ٻرندڙ بلوچستان ۽ ساڳيون ورجايل خوف ناڪ غلطيون

تحرير: عاجز جمالي

ھي 1982 جي ڳالهھ آھي جو  قبائلي دشمنين سبب اسان جي راڄ جي ڪيترن ئي ڪٽنبن کي لڏ پلاڻ ڪري بلوچستان جي ھڪ قبائلي علائقي زھري پھچڻو پيو. زھري ان زماني ۾  ضلعي خضدار جي تعلقي سطح جو شھر ھئو ، ھي بلوچستان جي زھري قبيلي جو اباڻو ٿاڪ آھي ، ھن تعلقي جي ڀرپاسي زھري قبيلي جي سگھارن ماڻھن جا ڳوٺ ھئا ، اسان جو ھڪ نانو چوندو ھو ته جمالين ۾ اسان جو پاڙو زھرياڻي يا لوٽاڻي آھي، تاريخي طور ڏسجي ته جمالين ۾ اسان جي پنھواڻي پاڙي جي وڏي ڏاڏا جو نالو زھري ھئو ، جنھن جي قبر تازو ٻه سال اڳ مان کير ٿر جي گرو لڪ وٽ ڏسي آيس ، ڏاڏا زھري جي قبر کي ماڻھو پير سمجھي باسون باسيندا آھن ۽ مٿس پڙ پيل ھئا جنھن مان مون اھو اندازو لڳايو ته ھي به ڪلھوڙن جي دور جو ڪو سپاھي ھوندا ،ڇو ته ڪاڇي ۽ کير ٿر جي پٽيءَ جا جمالي ڪلھوڙن جي فوج ۾ وڏي پئماني تي شامل ھئا جن جنگين ۾ حصو ورتو. خير تاريخ جي ان قصي تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آھي پر اسان جا وڏڙا دريجي ڀرسان لوھي جا رھاڪو ھئا جتان لڏ پلاڻ ڪري پھرين ڪاڇي آيا ، بنيادي طور مالوند ماڻھو ھئا، ڏڪارن سبب سنڌ جي بئراج وارن علائقن جو رخ ڪيائون ان ڪري سندن تعلق خضدار يا زھري سان گھٽ لڳي ٿو، بلڪه ڏاڏا جو نالو زھري جمالي ھئو، ان سبب ممڪن آھي ته مونجھارو ٿيو ھجي، ڏاڏي زھري جي قبر مطابق ايئن لڳي پيو ته اسان جا وڏڙا ڪلھوڙن جي دور کان اڳ سنڌ ۾ موجود ھئا، اسان جي ھڪ نانا وٽ ٽالپرن جي دور جي ھڪ تلوار به ھوندي ھئي پر ھينئر اھا موجود ڪانھي.

