پير علي محمد راشدي 5 آگسٽ 1905 تي ڳوٺ بھمڻ تعلقي رتيديري ۾ ڄائو. اڄ سندس 119 سالگرھ آھي. هن صرف 4 درجن تائين باقائده تعليم پنھنجي گھر ۾ حاصل ڪئي. بعد ۾ نصرت ريلوي اسٽيشن ماسٽر وٽ چار درجا انگريزي جا پڙھيو. ان کان پوءِ ذاتي محنت، مطالعي سان سنڌي، فارسي، اردو، عربي، چيني ۽ انگريزيءَ ۾ مهارت حاصل ڪيائين. ھن پنھنجي عملي زندگي جو آغاز 15 سالن جي عمر ۾لاڙڪاڻي جي قادري خاندان جي اخبار ”الحقيقت“ جو رپورٽر بڻجي ڪئي، پير علي محمد راشدي جا روزناما جنگ ۾ ڪالم 23 سال مسلسل شايع ٿيندا رھيا. ھن ھانگ ڪانگ مان پڻ 1963ع کان 1964ع تائين جنگ اخبار جي لاءِ مڪتوب مشرق بعيد جي عنوان سان ڪالم لکيا.
پير علي محمد راشدي 1936 ۾ پنھنجي ڀاءِ پير حسام الدين راشدي سان گڏ ڪراچي ۾ مستقل رھائش اختيار ڪيائين، پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات 1926 ۾ سنڌ محمدن ايسوئيشن ۾ شامل ٿي ڪئي. ان سان گڏ ”انجمن سادات“ جو بنياد وڌائين. ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جو ميمبر چونڊيو ويو. 1936 ۾ اتحاد پارٽي جو جي بنيادي ميمبرن مان ھو، 1937 واري چونڊ دوران لاڙڪاڻي ۾ سر شاھنواز ڀٽي جو اليڪشن انچارج ھو. پيرعلي محمد راشدي1953 جي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پهريون دفعو مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي بنامقابلي چونڊجي آيو. هڪ سال تائين سنڌ ۾ ريوينيو جو وزير رهيو. ھن سنڌ مان جاگيرداري نظام جي خاتمي جي رپورٽ وفاقي حڪومت ڏانھن موڪلي بعد ۾ 1958 ۾ فيلڊ مارشل ايوب خان، رپورٽ تي عمل ڪري جزوي زرعي سڌارا آندا.
علي محمد راشديءَ سنڌ اسيمبليءَ مان ميمبرن کي زوريءَ پنجاب سان ملائي ون يونٽ ٺاهڻ واري ٺهراءَ کي پاس ڪرائڻ ۾ ايوب کهڙي سان گڏ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو. پير علي محمد راشدي 1970 جي اليڪشن ۾ آزاد حيثيت ۾ جي ايم سيد جي حمايت جي باوجود سيوهڻ واري صوبائي اسيمبلي جي تڪ مان پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار سيد عبدالله شاھ کان اليڪشن هارائي ويو. بعد ۾ ذوالفقارعلي ڀٽي جي وفاقي حڪومت ۾ انفارميشن کاتي جو مشير به رهيو.تاريخ، علم و ادب کي هٿي ڏين لاءِ پوري ملڪ ۾ ”پاڪستان نيشنل سينٽر“ قائم ڪيائين. علي محمد راشدي صحافي، ايڊيٽر، چين ۽ فلپائن ۾ پاڪستان جو سفير پڻ رهيو. پيرعلي محمد راشدي پنھنجي ڪتاب ”اھي ڏينھن اھي شينھن “ ۾ لکي ٿو ته ”تيرٿ لڪي“ ريلوي اسٽيشن جنھن جو نالو پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ ”لڪي شاھ صدر“ رکيوويوجتي چمڙي جي بيمارين جا سٽيل اتي جبلن ۾ موجود گرم پاڻي جي چشمن ۾وھنجڻ لاءِ سڄي سنڌ مان پيا ايندا ھئا.جتي مسافرن جي اچڻ وڃڻ لاءِ لڪي اسٽيشن جي سامھون ھڪ ڌرم سالا ٺھيل ھئي، جيڪا منھنجي زندگي ۾ وڏي ۾ وڏي سياسي نظرياتي انقلاب جو باعث اھا ڌرم سالا بڻي. ٿيو ائين جو جولاءِ 1938 ۾ ڪراچي کان پنھنجي ڊرائيور ۽ ماستر گوبند سان گڏجي ڳوٺ بھمڻ لاڙڪاڻي کان موٽر ۾ چڙھي روانو ٿيس، سخت گرمي جي ڪري ان ڌرم سالا ۾ ڪمرو وٺي ڏينھن ٺاري پوءِ شام جو سفر ڪرڻ جو سوچيوسين، پر مون کي مسلماني لباس (شلوار چولو ۽ پٽڪو) ڏسي ھندن منھنجو رستو روڪي چيو ته ”اڙي ميان مسلمان ھيڏانھن ڪيڏانھن پيو اچين؟ ھي ڌرم سالو آھي، ھت ھندو کان سواءِ ٻئي کي پير پائڻو نه آھي، ”ٻاھر نڪر ۽ پوئتي موٽ.“ اتي مون سوچيو ته جن ماڻهن ۾ ايترو انساني رنگ ڪونه آھي جو اسان کي ٻه گهڙيون پنھنجي مسافر خاني ۾ اجھو ڏئي، انهن ماڻهن سان ڪھڙو ڀائيچارو ھلي سگهندو؟ مون ڳوٺ وڃڻ بدران واپس ڪراچي جو رستو ورتو. گوبند رام کي چيم ته اڄ حياتي جو وڏو سبق سکيو اٿم، وچن ڪيم ته جيستائين تنھنجي ھندن جي سنڌ مان پاڙ پٽي کين ھتان ملڪ بدر نه ڪندس تيستائين ڳوٺ جو منھن نه ڏسندس.هو وڌيڪ لکي ٿو ته:
”ان وقعي کان پوءِ سنڌ ۾ مسلم ليگ آڻڻ ۽ وڌائڻ جي ڪوشش ڪيم.“ 1940 واري مسلم ليگ جي لاھور سيشن، جنھن ۾ قرارداد پاڪستان منظور ٿي تنھن کي ڪامياب بنائڻ لاءِ لاھور ۾ ڇهھ مھينا رھي ڪم ڪيم. سندس اھا به دعويٰ آھي ته 1940 جي قرارداد ھن جي لکيل آھي. پنھنجي ڪتاب اھي ڏينھن اھي شينھن ۾ لکي ٿو ته مسجد منزل گاھ سکر بابت جيڪا ستيا گرھ ٿي ۽ جنھن ۾ وڏو ڪوس ٿيو تنھن جو ٻيو نمبر ڊڪٽيٽر آئون ھوس. صوبائي مسلم ليگ جي جنھن اجلاس ۾ ستيا گرھ جي باقائدھ منظوري ڏني وئي ان جي صدارت مون ڪئي. مسجد منزل گاھ وارن فسادن تي سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سر غلام حسين هدايت الله مسٽر سڌواجي جي سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته سيپٽمبر 1940 ۾ جسٽس وسيٽن جي چيئرميني هيٺ هڪ جانچ ڪاميٽي مقرر ڪئي وئي جنهن رپوٽ ڏني ته 164 گهر ساڙيا ويا، 10 ماڻهن کي گولي لڳي، 151 ھندو ۽ 14 مسلمان قتل ٿيا. 58 ھندو ۽ 18 مسلمان زخمي ٿيا. 8 لک هڪ هزار هڪ سو روپين جي ملڪيت جو نقصان ٿيو. 997 ماڻهو گرفتار ڪيا ويا جن ۾ 939 ڳوٺاڻا ۽ 58 شهري گرفتار ڪيا ويا. روزناما الوحيد ڪراچي، جنوري 31 ،1940.
مسجد منزل گاھ وارو ڪيس پھرين سکر بعد ۾ ڪراچي جي ھاءِ ڪورٽ بلڊنگ ۾ ھليو، ڪيس دوران ھندن جي وڪيل درخواست پيش ڪئي ته جي ايم سيد ”ھندو اخبار“ جي دفتر ۾ ويھي گفتگو ڪئي ھئي ته ھن جي ايم سيد، چار سئو ھندن کي مارائڻ جو منصوبو بڻائي ڇڏيو آھي. جيڪڏھن ”واڻين“ مسجد منزل گاھ زوري خالي ڪرائي ته نتيجو ڏسي وٺندا. ھو ان لاءِ ست نوان شاھد پيش ڪندا جن جي موجودگي ۾ جي ايم سيد ان منصوبي جي ڳالهھ ڪئي ھئي. ڪورٽ ھندن جي درخواست منظور ڪندي ٻئي ڏينھن انھن شاھدن کي گھرائڻ جو حڪم جاري ڪيو. شاھدن ۾ مسٽر جمشيد مھتا پريزيڊنٽ ڪراچي ميونسپالٽي پڻ شامل ھو، جنھن پڇاڳاڇا جي دوران اھي سموريون ڳالھيون جي ايم سيد صاحب جي باري ۾ چئي ويو، جيڪي ھندن ڄاڻايون ھيون. ٻيو شاھد خانبھادر الله بخش سومرو ھو، جنھن پڻ جي ايم سيد جي مٿان شاھدي ڏني، اھڙين شاھدين توڙي آڏي پڇا ٽريبيونل جي رڪارڊ م موجود آھي ۽ مسلم ليگ طرفان ڪتابي صورت ۾ به ڇپايل آھي. ياد رھي ته مسلمانن طرفان وڪالت توڙي آڏي پڇا پير علي محمد راشدي پاڻ ڪري رھيوھو.
