سياسي ڪارڪنن کي غير ضروري مهم جوئي جو حصو نه بڻجڻ گهرجي

تحرير: نواز خان زئور

سياست محض نظريو، جدوجهد يا وابستگي جو نالو ناهي، سياست هڪ ڪلچر به آهي، جنهن جون پنهنجون روايتون ۽ قدر پڻ ٿين ٿا. سياست جيتري پختي ۽ بلوغت ڀري هوندي، اوتري ئي شاندار روايتن ۽ مضبوط قدرن تي بيٺل هوندي. وطن دوست، عوام دوست ۽ قومپرست سياست جي خوبي هي آهي ته اها صرف تاريخي روايتن ۽ پائيدار قدرن تي پنهنجا بنياد ئي نه ٿي رکي، پر خود به نيون روايتون ۽ جديد قدر جوڙي ٿي. بدقسمتي سان سنڌ گذريل ڪيترن ورهين کان انتشار جي ور چڙھيل آهي، جنهن جا عڪس زندگي جي سڀني اهم شعبن ۾ ملن ٿا. پر ان جو سڀ کان گھڻو اظهار سياست ۾ ٿئي ٿو.

انتشار جو شڪار ٿيل سماج سڀ کان پهرين رواداري، درگذر ۽ سهپ جا ڳڻ وڃائي ويهي ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ نه ٻئي ڪنهن جي ڳالهه لاءِ احترام رهي ٿو ۽ نه ئي اختلاف راءِ کي برداشت ڪيو وڃي ٿو. هر ڌر وٽ پنهنجي سچ ذريءَ ھجي ٿي ۽ اها ان لاءِ مرڻ مارڻ لاءِ تيار هجي ٿي. هر ڌر پنهنجو سچ ٻين تي مڙھڻ گھرندي آهي. جنهن سان صرف لڙ بکيڙو ٿيندو آهي، جنهن ۾ اصل سچ گم ٿي ويندو آھي. باقي رڳو گوڙ وڃي بچندو آھي. رکي رکي سنڌ ۾ اهڙي صورتحال اڀرندي رهي ٿي، ا ڳي خدا جي خلق هوندي هئي، هاڻي سوشل ميڊيا جي خلق آهي. جيڪا جڏهن گھري، ڪنهن جي شان ۾ گيت ڳائي، ۽ جنهن کي گھري، تنهن جو پٽڪو ڌوڙ ڪري ڇڏي.

سائين جي ايم سيد پنهنجي قوم جي صرف مادي ترقي لاءِ نه ٿي سوچيو، پر هو ان جي روحاني ترقي ۽ اخلاقي بلندي جو مبلغ پڻ رهيو. سندس خيال موجب ”اعليٰ انساني قدرن تي هلڻ سان دائمي ڪاميابيون پلئه پون ٿيون، ۽ صالح ماڻھو ئي پنهنجي قوم ۽ ديس کي اڳتي وٺي هلن ٿا.“

اسان اختلاف رکڻ، صحتمند تنقيد ڪرڻ ۽ اختلاف راءِ جو اظھار ڪرڻ واري حق جا مڃتائو آهيون. ڀل ڪنهن ڳالهه سان اسان کي اختلاف هجي، ڀل ڪا ڳالهه اسان کي نه وڻندي هجي، پر اها رکڻ اڳئين ماڻھو يا ڌر جو حق آهي. جيڪڏهن ڪير ان ڳالهه سان متفق ناهي يا ان کي درگذر نه ٿو ڪري سگھي ۽ ان جي موٽ ۾ ڳالهائڻ ضروري سمجھي ٿو ته ان جي جواب ۾ شائستا ۽ مهذب لهجي سان سياسي ۽ علمي دليل کڻي اچي. باقي ڪنهن جي خلاف گارگند، بداخلاقي يا بدتميزي جو حق ڪنهن کي به نه آهي. اهڙا منفي ۽ ڇڙواڳ رويا نه صرف سياسي طور هاڃيڪار آھن، پر خود سائين جي ايم سيد جي تعليمات جي به مڪمل منافي آھن.

اسان سنڌ ۾ هڪڙو سهپ ڀريو ۽ صحتمند سياسي ماحول برقرار رکڻ ۽ ان کي وڌائڻ وِيجھائڻ جا خواهان آھيون. ان ڪري سياسي ڪارڪنن کي گهرجي ته اهي وقت بوقت مختلف ماڻھن خلاف سوشل ميڊيا تي اٿندڙ ڪنهن به غيرضروري، وائڙي ۽ غيرسياسي مهم جو حصو نه ٿين. اسان کي انتشار پکيڙيندڙ، جذباتي، غيرسنجيدا ۽ ڇڙواڳ لڏي جي غيرسياسي ۽ وقتي وهڪري ۾ وھڻ بجاءِ نئين سنڌ جي اڏاوت، جديد انساني ۽ سماجي قدرن جي تعمير ۽ سنڌي قوم جي مادي، روحاني ۽ اخلاقي ترقي ڏانهن وکون وڌائڻيون آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.