اسان وٽ اھو ڏٺو ويو آھي تھ جڏھن ڪو حادثو ٿي پوندو آھي تھ پوءِ ان کي روڪڻ واري امڪان تي غور ڪرڻ شروع ڪبو آھي.معمول موجب جيڪڏھن سمورا لاڳاپيل ادارا پنھنجو ڪم خوش اسلوبي سان ڪندا رھن تھ ھوند اھڙي ھنگامي صورتحال جي دٻاءَ مان نڪري بھ سگھجي ٿو، پر زماني کان اسان وٽ اھو رواج ختم ٿي ويو آھي. ان حقيقت کان تھ ڪو بھ انڪار نٿو ڪري سگھي تھ انسان جي ھٿ چراند سان سموري دنيا ۾ ماحوليات يا وري موسمن جو توازن بگاڙ جو شڪار ٿي ويو آھي، جنھن ڪري گرمي پنھنجي شدت سان اچي ٿي ۽ نھ رڳو پاڪستان يا سنڌ پر سموري دنيا جو انسان ان جي اثرن کان محفوظ نھ آھي. ھن سال بھ گرمي جي موسم اسان جي ماڻھن کي پنھنجو اثر ڏيکاريو آھي. جنھن کي منھن ڏيڻ لاءِ اختيارين پاران نھ ڪا ڊگھي مدي واري ڪا رٿا سامھون آئي نھ ئي وري وقتي طور ان کي منھن ڏيڻ جي لاءِ ڪو بندوبست ڪيو ويو.
اھو ضرور ٿيو تھ حڪومت جي مختلف کاتن گھڻي گرمي دوران امڪاني ھيٽ اسٽروڪ بابت آگاھي ڏني ۽ مختلف شھرن جي رستن تي ماڻھن ۽ مسافرن جي لاءِ ٿڌي پاڻي جو بندوبست ڪيو ويو ھو. ھن وقت اسان وٽ چوماسيءَ جي مند جاري آھي. جنھن بابت موسميات کاتي وارن غيرمعمولي برسات جي اڳڪٿي ڪندا رھيا آھن، پر اختيارين ان کي منھن ڏيڻ جي لاءِ اڳواٽ ڪي بھ جوڳا قدم نھ کنيا آھن، صوبي ۾ لاڳاپيل کاتن کي ھن مند ۾ وڌيڪ فعال ٿيڻ ۽ اڳي جي ڀيٽ ۾ بھتر ڪارڪردگيءَ ڏيکارڻ جي ضرورت آھي. پر ھن تا حال ان طرف ڪو ڌيان نھ ڏنو ويو آھي. بدقسمتي سان اسان جي اھڙي پوزيشن آھي، جو ڪا بھ ايندڙ قدرتي آفت سموري اسٽرڪچر کي ڊاھي ڦٽائي ٿي ڇڏي، ھن ڀيري پڻ گرمي جي زور وڌڻ ٿيڻ سان ماڻھن کي پراڻي غيرمعولي برسات ۽ ان بعد آيل ٻوڏ جا ڏک ۽ سور ياد اچي رھيا آھن. جنھن ۾ لکين ماڻھون پنھنجي الھھ تلھھ کان ۽ آخر ۾ گھر تڙ کان بھ محروم ٿي ڪري دربدري جو شڪار ٿي ويا ھئا. بدقسمتي سان اسان وٽ سياست اھڙو شعبو آھي جيڪو زندگيءَ جي تمام گھڻن پاسن تي حاوي رھي ٿو، مٿان وري سياسي، معاشي، توانائي ۽ آئيني بحران ھجي تھ پوءِ سموري ميڊيا ۾ بحران اھڙي طرح ڇانئجي ويندا آھن جو ميڊيا ۽ اختيارين کي ٻيو ڪو مسئلو سجھندو ئي نھ آھي.
آءِ ايم ايف سان ٿيل تازي معاھدي بعد بھ بجلي جي قيمتن ۾ڳاٽي ٽوڙ اضافي عوام جي مٿان معاشي بار وڌيڪ ئي ڪيرائي ڇڏيو آھي ۽ بجلي جي مد ۾ عام ماڻھو کان خاصي رقم وصول تھ ڪئي وڃي ٿي ، جنھن ڪري خلق مھانگائي جي ور چڙھي وئي آھي ۽ حياتيءَ جو سمورو اتساھ مري ويو آھي.ڪجهھ وقت کان سموري دنيا ۾ موسمياتي تبديلي اھميت اختيار ڪري وئي آھي، جنھن جا اثر پاڪستان تي گذريل ڪافي سالن کان پون پيا.جيڪي اسان نھ رڳو ڏسي پر ان جي حوالي سان گھڻو ڪجھھ برداشت ڪري چڪاآھيون. ملڪ ۾ ڪو بھ اھڙو ادارو نھ آھي جيڪو بنا ڪنھن روڪ ٽوڪ جي عوام کي گھربل سھولتون مھيا ڪري ان جي لاءِ سکڻن اعلانن جي تھ ڪا کوٽ نھ آھي پر ان کي عملي جامو پارائڻ ۾ عرصو لڳي ٿو وڃي.جنھن جو گھڻو نقصان وري بھ عوام کي سھڻو پوي ٿو. وقت جي حڪومت ڪنھن بھ قدرتي آفت کي منھن ڏيڻ جي لاءِ تيار نھ ھوندي آھي، ان ڪري ڪنھن بھ غيرمعمولي صورتحال ۾ رھيل سھيل حڪومت جي ساک بھ مٽي ۾ ملي ويندي آھي، پر ان جي وري اختيارين کي ڪنھن قسم جي ڪا پرواھھ ئي نھ آھي.نتيجي ۾ عوام ۽ حڪومت وچ ۾ اڳي ئي موجود وڇوٽي ويتر وڌي ٿي وڃي.جنھن سان ماڻھن جا ڏک سور بھ وڌن ٿا تھ حڪومت جي پت بھ وائکي ٿي وڃي ٿي.
