سيري:معصوم نينگر طاهر ملاح جو قاتل زبير پٺاڻ گرفتار نه ٿيو

سيري (رپورٽ: ڪرشن راٺوڙ) سيري لڳ انصاري فارم وٽ معصوم نينگر طاھر ملاح کي راند کيڏندي قتل ڪندڙ بدمست زميندار آغا زبير پٺاڻ گرفتار نه ٿي سگهيو، پوليس جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪي به ڪوششون نه ڪيون، قتل ڪيل معصوم نينگر جي امڙ، ڏاڏي ۽ ٻين گهرڀاتين کي صدمي سبب بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا، جوابدار بااثر زميندار کي بچائڻ جي لاءِ پوليس پاران ڪمزور ايف آئي آر داخل ڪرڻ جو پڻ انڪشاف ٿيو آهي. پوليس پاران جوابدار جي گرفتاري جي لاءِ ڪراچي ٽيم اماڻڻ جو ٻڌايو ويو آهي، پر 2 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس جوابدار جو پتو نه لڳائي سگهي آهي. مقتول نينگر جي امڙ بيگم عرف بيگو خاتون عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته زميندار زبير پٺاڻ اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي، منهنجي پٽ کي بيگناهه قتل ڪيو ويو، آئون ڪنهن به صورت ۾ قاتل کي بخش نه ڪنديس، پوليس بنا دير قاتل کي گرفتار ڪري. مقتول نينگر جي ڏاڏي نور جهان ملاح چيو ته منهنجي راند کيڏندڙ پوٽي کي زبير پٺاڻ بنا ڪنهن ڏوهه جي قتل ڪيو آهي، اسان کي انصاف گهرجي، قاتل کي گرفتار ڪيو وڃي، پوليس پنهنجو رويو درست ڪري، قاتل کي ڦاهي تي ٽنگيل ڏسڻ ٿي چاهيان. مقتول نينگر طاهر ملاح جي پورهيت پي مٺو ملاح چيو ته اسان جو نه ڪنهن سان ڪو جهيڙو هو ۽ نه ئي منهنجي پٽ زميندار زبير پٺاڻ جي زمين تي ڪو نقصان ڪيو هو، پر تنهن هوندي به منهنجي معصوم پٽ کي قتل ڪيو ويو، اسان عدالتن ۽ پوليس کان انصاف ٿا گهرون. ايس ايڇ او سيري جو چوڻ آهي ته جوبدار زبير پٺاڻ جي حيدرآباد واري گهر ۽ ڪراچي واري گهر تي ڇاپا ھنيا آهن، پر جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن،اسان ٽيڪنيڪل مدد سان ڳولھا ڪري رھيا آھيون ۽ جلد قاتل کي گرفتار ڪري وٺنداسين.

  1. طاهر ملاح جي قتل خلاف جماعت اسلامي هر فورم تي آواز اٿاريندي: عقيل احمد خان

سيري: جماعت اسلامي جا اڳواڻ سيري ويجهو انصاري فارم وٽ زميندار آغا زبير دراني هٿان قتل ڪيل غريب پورهيت جي 9 ورهين جيمعصوم پٽ طاهر ملاح جي تڏي تي پهتا، جماعت اسلامي جي اڳواڻن معصوم ٻارڙي جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو آهي پاڻمرادو نوٽيس وٺي معصوم ٻارڙي جي قاتل کي فوري طور گرفتار ڪري لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي قاتل جي سهولتڪاري ڪندڙن جي رستا روڪ ڪري. ان موقعي تي جماعت اسلامي جي اڳواڻن عقيل احمد خان، عبدالقيوم شيخ، پبلڪ ايڊ ڪميٽي حيدرآباد جي صدر عبدالباسط خان، جنرل سيڪريٽري اسلامڪ لائرز موومينٽ ايڊووڪيٽ عبدالقيوم خان، ايڊووڪيٽ سيد جميل الرحمان، جماعت اسلامي جي مرڪزي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر سيد عبدالقيوم شيخ ۽ ٻين چيو ته معصوم طاهر ملاح جي قتل خلاف جماعت اسلامي هر فورم تي آواز اٿاريندي، سنڌ ۾ آئين ۽ بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي ٿي رهي آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. هنن چيو ته وڏيرا شاهي بي زبان جانورن کي بخش نٿي ڪري، حڪومت قانون تي عمل ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ خوفناڪ ۽ غير انساني واقعا روز ٿيندا رهيا آهن. هنن چيو ته هن قتل واري واقعي جون سمورن قانوني گهرجون پوريون ڪري قاتل کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

  1. زبير پٺاڻ رڳو ملاح برادري جو نه پر سمورن سنڌين آڏو ڏوهي ۽ قاتل آهي: نياز ڪالاڻي

سيري: زميندار زبير پٺاڻ هٿان قتل ڪيل معصوم نينگر طاهر ملاح جي وارثن سان مختلف  سياسي سماجي اڳواڻن تڏي تي پھچي تعزيت ڪئي، جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، چيرمين ھيومن رائٽس پيس اينڊ پروٽيڪشن فائونڊيشن سنڌ ايڊوڪيٽ بشير احمد سيٺار، زين انصاري، ٽائون ٽنڊو فضل جي چيرمين نور احمد ٿيٻو، تڪ جي ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ جي پرسنل سيڪيٽري مير عبدالرشيد ٽالپر ۽ محب علي يوسي چيرمين ڌڻي ڏنو پنھور، يوسي چيرمين محمد چاند، غلام مصطفى ملاح ۽ ٻين تعزيت ڪئي. ان موقعي تي جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته زبير پٺاڻ رڳو ملاح برادري جو نه پر اسان سمورن سنڌين آڏو ڏوهي ۽ قاتل آهي، پوليس وارثن کان جوابدار جي گرفتاري جي لاءِ ڪجهه وقت گهريو آهي، جيڪڏهن ان دوران قاتل گرفتار نه ٿيو ته اسان وارثن سان گڏجي روڊ بلاڪ ڪنداسين. ايڊووڪيٽ بشير احمد سيٺار چيو ته اسين ھن معصوم جي قتل جي مذمت ڪيون ٿا ۽ ھن جو ڪيس مفت ۾ وڙھندس. زين انصاري چيو ته اسان مظلوم ملاح برادري سان ھر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ ھر وقت تيار آھيون.

  1. نينگر طاهر ملاح جي اباڻي قبرستان ۾ تدفين، قاتل کي پٽون ۽ پاراتا

سيري: معصوم نينگر طاھر ملاح کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو، مڙهه کڄڻ وقت سندس ماء ۽ ڏاڏي کي بيھوشي جو دورا پئجي ويا، گهر ۾ ڪھرام متل رهيو، عورتن قاتل کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندي  چيو ته اسان جو ٻچڙو راند ڪندي ماريو ويو آهي.

  1. جوابدار زبير پٺاڻ  اڳ به فائرنگ ڪندو ۽ ڍور ماريندو رهيو

سيري: جوابدار زبير پٺاڻ ڪيترائي ڀيرا ملاح برادري جي ماڻهن جي ڍورن ۽ ٻڪرين کي ماريندو رهيو آهي، نينگر جي قتل واري واقعي کان اڳ جوابدار ٻڪرين کي گوليون هڻي مارڻ ۽ هڪ ٻڪري کي ڪهي مالڪن جي در تي اچلائي اچڻ جهڙا ڏوهه  ڪري چڪو آهي، ان کانسواءِ علائقي واسين کي بنا جواز تنگ پڻ ڪندو رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.