اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هو مهانگائي ۽ بجلي جي مسئلن کان چڱي ريت واقف آهن. IPPs تي ترجيحن جو جائزو وٺي رهيا آهيون.حڪومت 200 يونٽن تائين صارفين کي رليف ڏنو آهي. چين جو دورو ڪري آيل صحافين جي وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته چين آئرن برادر آهي، چين سان دوستي ۽ لاڳاپن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، سي پيڪ جاري رهندو، سي پيڪ جا منصوبا هن حڪومت جي دور ۾ مڪمل ڪيا ويندا. شهباز شريف چيو ته هن پنهنجي چين جي تازي دوري ۾ اهم مقصد حاصل ڪيا آهن، چين کي باضابطا درخواست ڪئي آهي ته پاڪستاني قرضن کي 5 سالن لاءِ ري شيڊول ڪيو وڃي، اميد آهي ته چيني حڪومت اسان جي درخواست تي هاڪاري جواب ڏيندي. وزيراعظم چيو ته ڪيتريون ئي چيني ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪنديون. معاشي ترقي جا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ عوام کي به مٽيءَ وانگر متحد ٿيڻو پوندو. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چينين جي سڪيورٽي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو،
چينين جي سڪيورٽي تي حڪومت ۽ ادارا هڪ پيج تي آهن، هو پنهنجي ذميواري سمجهن ٿا.