اسلام آباد/لاهور(انصار عباسي+معظم فخر) پارليامينٽ سپريم ڪورٽ آڏو سرينڊر نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، پي ٽي آءِ لاءِ مخصوص سيٽن جو حصول مشڪل بڻجي ويو،ڪنهن به جج کي آئين ۾ ترميم ڪرڻ جو اختيار ناهي،اڄ سومر تي قومي اسيمبلي جو اهم اجلاس ٿيندو،سينيٽ اجلاس به طلب ڪيو ويو آهي، اڄ پارليامينٽ سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت فيصلي کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائڻ لاءِ قانون سازي ڪرڻ واري آهي،اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي ويندي،ٻنهي ايوانن مان بل منظور ڪري ايوان صدر موڪليو ويندو،ان صورتحال ۾ سوال اهو ٿو اڀري ته قانون سازي کانپوءِ ججن ۽ پارليامينٽ ۾ جهيڙو ختم ٿي ويندو؟ ماضي ۾ به عدليه پارليامينٽ جي قانون سازي واري حق تي ڌاڙا هڻي چڪي آهي،ججن جي مقرري معاملي تي به اڳوڻن ججن رڌڻي ۾ رولو وڌو هو،آرٽيڪل 63 اي بابت به ويجهي ماضي ۾ اعليٰ عدليه ٻه الڳ الڳ مثال قائم ڪري ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون هيون،جڏهن ته پ پ هن وقت مسلم ليگ ن جي حڪومت مان مطمئن نظر نه پئي اچي پر ان جي باوجود پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ اها ن ليگ سان گڏ بيٺل آهي،بلاول پرڏيهه ۾ هئڻ باوجود پارٽي ميمبرن کي هدايتون ڪيون آهن ته اڄوڪي پارليامينٽ اجلاس ۾ شرڪت ڪري قانون سازي جي حمايت ۾ ووٽ ڏيڻ سان گڏ دبنگ آواز ۾ تقريرون به ڪرڻيون آهن،جڏهن ته مخصوص سيٽن بابت فيصلي ۾ ٻن ججن جي اختلافي نوٽ کي تفصيلي فيصلي جو حصو بڻائي ان جو جواب به ڏنو ويندو،عمران خان جي محبت ۾ اهو فيصلو ڏيندڙ ججن کي اختلافي نوٽ بابت جواز به ٺاهڻا پوندا،ڇو ته ٻن ججن جي اختلافي نوٽ 8 ججن جي اڪثريتي فيصلي کي ”زنده درگور “ ڪري ڇڏيو آهي،اهو فيصلو آئين جي مختلف شقن جي خلاف هو،اهو به امڪان آهي ته پي ٽي آءِ جا قومي اسيمبلي ۾ 39 ميمبر نااهل ٿي سگهن ٿا،ٻن ججن جي اختلافي نوٽ کانپوءِ حڪومت کي عدليه خلاف ڳالهائڻ جو وڌيڪ موقعو ملي ويو،تحريڪ انصاف اهو تاثر پيدا ڪري رهي آهي ته انهن (ٻن)ججن جو جهڪاءُ اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت ڏانهن آهي