بلوچستان سان منھنجو پھريون تعارف ته 1976 ڌاري تڏھن ٿيو جڏھن ٽنڊي رحيم ۾ بلوچستان کان ساٿ ايندا ھئا. ساٿ ان قافلي کي سڏيندا ھئا جيڪي اٺن ۽ گڏھن جا ولر بلوچستان جي علائقن مان گيهھ ، پشم، پيش، ماکي، ڪھوءَ جا لڪڻ کپائڻ لاءِ آڻيندا ھئا ،ٽنڊو رحيم مان اٽو، چانور، دوائون، چمڙي جا  ٽائرن وار سينڊل  ۽ ٻيو ضروري سامان خريد ڪري انھن ئي اٺن تي واپس ويندا ھئا. اھو سلسلو 1980 جي ڏھاڪي تائين ھلندو رھيو ،ھنن قافلن ۾ گھڻو ڪري بروھي يا براھوئي ٻولي  ڳالھائيندڙ ھوندا ھئا ، جيڪي سڀ جابلو علائقن مان ڪاڇي جي شھرن ٽنڊو رحيم يا واھي پانڌي ايندا ھئا. مون ڳالھه پئي ڪئي زھري جي علائقي جي ،ھي ان باغي نواب نوروز خان جو علائقو ھئو جنھن جنرل ايوب خان جي دور ۾ بغاوت ڪئي ھئي ، دودا خان زھري سندس سئوٽ ھئو، ذوالفقار علي ڀٽي دودا خان کي موڪليو ته نوروز خان اسان سان ڳالھيون ڪري، ھٿيار ڦٽا ڪري، سڀ ڪيس ختم ڪري سندس سمورن ساٿين کي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار آھي. چون ٿا ته دودا خان قرآن ميڙ کڻي ان غار ۾ پھتو ھئو جتي نواب نوروز خان روپوش ھئو، اھو غار به زھري شھر کان ڪجهھ ڪلوميٽر جي پنڌ تي آھي، ٻڌل ڳالھين موجب نواب نوروز خان قرآن خاطر ھٿ ڏنو  پٽن ۽ ساٿين سميت ھٿيار ڦٽا ڪيا پر سرڪار واعدي کان ڦري وئي،کين گرفتار ڪيو ويو ۽ بلوچن خلاف آپريشن جاري رکيو، نواب نوروز خان جي پٽن ۽ ساٿين کي سزا ڏني وئي، بزرگ نوروز خان کي عمر قيد جي سزا ڏني وئي جيڪو مرندي گھڙيءَ تائين جيل ۾ رھيو، ذوالفقار علي ڀٽي خلاف بلوچن ۾ نفرت تڏھن کان شروع ٿي، بعد ۾ نيشنل عوامي پارٽيءَ جي صوبائي سرڪار ختم ٿيڻ سبب ان نفرت ۾ واڌارو ٿيو، ذوالفقار علي ڀٽو بلوچن خلاف اسٽبلشمينٽ ھٿان استعمال ٿيو ، تاريخ ۾ سندس ٻئي غلطيون چٽي نموني لکيل آھن.

جڏھن زھري ۾ رھندا ھئاسين ته مان ھاءِ اسڪول جو شاگرد ھوس پر مون کي سچ ته بلوچستان يا نواب نوروز خان جي تاريخ جي خبر نه ھئي نه ته مون زھري شھر ۾ ان شاھ بيگ زھري کي به تڏھن ڏٺو ھئو جيڪو پڻ باغين جي ٽولي ۾ شامل ھئو، سندس ڇاتي گولين ۾ پروڻ ٿيل ھئو، مير شاھ بيگ جڏھن اسان ڏٺو ته ھو زھري ٽائون ڪاميٽيءَ جو چيئرمين ھئو. سو بلوچن ۽ بلوچستان سان تڏھن کان وٺي جي وابستگي ھميشه مون کي بلوچستان ڏانھن ڇڪيندي آھي.

2013  ۾ جڏھن ضلعي آواران ۾ زلزلو آيو ته مون کي ٽي وي چينل زلزلي جي ڪوريج لاءِ موڪليو، ان وقت بلوچستان جون حالتون شورش زده ھيون، ڪير به وڃڻ لاءِ تيار نه ھئو. 2006 ۾ نواب اڪبر بگٽي جي قتل کان وٺي بلوچستان جون حالتون خراب ٿيون سي اڄ تائين خراب آھن، پاڪستان جي ميڊيا زلزلي کان متاثر علائقن ۾ وڃڻ لاءِ تيار نه ھئي پر مون کي الائي ڇو لڳندو آھي ته سرڪاري سطح تي ڦھلايل خوف جو عام ماڻھن سان ڪوبه تعلق نه ھوندو ھئو، آواران پھچي اھا ڳالهھ ثابت به ٿي، اسان جتي به ڪوريج ڪرڻي ويندا ھئاسين اتي خاڪي وردي وارا به پھچي ويندا ھئا،کين ميڊيا کان وڏو خوف ھو، مون سميت آھستي آھستي ٻن ڏينھن ۾ پاڪستان جي سموري ميڊيا پھتي ،آواران جي ضلعي اسپتال ۾ ميڊيا پنھنجو مرڪز ٺاھيو پر ميڊيا نمائندن کي پيغام مليو ته حالتون خراب آھن اوھان پنھنجي مرضيءَ سان ڳوٺن ۾ ايئن ڪاھي نه پوندا ڪريو، سندن مطلب ھئو اسان کين اڳواٽ اطلاع ڪريون، ميڊيا ڪوريج ۾ عملي طور تي اھو ممڪن نه ھوندو آھي جو سيڪيورٽي ساڻ کڻي وڃي ڪوريج ڪجي سو به ھڪ اھڙي علائقي ۾ جتي ڳوٺن جا ماڻھو سيڪيورٽي وارن کان سخت نفرت ڪندا ھجن.