ھندن طرفان مسٽر پمناڻي ٻيو شاھد بڻجي آيو، ھو صاحب روھڙي جو رھاڪو ھو ۽ سکر ضلعي مان سنڌ اسيمبلي جو چونديل ميمبر ھو. ڏاڍي تيز طبعيت جو ھو مسلمانن تي تمام گهڻو ناراض رھندو ھو. پنھنجي شاھدي جي دوران پير صاحب ڀرچونڊي شريف جي باري ۾ ڪجھه ناشائستا ڳالھيون به ڪري ويو، سندس بيان پورو ٿيو ته پير علي محمد راشدي، ڪورٽ کي عرض ڪيو ته مسٽر پمناڻي جو بيان اخبارن ۾ ڇپجڻ کان روڪيو وڃي، نه ته موجوده اشتعال جي حالت ۾ ممڪن آھي ته سندس جان خطري ۾ پئجي وڃي. ڪورٽ پريس رپورٽرن کي درخواست ڪئي ته اھو بيان اخبارن ۾شايع نه ڪن، ٻئي ڏينھن مستر پمناڻي جو بيان وڏين سرخين ھيٺ سمورين ھندو اخبارن ۾ڇپجي ويو. ٽئين ڏينھن مسٽر پمناڻي روھڙي ريلوي اسٽيشن تان لھي جيئن پيدل شھر ڏانھن وڃي رھيوھو، تيئن رستي ۾ ڪي شاھينگ کيس پستول ھڻي خون ڪري غائب ٿي ويا. ان تي ٽريبيونل اڳيان ھندو وڪيل شڪايت ڪئي ته، ٽيون ڏينھن مسٽر راشدي، ھن کليل ڪورٽ اڳيان دڙڪوڏنو ھو ته مسٽر پمناڻي کي قتل ڪيو ويندو، سو ان دڙڪي تي ڪالهھ عمل ٿي چڪو آھي ۽ مسٽر پمناڻي کي قتل ڪيو ويوآھي ، ڪورٽ اھا ڳالهھ رڪارڊ تي رکي.
پير علي محمد راشدي پنھنجي ڪتاب ”اھي ڏينھن اھي شينھن“ ۾ لکي ٿو ته ڪوٽڙي بئراج جو نالو غلام محمد بئراج ھن ئي تجويز ڪيو ھو جيئن گورنر جنرل غلام محمد جھڙي ماڻھو کي ھميشھ لاءِ احسان مند بڻائي ڇڏجي. اھڙو مشورو ھن وڏي وزير ايوب کھڙي کي ڏنو جنھن اھو مشورو قبول فرمايو. ھن پنھنجي ڪتاب ۾ لکيو آھي ته الله بخش سومري کي مئي1943 جي اوائل ۾، شڪارپور شھر اندر، حرن جي ھڪ ٽولي کيس شھيد ڪيو.حرن کي کائنس ھي شڪايت ھئي ته سندس وزارت جي زماني اندر مارش لا لڳو ھو، جنھن جي دوران مارچ 1943 ۾ حڪومت خود پير صاحب پاڳاري کي ڦاسي ڏيئي شھيد ڪيو ھو. علي محمد راشدي جو ڪتاب ”اھي ڏينھن اھي شينھن“ ويھين صدي جي اوائلي سالن جي سنڌ جي سياسي، سماجي تاريخ آھي جيڪا پاڻ اڄ کان ھڪ سو سال پھرين لکڻ شروع ڪيائين جيڪا، دلچسپ ۽ تجسس سان ڀرپور سان آھي. تاريخ ۽ سياست جي شاگردن توڙي صحافين کي ھن ڪتاب جو مطالعو ضرور ڪرڻ گھرجي جنھن سان يقينن سندن ڄاڻ ۾ اظافو ٿيندو. پير علي محمد شاھ راشدي 82 سالن جي عمر ۾ 14 مارچ 1987 تي ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو.