ جو چوڻ آهي ته هو ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جا ٻيا اڳواڻ هزارين ماڻهن سان گڏ گوادر ۾ موجود آهن. گوادر شهر ۾ روڊ رستا ۽ انٽرنيٽ بند ٿيڻ سبب شهر جو نظام ڪٽجي ويو آهي. هن چيو ته ’ڪنٽرولڊ‘ ميڊيا هميشه اسان کي پرتشدد ۽ ڳالهين لاءِ تيار نه هجڻ جي ڪري پيش ڪيو، پر رياستي تشدد باوجود اسان پهرين ڏينهن کان پرامن رهيا آهيون. هن پيغام ۾ هن سڄي تشدد جو الزام حڪومت تي لڳايو ۽ چيو ته اسان پهرين ڏينهن کان پرامن هئاسين پر رياست هاءِ ويز ۽ انٽرنيٽ بند ڪري پرامن مظاهرين تي سڌي فائرنگ ڪئي. هن چيو ته اسان جا مطالبا واضح آهن، جن مان هڪ آهي بلوچستان جي مستونگ، گوادر، تلاار ۽ ٻين علائقن ۾ مظاهرين تي فائرنگ ڪندڙ فورسز خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. هن چيو ته گوادر ۽ بلوچستان جي ٻين علائقن مان ناڪابندي ختم ڪئي وڃي ۽ اها ضمانت ڏني وڃي ته رياستي قوتون وڌيڪ طاقت ۽ تشدد جو استعمال نه ڪنديون. بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي ڪارڪنن، همدردن ۽ گوادر جي آبادگارن کي هراسان ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. هن چيو ته حڪومت کي تسليم ڪرڻ گهرجي ته هن پرامن تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪيو.  هن چيو ته رياستي ادارا اسان جا مطالبا مڃڻ بدران وڌيڪ طاقت جو استعمال ڪري مون کي ۽ بي يو سي جي قيادت کي گرفتار ڪرڻ چاهين ٿا. هوڏانهن ڪوئيٽا ۾ بلوچستان يونيورسٽي آڏو ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ بيبرگ بلوچ چيو ته گوادر، ڪوئيٽا، تربت ۽ نوشڪي ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽيءَ جا ڌرڻا جاري آهن. بلوچستان جي گهرو وزير ميرضياءُ الله لانگو چيو آهي ته هو پاڻ ڪيترائي ڏينهن گوادر ۾ رهيو ته ڪو اهڙو ڪم نه ٿئي جنهن سان صورتحال خراب ٿئي. هن چيو ته گوادر ۾ بلوچ سوليڊريٽي ڪميٽي جي عهديدارن سان ڳالهيون ٿيون ۽ معاهدي تي صحيحن کانپوءِ جمعي جي ڏينهن 11 وڳي ڌرڻو ختم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو. سندس چوڻ هو ته رياست صحيح معنيٰ ۾ ماءُ جهڙو سلوڪ ڪندي آهي. نه ئي وري سندن ڪيترائي مطالبا مڃيا ويا ته جيئن مسئلا پرامن طريقي سان حل ٿي سگهن. اسان رستو کوليو ۽ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو به موبائيل فون سروس کولڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي خط لکي ڇڏيو. هوڏانهن وادر ۾ 10 ڏينهن کانپوءِ پي ٽي سي ايل نيٽ ورڪ بحال ٿي ويو، ڊپٽي ڪمشنر حمودالرحمان رانجها موجب بي وائي سي سان ٿيل معاهدي تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي، گوادر شهر ۾ ڪاروباري مرڪز پڻ کوليا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.