ڪراچي ۾ پريا ڪماري، نويد لاشاري ۽ سويرا چانڊيو جي بازيابي لاءِ ڌرڻو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران پريا ڪماري بازيابي ڪميٽي طرفان معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،  2 سال اڳ اغوا ٿي ويل معصوم نويد لاشاري جي ڀيڻ شمائلا لاشاري ۽ ڀاءُ وحيد لاشاري احتجاج ڪيو. احتجاج ۾ 2 ميهنا اڳ گم ٿي ويل 9 سالا سويرا چانڊيو جي امڙ روزينا طرفان به پنهنجي نياڻي جي ڳولا لاءِ احتجاج ڪيو. احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ ماڻهن طرفان هٿن معصوم پريا ڪماري ۽ معصوم نويد لاشاري جون تصويرون کڻي سندس جي بازيابي لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاجي جي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ لياقت جلباڻي، يونس مهر، عاليا بخشل آفاق ڀٽي، سهڻي پارس مهيش ڪمار ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اندر اغواڪاريون وڌي رهيون آهن سنڌ حڪومت خاموش بڻيل آهي، معصوم ٻارڙا اغوا ٿي رهيا آهن، شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جا مک قاتل هن مهل تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، 2 سال اڳ معصوم ٻارڙو نويد لاشاري جيڪب آباد مان اغوا ڪيو ويو جيڪو هن وقت تائين بازياب نه ٿي سگهيو آهي، ڪراچي مان 2 مهينا اڳ نياڻي سويرا چانڊيو گم ٿي وئي آهي جيڪا هن وقت تائين نه ملي سگهي آهي، پريا ڪماري لاءِ جوڙيل ڪميٽي ڪجهه به نه ڪري سگهي آهي، پريا جي امڙ طرفان ڏنل 15 ڏينهن جو وقت پورو ٿي ويو آهي هاڻ پريا جي امڙ روينا جيڪو به اعلان ڪندي سندس سان گڏ آهيون. ، سنڌ اندر امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي پر سنڌ حڪومت امن ڪرائن ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد معصوم پريا ڪماري، معصوم نويد لاشاري، سويرا چانڊيو کي آزاد ڪرايو وڃي، شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث مک قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي .

۽ سنڌ اندر جيڪي به اغوا ٿي ويل آهن انهن کي بازياب ڪرائي سندن وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.