اسان کي خبر پئي ته مشڪي جي علائقي ۾ سڀ کان وڌيڪ تباھي آيل آھي پر سيڪيورٽي ادارا  اتي نه ميڊيا کي اجازت ڏين پيا نه ڪي فلاحي ادارن کي ڪم ڪرڻ جي اجازت آھي. مشڪي جابلو علائقو آھي، آواران کان پنجاھ ڪلوميٽر اندر جابلو علائقو آھي ،جابلو رستي ذريعي وڃي سگھبو ھئو. ھڪ ڏينھن اسان اين جي او سيڪٽر جي سرگرم ڪردار الاھي بخش بلوچ جي ڊبل ڪئبن گاڏيءَ تي مشڪي وڃڻ جو پروگرام ٺاھيو، بي بي سي جو رياض سھيل به اسان سان گڏ ھئو پر اسان گاڏي ۾ ڪئميرائون لڪائي پاڻ کي اين جي او جا نمائندا ظاھر ڪيو، آواران کان مشڪي ويندي ڪيتريون ئي چوڪيون پار ڪيون پر پندرھن ويھه ڪلوميٽر اندر ندي جي ڪناري تي ھڪ وڏو بيس ڪئمپ ٺھيل ھئو، جتي اسان کي گاڏي مان لاھي تلاشي ورتي وئي،گاڏيءَ جي به تلاشي ورتي وئي ، نالا لکيا ويا، سبب پچيو ويو ۽ آخر ۾ چيو ويو ته اوھان مشڪي نه ٿا وڃي سگھو. اسان پڇيو آخر ڇو ؟ چوڻ لڳا حالتون خراب آھن ڪير اوھان کي ماري ڇڏي ته ڪير ذميوار ھوندو. اسان کين چيو ته اوھان اجازت ڏيو اسان پنھنجي موت جا پاڻ ذميوار هونداسين. پوري اڌ ڪلاڪ جي بحث بعد ھنن اسان کي ان شرط تي ڇڏيو ته  اوھان مارجي ويا ته اسان ذميوار نه ھونداسين، اسان چيو ٺيڪ آھي. اسان کي اجازت ملي ،مشڪي کان پھرين اسان کي ڪجهھ سولين ھٿيار بند مليا جيڪي اسان کي مشڪي تائين وٺي ويا. مشڪي بلوچن جي پابندي مڙھيل تنظيم جي گوريلا اڳواڻ ڊاڪٽر الله نذر جو اباڻو ڳوٺ آھي، ھي بلوچن جي لکيل پڙھيل نسل جو ڳوٺ آھي جتان ڪيئي ڊاڪٽر، انجنيئر، ۽ بلوچستان جا ڪيترائي آفيسر پيدا ٿيا ، ڊاڪٽر الله نذر به ھن ڳوٺ جو پڙھيل لکيل نوجوان ھئو جيڪو بعد ۾ ھٿيار کڻي روپوش ٿيڻ تي مجبور ٿيو، مشڪي ۾ زلزلي تمام گھڻي تباھي مچائي ھئي.

