آمريڪا پهرين ۽ ٻئين مهاڀاري جنگ ۽ ان کان پوءِ سويت يونين سان سرد جنگ دوران جيڪي سازشون ڪندو رهيو ۽ سڄي دنيا کي جنگ جي آڙاھ ۾ ڦاسائي، سڀني کي تباهه ۽ برباد ڪندو رهيو ۽ پنهنجا خطرناڪ هٿيار مهانگا ڪري کپائيندو رهيو ۽ سويت يونين کي ٽوڙي يورپ جي ملڪن پنهنجو حمايتي ڪندو ويو. ايشيا ۽ آفريڪا جي پٺتي پيل ملڪن تي سڌي ۽ اڻ سڌي طرح سياسي ۽ اقتصادي بادشاهت قائم ڪندو ويو. ايراني صدر ۽ حماس جي اڳواڻ جو قتل نئين ڳالهه ناهي. آمريڪا پنهنجن سخت مخالفن ۽ دشمنن کي جيڪي دنيا ۽ پنهنجي ملڪ ۾ مشهور عوامي سياستدان، فوجي جنرل، انقلابي ويڙهاڪ ڪمانڊر، سائنسدان، اسڪالر، صحافي هئا تن کي سڌي طرح توڙي ڳجهي طرح قتل ڪندو رهيو پر انهن کي به نه ڇڏيائين جن کي پنهنجي سامراجي ايجنڊه تحت پهريان طاقتور بڻائي پروڪسي وار ذريعي استعمال ڪندو رهيو، پوءِ انهن کي دنيا لاءِ خطرو قرار ڏئي قتل ڪرائيندو رهيو. پنهنجن مخالف ملڪن تي اقتصادي پابنديون هڻي معاشي طور تباه ڪندو رهيو ۽ قدرتي طور مالامال ملڪن کي ڳرن شرطن تي ڊالر جي صورت ۾ قرض ڏيندو رهيو، سڄي دنيا ۾ سڀني ماتحت ۽ پٺتي پيل ملڪن اندر پنهنجي مرضي جون ناجائز عوام دشمن حڪومتون قائم ڪري، دنيا جي اڌ آبادي جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪندو رهيو. اها پاليسي ۽ سلسلو آمريڪا جو اڃان تائين جاري آهي. ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪابه تبديلي نه آئي آهي. هڪ پاسي روس کي يوڪرين ۾ ڦاسائي ويٺو آهي ۽ ان تي پابنديون هنيو ويٺا آهي پر يورپ جي مٿان به روسي جنگ جي تلوار لٽڪائي نيٽو جي آڙ ۾ چرڻ پرڻ نٿو ڏئي ۽ يورپ کي اهڙي ٻيگهي ۾ ڦاسايو اٿائين جو يورپ کي مستقبل جي ڳڻتي لڳي آهي ته اسان جو ڇا ٿيندو؟ يورپ ۾ خاص ڪري اڌ دنيا تي بادشاهت ڪندڙ ملڪ برطانيا، جرمن، فرانس ۽ اٽلي ٻڏتر جا شڪار آهن ته بدلجندڙ عالمي صورتحال ۾ اسان ڪهڙي پاسي هونداسين ۽ اسان جي سياسي، اقتصادي ۽ عالمي طاقت جي حيثيت ۾ اسان جي ڪهڙي پوزيشن بيهندي؟ فرانس ۽ جرمن اندروني طور چائنا سان به ڳالهيون ٻوليون ڪري رهيا آهن.