ھاڻي جڏھن موسميات کاتو برسات جي اڳڪٿي جو امڪان ظاھر ڪري رھيو آھي تڏھن اڳوڻي تجربي مان سکندي حڪومت جي ادارن کي فوري طور تي ڪنھن امڪاني غيرمعمولي حالتن جو ادراڪ ڪندي ان سلسلي ۾ گھربل انتظام ڪرڻ ۾ ڪا ڪوتاھي نھ ڪري جئين عوام ۽ اسٽرڪچر جي نقصان کي گھٽائي سگھجي.گڏوگڏ ھن قيامت جھڙي گرمي ۾ بجلي جي لوڊشيدنگ گھٽ ڪري ماڻھن کان جيئڻ جو حق نھ ڦريو وڃي.
سنڌ ۾ اڳوڻي برسات وقت جڏھن پاڻي جي گذرڻ جي لنگھن تي بحث ٿيو ھو ان وقت حڪومت اھي اعلان ڪري رھي ھئي تھ انھن کي آجو ڪرايو ويندو پر ان سلسلي ۾ ڪو ذڪر جوڳو ڪم نھ ٿيو آھي. ھن وقت پنجاب ۾ پوندڙ برسات جو پاڻي اچي رھيو آھي، سنڌ جي مٿين ٻنھي بئراجن تي چاڙھه جا اطلاع اچن پيا. جيتوڻيڪ اھڙي ڪا وڏي ٻوڏ جو امڪان ظاھر نھ ڪيو ويو آھي، تنھن ھوندي بھ وقت جي حڪومت کي جيڪي اڳواٽ انتظام ڪرڻ گھرجن ان طرف ڌيان ڏنل نظر نھ پيو اچي. سنڌ اھڙو صوبو آھي،جيڪو درياھه جي پوڇڙ ۾ ھئڻ ڪري جڏھن مٿي پاڻي کٽي ٿو تھ ان جو اثر بھ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۾ ظاھر ٿئي ٿو ۽ وري جيڪڏھن مٿي پاڻي وڌي ٿو تھ بي انداز پاڻي سنڌ ڏانھن ڇڏيو وڃي ٿو، جنھن جو نقصان بھ سنڌ کي ئي سھڻو پوي ٿو.
سنڌ جي حڪومت کي گھرجي تھ پنھنجي لاڳاپيل کاتن ۽ سنڌ ڊزاسٽر کاتي کي فعال ڪري جئين ڪنھن امڪاني صورتحال کي منھن ڏئي سگھجي.سنڌ حڪومت وٽ پنھنجي کاتن جو ھڪ سمورو سسٽم موجود آھي، جنھن سان اھا پاڻي جي لنگھن کي ٿيل قبضن کان آجو ڪرائي سگھي ٿي، ٻيلن ۾ ٿيل ڀينگ سان گڏ اتي ھر زميندار پنھنجي زمين يا آباد ڪيل ٻني کي گھڻو ڪري جدا رنگ بند ڏياريو آھي، جنھن ڪري بھ درياھ جي پاڻي جي گذرڻ ۾ رنڊڪ پوي ٿي.اھي سمورا ڪم اڳواٽ ۽ معمول موجب ڪرڻ جا آھن، پر جيڪڏھن اھي نھ ٿيا تھ ھن وقت بھ ان طرف ڌيان ڏئي ڪري ڪنھن امڪاني برساتي پاڻي جي نيڪال واري عمل کي بھتر ڪري سگھجي ٿو.
اميد ڪجي ٿي تھ سنڌ حڪومت مٿي ڪيل گذارش تحت سنڌ ۾ برسات جي نئين، نالن ۽ ڪئنالن جي پيٽ ۾ ڪيل قبضن کي ختم ڪرائي پاڻي کي پنھنجي رستي سان وڃڻ ڏيڻ ۾ مدد ڏيندي، جيئن برسات جو پاڻي ڪنھن امڪاني ٻوڏ يا نقصان جو سبب نھ بڻجي.