سڄو شھر تباھ ٿيل گھرن جي ملبي ۾ تبديل ٿي چڪو ھئو، اتي ئي اسان کي ڊاڪٽر الله نظر جو ساٿي ڊاڪٽر منان به مليو ھئو جنھن کان رياض سھيل بي بي سي لاءِ تفصيلي انٽرويو به ڪيو ھئو. اتي ٻھراڙيءَ جي عورتن سان ٽي وي جي مائيڪ تي ڳالھائيندي ھڪ عجيب لقاءُ ڏٺو، مون ڏٺو اوچتو مٿان اڏرندڙ ھڪ ھيلي ڪاپٽر مان شيلنگ شروع ٿي وئي، اسان ڊوڙي جان بچائڻ لڳاسين ته ھڪ عورت چوڻ لڳي  ڀڄو نه اھو ھتي روز ٿئي ٿو، پوڙھي عورت بلوچي ۾ ڳالھائي رھي ھئي ۽ چئي رھي ھئي ته اسان کي الله نه ٿو ماري اسان کي ته اھي، جھاز ماريندا آھن. اسين ملبو لتاڙيندي اڳتي وڌي رھيا ھئاسين ته مون وٽ ھڪ ٻارڙو ڊوڙندو آيو ھن مون کي ڄانگري ٻير آڻي ڏنا ته جيئن مان اھي، کاوان، مون ٻير ورتا ۽ ان ٻار کان پڇيو ته پڙھندو آھين ،ڇھن ستن سالن جي ٻار جواب ھاڪار ۾ ڏنو ، ايئن ئي بي ڌياني ۾ مون کائنس پڇيو ته وڏو ٿي ڇا ٿيندين ؟ ھن سوال جي جواب ۾ انھيءَ ٻار جيڪو جواب ڏنو سچ ته ان جواب مون کي لوڏي ڇڏيو ۽ مان سندس اکين ۾ ڏسندو رھجي ويس. ٻار چيو ته مان وڏو ٿي سرماچار ( باغي ) ٿيندس. يعني معصوم ٻار جي به اھا سوچ ھئي ته وڏو ٿي ھٿيار کڻندو.

ان ڳالهھ کي يارھن سال گذري چڪا آھن اڄ اھو ٻار جوان ھوندو، مون کي خبر ناھي ته سندس ھٿ ۾ بندوق ھوندي يا ھو به کنڀي گم ڪيل سوين نوجوانن جي لسٽ ۾ ھوندو يا ڪٿي روپووشيءَ جي زندگي گذاريندو ھوندو، تڏھن اسان کي ماڻھن ٻڌايو ھئو ته ھن علائقي ۾ ڪوبه اھڙو ڳوٺ ناھي جتان جا نوجوان کنڀي گم نه ڪيا ويا ھجن يا ماريا نه ويا ھجن. خير اسين ته واپس آياسين .

پر صورتحال اھا آھي ته اڄ به بلوچستان ۾ ڊاڪٽر ماھ رنگ بلوچ جي اڳواڻي ۾ لاپتا ڪيل ماڻھن جي آزاديءَ لاءِ ڌرڻو جاري آھي ، گوادر سميت بلوچستان جا اڪثر شھر سيل آھن ، گوادر جي واقعي خلاف ڪراچي ۾ به احتجاج ڪرڻ ڏوھ بڻيل آھي ،سنڌ پوليس بلوچ عورتن کي کنڀي ٿاڻن ۾ واڙي رھي آھي. تاريخ جو عجيب اتفاق آھي ته اڄ بلوچستان ۾ به پيپلز پارٽيءَ جي سرفراز بگٽي جي حڪومت آھي، سنڌ ۾ به پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آھي ايئن پيو لڳي ته ذوالفقار علي ڀٽو دور ۾ نواب نوروز خان خلاف شروع ڪيل آپريشن اڄ تائين جاري آھي، اڌ صديءَ کان وڌيڪ وقت گذري ويو پر بلوچن جي آزادي ۽ خود مختياري جي جنگ اڄ ڊاڪٽر ماھ رنگ بلوچ جي اڳواڻي ۾ بلوچ نياڻيون وڙھي رھيون آھن. ڪالھه ذوالفقار علي ڀٽو سرڪار غلطيون ڪيون ھيون اڄ سندس پوئنير تاريخ ۾ ساڳيون غلطيون ورجائي رھيا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.