ٻئي پاسي آمريڪا اسرائيل جي ذريعي امن و امان جي صورتحال خراب ڪرائي، مڊل ايسٽ جي ملڪن کي سوڙهو ڪيون ويٺو آهي ۽ کلي عام سڌي مداخلت ڪري رهيو آهي ۽ اسرائيل جي پاسداري ڪندي مڊل ايسٽ جي ملڪن کي اڻ سڌي طرح آزاد خارجا پاليسي ۽ آزاد ڪاروبار کان روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. جڏهن به عرب ۽ مسلمان ملڪ پنهنجي مرضي مطابق اقتصادي معاهده ڪن ٿا ته مٿان اچي مصيبتون ٿيون ڪڙڪن. ٽئين پاسي چين کي پهريان تائيوان ۽ فلپائن ذريعي تنگ ڪندو رهيو آهي ۽ هاڻي پاڪستان ۾ چين کي سي پيڪ پروجيڪٽ ۾ ڦاسائي ڇڏيو اٿائين. هندستان ۾ حد کان وڌيڪ آمريڪا ۽ اسرائيل جي سيڙپڪاري ڪري ظاهر ڪري رهي آهي ته وڏي آبادي واري ملڪ چين جي مقابلي ۾ ٻئي وڏي آبادي واري ملڪ هندستان کي پوري ايشيا ۾ سياسي ۽ اقتصادي طور استعمال ڪري سگهي ٿو. جيئن سرد جنگ دوران پاڪستان کي سويت يونين خلاف استعمال ڪيو ويو هو تيئن هندستان کي سياسي ۽ اقتصادي جنگ ۾ چين خلاف استعمال ڪرڻ ٿو چاهي. چين خلاف سرد جنگ جي شروعات ڪري سڄي دنيا کي ٻڏتر جو شڪار ڪري چڪو آهي ته آخر ٿيڻ ڇاپيو وڃي ۽ ٿيندو ڇا؟ سڀني کي ٽين عالمي جنگ جو خوف ڏئي، پنهنجا ناجائز مقصد حاصل ڪري رهيو آهي، پر هاڻي سڄي دنيا سامراجي پاليسين کان بيزار ٿيندي پئي وڃي.
پاڪستان جي سياسي ۽ اقتصادي صورتحال: پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ شرط پهرين وزيراعظم لياقت علي خان روسي نمائندي سان ملڻ به پسند نه ڪيو پر آمريڪا جي نمائندي جا پاڪستان ۾ شادمانا چيا ۽ پاڻ جڏهن آمريڪا ويو ته راضي ڪرڻ لاءِ دهل وڄايائين ۽ پاڪستان لکي پڙهي ڏئي آيو ۽ پاڪستان کي سامراجي ڪالوني بڻائي ڇڏيو. آمريڪا پنهنجي سامراجي پاليسين تحت پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ کي ٻين جي خلاف استعمال ڪندي وڙهائيندو رهيو . اهو سلسلو ڪجھه وقت لاءِ ٿيو ختم ۽ پاڪستان جي ڪرتا ڌرتائن کي ميسيج ويو ته ڪم نڪتو ڊکڻ وسريو واري ڪار ٿي. پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ، فوجي ترجمان ۽ سياستدانن ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون ته هاڻي گهڻو ٿيو اسان توهان سان گڏ ناهيو. پاڪستان جي فوجي ۽ سياسي قيادت چين، روس، ترڪي، عرب ملڪن ۽ مسلمان ملڪن جو رخ ڪيو اتان تمام سٺي موٽ ملي. پاڪستان ۾ سي پيڪ شروع ٿيو ۽ ان کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ شهري دهشتگردن ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ مذهبي انتهاپسندن خلاف آپريشن شروع ٿي ويو. ٻه ٽي سال آمريڪا خاموش ويٺو رهيو ۽ پاڪستان جي ماڻهن ڪجهھ سک جو ساهه کنيو.
