گوادر: چين ۽ بلوچن جا خدشا

تحرير: ثنا بلوچ

چين ۽ جاپان جو پنجن ننڍڙن ٻيٽن ڊيائويو ٻيٽن تي تڪرار آھي. اھي ٽي پٿر اوڀر چين جي سمنڊ ۾ فقط ست چورس ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهن. باقي دنيا لاءِ، انهن ننڍن ۽ ڏورانهن ٻيٽن تي تڪرار صرف ايترو آهي.ننڍڙا ۽ ڏورانهن. بهرحال، چين ۽ جاپان جهڙين معيشتن لاءِ، اهي ننڍا ٻيٽ مقدس آهن ۽ اھي انهن کي پنهنجي قومي سڃاڻپ جو حصو سمجهن ٿا. جيئن اوڀر چين جي سمنڊ ۾ اهي ٻيٽ جاپان ۽ چين لاءِ مقدس آهن، تيئن بلوچ ساحل ۽ اسٽريٽجڪ طور تي موجود گوادر بندرگاهه پڻ بلوچ تاريخ ۽ سڃاڻپ سان تمام گهرا جڙيل آهن. گوادر سان بلوچن جو قومي ۽ جذباتي لاڳاپو اٺين صدي عيسويءَ تائين وڃي پھچي ٿو، جڏهن حمال جيئند، پورچوگالين خلاف هٿياربند مزاحمت  جو هيرو ھو.ھن قبضو ڪندڙن خلاف شاندار جنگ وڙهي. هن جي افسانوي شاعري بلوچي ادب جو هڪ لازمي حصو آهي، بلوچ جذبن سان لاتعلق، پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت ڪيتريون ئي غلطيون ڪيون آهن ۽ بلوچستان کي ثقافتي لحاظ کان هڪ حساس ۽ قومي شعور رکندڙ سياسي يونٽ سمجهيو آهي. نڪي ھڪ ثقافتي حساس ۽ قومي طور آگاھ  قومي ايڪائي.

اڳوڻي پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت بلوچ عوام جي رضامندي ۽ بغير ڪنهن شفاف عمل جي گوادر پورٽ جو ڪنٽرول چائنا اوورسيز پورٽ هولڊنگ ڪمپني (COPHC) کي منتقل ڪيو هو. ان عمل دوران سڀ کان عجيب ڳالهه اها هئي ته پورٽ آف سنگاپور اٿارٽي (PSA) هڪ اڳ ۾ ئي غير موثر معاهدو COPHC ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو.

. سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل اسٽي آرڊر جي خلاف ورزي ڪندي، جنهن ۾ پي ايس اي کي گوادر پورٽ اٿارٽي جي ملڪيت ٻي ڌر کي منتقل ڪرڻ کان روڪڻ ھو، اسلام آباد فوري طور تي فيبروري 2013 ۾ گوادر کي چين جي حوالي ڪري ڇڏيو. ان کان سواءِ، قومي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ سان گڏوگڏ  بين الاقوامي مالياتي فنڊ جي نظر ثاني ٿيل فيسڪائيل ٽرانپيرينسي جي سٺي طريقي  جي ضابطي کي به نظرانداز ڪيو ويو، هڪ اسٽريٽجڪ جواهر کي، ڪنهن مناسب عمل  کان سواءِ چين جي حوالي ڪيو ويو. معاهدي جو هڪ به تفصيل ميڊيا کي فراهم نه ڪيو ويو ۽ نه ئي ان کي گوادر پورٽ اٿارٽي جي ويب سائيٽ تي شايع ڪيو ويو، هڪ اعليٰ بلوچستان حڪومت جي اهلڪار چيو ته بار بار جي درخواستن جي باوجود وفاقي حڪومت معاهدي جي تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جھڙوڪ  ليز جي مدت، بندرگاهن جو استعمال، انتظامي ميڪانيزم، قيمت ۽ آمدني جي حصيداري ۽ سڀ کان اهم، سيڪيورٽي انتظامات. اهو خدشو آهي ته چيني موجودگي گهڻو ڪري بلوچ ساحل ۽ مڪران واري علائقي کي وڌيڪ عسڪري بڻائي ڇڏيندي، جتي غير بلوچ سيڪيورٽي فورسز يعني ايف سي ۽ ڪوسٽ گارڊز وڏي تعداد ۾ موجود آهن، جنهن ڪري سخت بدامني پيدا ٿي سگهي ٿي. سياسي طور تي دٻايل بلوچن کي خدشو آهي ته گوادر ۾ چين جي موجودگيءَ سان ڇڪتاڻ وڌي ويندي ۽ بلوچ آخرڪار بلوچستان ۾ انساني بحران جو شڪار ٿي ويندا.پاڪستان جون وڏيون سياسي جماعتون بلوچستان ۾ انساني بحران کان لاتعلق نظر اچن ٿيون. تڪرار جي حل لاءِ مناسب طريقي سان آئيني ضمانتون فراهم ڪرڻ، انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي منهن ڏيڻ ۽ بلوچن جي زخمن تي مرهم رکڻ بدران، جنهن جو نوازشريف اپوزيشن ۾ رهڻ دوران وعدو ڪيو هو، هاڻي حڪومت صوبي جي حوالي سان ڪاروبار جهڙو رويو اختيار ڪري رهي آهي. معاشي فائدو حاصل ڪرڻ لاءِبلوچستان کي ٻاهرئين دنيا آڏو پيش ڪيو پيو وڃي، بلوچن ۾ اهو خدشو آهي ته حڪومت بجلي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ ٻين متفرق منصوبن جي بدلي ۾ ريڪوڊڪ  ۾ موجود ٽامي ۽ سون جي ذخيرن سان گڏوگڏ گوادر پيش ڪيو ھو.جيڪي بلوچستان کان ٻاھر جي ماڻھن کي فائدو پھچائين ٿا.

مرڪز ۽ بلوچستان ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت کي اهو سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن هو ٻاهرين دنيا سان معاهدو ڪن ٿا، جنھن ۾ اسٽيڪ ھولڊر کي شامل نٿو ڪيو وڃي  تھ  پوءِ  اڳ ۾ ئي تڪراري بڻيل صورتحال کي وڌيڪ ڀڙڪائيندا.جيڪڏھن ننڍا ڊيائو ٻيٽن چين ۽ جاپان جي لاءِ فخر ۽ اصول جو مسئلو آھي تھ گوادر پڻ  بلوچن لاءِ  زندگي ۽ موت جو معاملو آهي. گوادر جي مستقبل تي اسلام آباد جي ڪنهن به هڪ طرفي فيصلي جي بلوچ هر سطح تي مخالفت ڪندا.

مرڪز ۽ بلوچستان ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت کي اهو سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن هو ٻاهرين دنيا سان معاهدو ڪن ٿا، جنھن ۾ اسٽيڪ ھولڊر کي شامل نٿو ڪيو وڃي  تھ  پوءِ  اڳ ۾ ئي تڪراري بڻيل صورتحال کي وڌيڪ ڀڙڪائيندا.جيڪڏھن ننڍا ڊيائو ٻيٽن چين ۽ جاپان جي لاءِ فخر ۽ اصول جو مسئلو آھي تھ گوادر پڻ  بلوچن لاءِ  زندگي ۽ موت جو معاملو آهي. گوادر جي مستقبل تي اسلام آباد جي ڪنهن به هڪ طرفي فيصلي جي بلوچ هر سطح تي مخالفت ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.