اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته فوج سان بهترين لاڳاپا برقرار نه رکڻ بيوقوفي آهي،اسان کي پنهنجي هٿياربند فوج تي فخر آهي،غيرملڪي خابرو اداري جي موڪليل سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته فوج سان ڪنهن به طرح جون ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيان،چونڊن ۾ اسان جي اڪثريت تسليم ڪرڻ تائين حڪومت يا فوج سان عدالت کان ٻاهر ڪو به ٺاهه نه ٿيندو،اسان اهڙين سمورين ڳالهين لاءِ تيار آهيون جيڪي ملڪ جي خراب ٿيندڙ صورتحال کي بهتر ڪري سگهن، شهبازشريف جي مخلوط حڪومت سان اهڙين ڳالهين جو ڪو به فائدو ناهي،جيڪا اصل قوت آهي ان سان ئي ڳالهيون فائديمند وينديون،فوجي قيادت خلاف غلط فهمين کي پوري اداري خلاف قرار نه ڏيڻ گهرجي،حڪومت جي خاتمي کانپوءِ منهنجي تنقيد فردن خلاف رهي،پوري اداري خلاف نه رهي،هن چيو ته فيبروري جون چونڊون پاڪستان جي تاريخ ۾ ڌانڌلي سٽيل رهيون،آمريڪا خلاف ڪا به رنجش ناهي