امن و امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ جي نتيجي ۾ اقتصادي صورتحال به بهتري ٿيندي پئي وئي، ٻهراڙين ۽ شهرن ۾ ڪاروبار وڌڻ لڳو، صورتحال تڏهن تبديل ٿي جڏهن خبر پئي ته چين جو صدر پاڪستان جي دوري تي اچي رهيو آهي،آمريڪا ڇرڪ ڀري اٿيو. ان کي روڪڻ لاءِ اسلام آباد جي ميدان تي عمران خان کي لاٿو ويو ۽ چيني صدر جي دوري کي سياسي فساد ذريعي روڪيو ويو، نوازشريف جي حڪومت جو خاتمو ڪري، عمران خان کي آندو ويو، فوجي ۽ سياسي ترجمانن طرفان فوج ۽ سياستدان سيم پئج تي آهن جا هوڪا ڏيندا رهيا. سڄو ڏينهن صبح ۽ شام عمراني ٽولو ۽ ان جا مددگار فوجي جنرلن عوام کي ٻڌائيندا رهيا ته سياستدان چور آهن، جيستائين انهن کان لٽيل ملڪيت واپس ڪرائي خزاني ۾ جمع نه ڪرائبي ۽ انهن چور سياستدانن کي سزا نه ملندي تيستائين اسان سڪون سان نه ويهنداسين ۽ ملڪ به اڳتي وڌي ترقي نه ڪري سگهندو. پر عالمي سامراجي ايجنڊه هئي ته سي پيڪ کي ناڪام ڪرڻو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ چين، روس، ترڪي، سعودي عرب، ايران، دبئي، قطر، ڪويت، آذربائيجان ۽ ٻين ملڪن سان پاڪستان جا جيڪي معاهده ٿيڻا آهن انهن کي وڏي چالاڪي سان روڪڻو هيو ۽ ان سڀني معاهدن کي پاڪستان ۾ سياسي فساد ذريعي روڪيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي ۽ عالمي تعلقاتن واري صورتحال تمام گهڻي خراب ڪئي وئي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ پاڪستان تي ڪوئي به ٻيو ملڪ ڀروسو نه ڪري سگهي ۽ نه وري سيڙپ ڪري. ان عالمي ۽ ملڪ دشمنن جي سازش جو مقصد هو جيڪو ايشيا نئين سر سياسي ۽ اقتصادي طرح اڀري رهيو هو ۽ ايشيا جي اندر جيڪا نئين سر اڏاوت ٿي رهي هئي ان کي ناڪام ڪرڻو هو.
اڄ پاڪستان جي اهڙي صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي جو سڌي طرح ٻاهرين مداخلت ٿي رهي آهي ۽ هرهنڌ محاذ کوليا ويا آهن پر اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪمران جلدي ڪجهھ ڪرڻ جي پوزيشن وڃائي چڪا آهن ۽ دوست ملڪن جو به اعتماد وڃائي چڪا آهن. ٻئي پاسي آءِ ايم ايف جي معاهدي جي ڪري ملڪ ۾ غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌي وئي آهي ۽ عوام بدترين صورتحال ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهي. پاڪستان ۾ شامل سنڌي، بلوچ ۽ پشتون قومن اندر بداعتمادي حد کان وڌيڪ وڌي وئي آهي. ان جو ڪوبه ڳالهين ذريعي حل نه ڳولهيو ويو ۽ رياستي جبر وڌايو ويو ته صورتحال هٿ مان مڪمل نڪري ويندي. موجوده عسڪري قيادت، سياسي قيادت ۽ عدالتون پنهنجن ذاتي، طبقاتي ۽ گروهي مفادن جي جنگ وڙهندي ورهائجي ويا آهن. هي جي واقعي ملڪ دوست ۽ عوام دوست قيادت هجي ها ته هن صورتحال ۾ پنهنجا ذاتي، طبقاتي ۽ گروهي مفادن کي پاسي تي رکي ۽ عياشي واري زندگي کي ترڪ ڪري، گڏجي سوچڻ تي مجبور ٿين ها، ته هن صورتحال ۾ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ آئون يقين سان ٿو چوان اڃان مڪمل صورتحال هٿ مان نه نڪتي آهي پر ان طرف وڃي رهي آهي. تنهن ڪري پاڪستان جي سمورن سياسي اڳواڻن، سڀني قومن جي وطن دوست، عوام دوست، روشن خيال ۽ قومپرست اڳواڻن سان گڏجي ويهي حل ڪڍڻ گهرجي.